مُحمد علي جناح المعروف قائد اعظم سنڌي ڇو نٿو تسليم ڪيو وڃي؟ تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ لُغت ۾ سنڌي هر اُن شخص کي چئج سگهجي ٿو جيڪو دُنيا جي ڪهڙي به ڪُنڊ ڪُڙڇ مان نڪري آيو هجي لڏ پلاڻ ڪري اچي سنڌ ۾ رهندڙ هُجي، بلخصوص سنڌ ڄائو هُجي، سنڌ جي تهذيب، تمدن ، سماج سان پيار ڪندڙ ۽ اپنائيندڙ هُجي چاهي اهڙو ڪو به شخص يا اُن جا وڏا دُنيا جي ڪنهن به حصي مان لڏي آيا هُجن. سنڌ کي ڌارين ٻولين ۾ يا پنهنجي ٻوليءَ ۾ ۽هر دئور ۾ ڪڏنهن انڊس ويلي(ماٿري)، ڪڏنهن مهراڻ ۽ هاڻ سنڌ جي نالي سان پُڪاريو وڃي ٿو ته اڄ سنڌ جي نالي سان سُڃاتو وڃي ٿو. برصغير (انڊيا) انڊس جو مفهوم ته انڊس (سنڌو نديءَ جو مفهوم) آهي ۽ پوري انڊس ماٿري، سنڌ جو ئي مفهوم آهي، جنهن جون سرحدون صرف اڄ جي سرحدن تائين محدود ناهن. انڊس ماٿري هڪ وڏي ماٿري آهي، جنهن جي تهذيب ۽ تمدن جا نشان ڪشمير تائين ته ٻوليءَ جي مشابهت واريون ٻوليون، هندڪو، ڪشمير تان هلندي اڄ سنڌ تي اچي ڇوڙڪن ٿيون جن مان ثابت ٿئي ٿو ته ڪُن صدين جوڙيل اڳوڪو مُتحده هندستان به انڊس ويلي يا سنڌو ماٿري يا مهراڻ جو ئي هڪ حصوهو. انهيءَ سنڌو ماٿريءَ جي مُتحده هندستان ۾ هڪ رياست گُجرات به آهي ۽ انهيءُ گُجرات ۾ مُسلمانن ۽ سنڌ جي واڻين کان علاوه ٻيون به سنڌي قومون آباد هُيون، جيڪي پنهنجي مذهبي پيروڪارن ذريعي مُتعارف ٿينديون رهيون آيون آهن، سنڌ جي بابل اسلام جو ڪارڻ ئي اهو هو ته اسلام قبول ته ٿيندو ويو پر اُهو بردري نظام تحت طبقن ۾ به سڃاڻڻ لڳو هو جهڙوڪ بوقت جا وهري، ميمڻ ياا کوجا (خواجه يا اسماعيلي )وغيره. هي ڪاروباري پيشي سان منسلڪ آهن. تمام گهڻو پهرئين نه پرسال 1850 کان به گهڻو اڳ جي ڳالهه آهي ته اڄ جو سامونڊي شهر، اڳ جو سڏايل مائي ڪلاچي ڳوٺ ، جيڪو مڪراني مُهاڻن تي مشتمل هو ۽ سنڌ جي تاريخي جو موريو ۽ مانگر مڇ وارو علائقو، بشمول کارادر (کاري پاڻيءِ وارو علائقو) ۽ مٺادر (مـٺي پاڻيءَ سان) ڀريل هو. هي اُن دئور جي ڳالهه آهي. سال 1850ع ۾ سنڌ ماٿريءَ جي گڏيل هندستان جي شهر گجرات ۾ اسماعيلي خواجه خاندان ۾تاريخ جي هڪ وڏي ڪردار محمد علي (المعروف قائد اعظم) جو والد جينا ڀائي پونجا ڄائو هو. گڏيل هندستان جي تاريخ ۾ ذڪر ٿيل ٻن رهنمائن جناح ۽ گانڌيءَ جا وڏڙا گجرات جي هڪ علائقي ۾ راجڪوٽ حد ۾ تقريبن 30 ميلن جي وڇوٽيءَ سان رهندا هُئا ۽ گجرات جي نسبت ٻئي خاندان گُجراتي زبان پڻ اڳلهائيندڙ هُئا. ٻنهين خاندان جا پاڻ ۾ گهڻا واسطا به رهندا آيا . اڳتي هلي جينا ڀائي پونجا جي شادي پنهنجي ئي اسماعيلي خاندان ۾ ئي (مٺي ٻائي) نالي گهريلو پر سُلڇڻي عورت سان ٿي. اجڏنهن جينا ڀائي پونجا کي ڪاروبار ۾ نقصان رسيو ته هو لڏ پلاڻ ڪري سنڌ جي هڪ ڳوٺ (جهرڪ) ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، ڇو جوجهرڪن ۾ اُن وقت اسماعيلي خواجائن جو وڏو انگ رهندو هو. جتي مٺي ٻائيءَ مان ، کيس 25 سالن جي عمر ۾، 20 آڪٽوبر 1875ع ۾ محمد علي جناح جو جنم ٿيو.
