
اهو پنو جنهن تي اها مس نه لڳڻي هئي۔
اهو پنو جنهن تي اها مس لڳڻي هئي۔
ٻين مُلڪن ۾ ته ڪافي اڳ مقناطيسي مس استعمال ٿي ۽ شايد ڪٿي ڪٿي اڃان به ٿيندي هُجي پر گهڻو ڪري اليڪٽرانڪ مشينن جي استعمال ۽ ٽچ پيڊ اهو ڪم سؤلو ڪري وڌو آهي ته ٿوري خرچ ۾ ۽ بنا ڪنهن جا هٿ خراب ڪرڻ جي هن جي آڱوٺي جو نشان وٺي وٺجي۔ پر جيئن ته اليڪشن جهڙي موقعي تي ڪنهن مُلڪ جي گورنمنٽ پاران جهر جهنگ ۾ اها مشين پُهچائڻ ۽ انهيءَ جو ان وقت يا پوءِ ان جي رڪراڊ مان تصديق ڪرڻ نا ممڪن نه ته به اِلاهي ڏکيو ضرور آهي۔ انهيءَ تناظر ۾ هڪ وچون حل اهو ڪڍيو ويو ته هڪ اهڙي مس تيار ڪجي جنهن سان لڳل آڱوٺي جو نشان ان مهل نه پر ڪُجهه وقت پوءِ به مشين پڙهي سگهي۔ جيئن ته عام مس مشين نه ٿي پڙهي سگهي تنهنڪري مس ۾ لوهه جا ننڍي سائيز جا ذرا Iron Nano Particles وِڌا ويا جيڪي آڱرين جي نشانن جي ٿولهه کان به ننڍا هوندا آهن ۽ مس سان گڏ آڱرين جي اُڀار تي اچي بيهندا آهن ۽ جتي آڱوٺو لڳي ٿو اُتي رهجي ويندا آهن. جيڪو مشين لاءِ پڙهڻ ۽ اڳ (سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ مهل مشين تي هنيل آڱوٺي جو نشان) ڪمپيوٽر ۾ موجود ڊيٽا سان ڀيٽ ٿي سگهندا آهن.
اهو ئي ڪُجهه 2013 جي الڪيشن ۾ به ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن پاران هڪ تحقيقي اداري جي ذِمي اهو ڪم ڏنو ويو. جتي وڏو وقت تجربا ٿيندا رهيا ته اهي لوهي ذرا ڪيترا هُجن. مس ڪيتري هُجي جو نه گهٽ ٿئي نه وري صحيح نشان بجاءِ رڳو ليپو ڏيئي ڇڏي. ڪافي ڪوشش کان پوءِ ڪُجهه سئمپل اليڪشن ڪميشن پاران (نادرا کان قبوليت ملڻ تي) چونڊيا ويا ۽ اهي ئي لکن جي تعداد ۾ تيار ڪيا ويا.
هاڻ اصل مسئلو هو اهي استعمال ڪرڻ جو. پاڻ وٽ مٿين سطح تي پاليسي ٺهڻ يا شئي جو تيار ٿيڻ ته ڪو مسئلو ئي ناهي. پر اصل ڳالهه هوندي آهي انهيءَ جو لاڳو ٿيڻ. اليڪشن جو ڪم عملي طور ماستر برادري تي ۽ نظام سنڀالڻ لاءِ جج صاحبان جي مدد ورتي ويندي آهي. استادن کي نه ملڻ جيترو معاوضو ملڻ ۽ پُڇا ڳاڇا نه هُجڻ ڪري اهي هر ڪم سدائين آسان وٺندا آهن. ڀلا جي ڪا پڪڙ ٿي به ته ڏِنو پُٽ ڇُٽي جو واري ڪار ته آهي ئي. تنهنڪري ڪنهن کي ڪا فڪر نه هوندي آهي. ياد ٿو اچي ته هڪ ماستر (جيڪو سؤٽ به ٿئي) ٻُڌايو ته ”اها مس استعمال ڪرڻ جي ٽريننگ تي وياسين ته سڄو ڏينهن ويهاري شام جو ٿڌي برياني ۽ گرم جوس ڏيئي چيو ويو اوهان کي مس جي استعمال جو طريقو اليڪشن واري ڏينهن ملندو سو به لکت ۾“. اهو الائي کين مليو الائي نه. مليو به هوندو ته ايجنٽ، اميدوار، با اثر ماڻهن جي ڊپ ۽ پيهه پيهان ۾ ڪنهن پڙهيو يا نه اها ڪنهن کي خبر؟
انتهائي اهم ڳالهه هئي انهيءَ مس کي استعمال ڪرڻ جي ته اها صرف اليڪشن ڪميشن پاران ڏنل ووٽر لسٽ تي فوٽو جي ڀرسان لڳڻي هئي. جنهن جو پنو اُنهيءَ معيار جو هو جنهن تي اها مخصوص مقناطيسي مس لڳي ۽ بيهي سگهي. جڏهن ته بيلٽ پيپر جي ڦاڙڻ کان پوءِ بچيل حصي جي پني جو معيار اهو نه هو جو اها مس انهيءَ تي بيهي سگهي يا اهو پنو مشين کي پڙهائي سگهجي. پر اليڪشن عملي اڪثر ته اهي پيڊ وِڌا کيسي ۾ (ڇو ته اهي ڏسڻ ۾ سُٺا ٿي آيا) يا صحيح جاءِ تي لا علمي ۾ استعمال نه ڪيا ويا. جيڪي عام پيڊ هئا (بيلٽ پيپير تي هڻڻ لاءِ هُنن اهي ئي سڀني هنڌ هلايا جن ۾ مقناطيسي مَس هئي ئي ڪانه) يا وري ڪي ڪٿي استعما ڪيا ته ڪي ڪٿي.
هاڻ جڏهن اليڪشن ڪميشن لسٽ موڪلي ٿي نادرا ۾ ته صرف اها لسٽ ٿي وڃي جيڪا مقناطيسي مس لاءِ مقرر هئي. يعني اميدوار جي فوٽو واري اڇي پني واري لسٽ. ظاهر آهي صحيح طرقيي سان ڪم ته سڄي تڪ ۾ ڪو 5 فيصد عملي مس ڪيو هوندو. اهڙي طرح 50000 مان رڳو 500 وؤٽ تصديق ٿيڻ يقيني هو.
بهتر ٿيندو ته اها ڳالهه ميڊيا ذريعي توڙي ٻين طريقن سان عام عوام توڙي عملي کي بار بار ٻُڌائي وڃي ته رڳو ٿوري احتياط سان ڪوڙين رپين سان تيار ٿيندڙ اها مس ڪٿي ۽ ڪيئن استعمال ٿيڻي آهي؟