محمد علي جناح جو ڄم (جهرڪ) شهر ۾ 20 آڪٽوبر 1875ع ڌاري نارمل طريقي سان بلڪل ڪونه ٿيو هو ۽ سندس وزن به ڄم وقت به گهٽ هو ۽هو تمام گهڻو ڪمزور پئدا ٿيو هو. جهرڪ ۾ رهائش ڪري خواجا فيملي گُجراتي زبان سان گڏ، سنڌي زبان مان به واقف هُئي ۽ اُها سنڌي ائين ڳالهائي ويندي هُئي جيئن اڄ جا ڪڇي يا ڪاٺياواڙي ڪراچيءَ ۾ ڳالهائين ٿا. جناح جڏنهن پاڻ 6 سالن جي عمر جا ٿيا ته سندن پڙهائي خاطر ۽ ڪاروبار ۾ واڌ لاءِ هي خاندان سامونڊي شهر ڪراچي ۾ لڏي آيو تيستائين کارادار جو پاڻي به سُڪي چُڪو هو، جتي آبادي وڌڻ لڳي ۽ سگهوئي ڪاروباري طبقن واري خاندانن جا گهڻا ئي گهر آباد ٿي ويا ، جن جو سڄي ڪاروبار جو دارومدار ڪيماڙي تي ايندڙ سامونڊي جهازن لنگر ٿيڻ تي هو. قائد جي فيملي به اتي وزير مينشن نالي هڪ گهر کي خريد ڪيو ۽ جناح جي فيملي ورا اُتي هميشه لاِءِ رهائش پذير ٿي ويا. اُن وقت ڪراچيءَ ۾ سنڌ مدرسه السلام نالي سنڌ جو هڪ وڏو ادارو قائم ٿيل هو جنهن سان گڏ هڪ وڏي هاسٽل به هُئي جنهن ڪري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان به الاهي ناميارا خطابي داخل ٿيا جن جو سنڌ جي سياست ۽ علميت ۾ وڏو حصو ۽ غلبو هو. قائد اعظم جي وڏڙن 6 سالن جي ڄمار ۾ کيس هڪ پرائيوٽ ٽيوٽر رکي ڏنو هو جيڪو کيس اي بي سي ۽ انگ اکر پڙهائيندو رهيو هو ۽ پوءِ کيس سگهوئي سنڌ مدرسه السلام ۾داخل ڪرايو ۽ جتي سندس پهرئين جنم تاريخ 20 آڪٽوبر 1875ع لکيل آه ۽ اڃا تائي اُها رڪارڊ تي به رکيل آهي. جناح کان پوءِ يڪي بعد ديگري، سندس امڙ (مٺي ٻائيءَ )کي ٻيا 6 ٻار ڪراچي شهر ۾ ڄاوا هُوا، جڏنهن ته فقط محمد عليءَ جو جنم جهرڪ شهر ۾ ٿيو هو.۽ اهي ٻار بترتيب رحمت ٻائي، مريم ٻائي ، فاطمه ٻائي ، شيرين، احمد علي ڀائي ۽ بنده علي ڀائي هُئا. يعني جناح کي چار ڀينرون ۽ ٻه ڀائُر هُئا. جيئن ته جناح ڄم کان ئي نه صرف جسماني طور تي ڪزور بلڪه ڪٺ قد ۾ تمام سنهڙو ۽ ڊگهو به هوان ڪري کيس گجراتي زبان جي لاڏ واري لفظ (ممد) سان گهر ۾ سڏيو ويندو هو. جناح جا مائٽ جيئن ته بمبئي شهر ايندا ويندا ۽ ڪاروباري ڪمن ڪري رهائش به رکندا هُئا ان ڪري جناح کي ٻٽي دفعا سنڌ مدرسه الاسلام کي خيرباد چئي بمبئيءَ ۾ به تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڃڻو پيو پر سگهوئي وري اچي سنڌ مدرسه الاسلام ۾ داخلا وٺڻي پئي، اهو ئي سبب هو جو هر داخلا وقت سندس ڄم ڏينهن ۽ تاريخ تبديل ٿيندو رهيو ۽ بجاءِ 20 آڪتوبر 1845ع جھم شهر جهرڪ جي 25 ڊسمبر 1876ع ۽ ڄم شهر ڪراچي وزير مينشن رڪارڊ ٿيڻ لڳو. جناح جو ڄم چاهي جهرڪ ۾ ٿيل هُجي يا ڪراچي شهر ۾، جيئن ته اهي ٻئي سنڌ جا علائقا هُئا ان نسبت سان جناح صاحب اسان ث توهان وانگر يا اسان جي پيرن، ميرن، پٺاڻن وانگر جن جا والدين به بغداد، ايران يا ٻين علائقن مان لڏ پلڻ ڪري سنڌ اچي وسيا ۽ سنڌي سڏيا ، قائد به سنڌ ماٿريءَ جي گڏيل هندستان ۾ رهندڙ ئي هڪ سچو ۽ خالص سنڌي ئي هو.
محمد علي جناح شروع کان ئي مائٽن جو چئيدار اولاد هو، گهٽ گفتگو ڪندڙ پڻ هو ۽ جڏنهن هو ڪراچيءَ ۽ بمبئي ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ جڏنهن 16 ورهين جي عمر کي پُهتو ته سندن مائٽن کي سندس شاديءَ جو خيال آيو. محمد علي جناح نٿي چاهيو ته سندس ننڍڙي عمر ۾ ئي شادي ٿئي، ۽ هن چاهيو ٿي ته هو اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ئي شادي ڪري ، پر ڇا ڪجي جو سنڌ ۾ اهوئي رواج هو۽ هو هڪ چئيدار اولاد هو، هن کي مائٽن جي فيصلي اڳيان سر جهڪائڻو پيو. سندس مائٽن هُن لاءِ 14 سالن جي هڪ سُلڇڻي اخلاق رکندڙ ڇوڪري (امي ٻائي) ڳولي ۽ سندس شادي ڪرائي. امي ٻائيءَ جو ڪڏنهن به جناح سان مُنهن مُهانڊو نه ٿيو هو ڇو جو هوءَ گُجرات شهر جي هڪ ڳوٺ (پائيليءَ) سان تعلق رکندي هُئي ۽ سنڌ رواجن موجب مائٽن جي مرضيءَ ۽ پسند سان هن جي شادي ٿي هُئي. شاديءِ جي ڪُجهه ئي ڏينهن کئي گُذرڻ کان پوءِ ِ، محمد علي جناح پنهنجي زال (امي ٻائي) کي پنهنجن ئي مائٽن ۾ ڪراچيءَ شهر ۾ ڇڏي پاڻ قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ولايت هلي ويو ۽ پاڻ 1893ع ۾ 20 سالن جي عُمر ۾ بيريسٽيريءَ جو امتحان پاس ڪري ولايت مان موٽي ڪراچي هليو آيو هو. ان وقت گانڌي به لنڊن (ولايت) ۾ بيريسٽيري پڙهندو هو ۽ ٻنهين گڏ ئي بيريسٽيريءَ جو امتحان پاس ڪيو هو. قائد جڏنهن بيريسٽري پاس ڪري 20 سالن جي عمر ۾ واپس ڪراچي لٿو ته اُن کان اڳ ئي سندس ماءُ (مٺي ٻائي) ۽ زال ( امي ٻائي) وفات ڪري چُڪيون هُيون. هو اهو غم سهي نه سگهيو ۽ ڪراچي ڇڏي بمبئي اچي ويو. جناح ۽ گانڌيءَ جي مائٽن جو گُجرات سان تعلق هُئڻ ڪري هنن جا پاڻ ۾ به بهترين تعلقات هُئا. جناح طبيعتن نرم دل، ٻار وانگ معصوم شخصيت جو مالڪ هو هو هڪ عملي قسم جو ماڻهون هو. 1917ع ۾ جڏنهن گجرات سڀا جي صوبائي پوليٽيڪل ڪانفرنس ٿي ته گانڌيءَ خواهش ڪئي ته جناح انگريزيءَ بجاءِ گُجراتيءَ ۾ تقرير ڪري، کيس مان ڏيندي پوءِ جناح ان تقرير جي شروعات گُجراتي زبان سان ڪئي ۽ پوءِ باقي 40 منٽ هو انگريزيءَ ۾ تقرير ڪرڻ لڳو. جناح پير پاڳاري جي غير قانوني گرفتاريءَ وارو ڪيس به سکر ۾ اچي وڙهيو، هي ڪيس سکر جي اسپيشل ڪورٽ ۾ هليو هو. سکر ۾ ڪيس دوران جناح سکر شهر جي گورنمنٽ سرڪٽ هائوس ۾ رهيو هو، جناح ان وقت ڪيس جي في روزانو بُنياد تي 500 رُپيا وٺندو هو، جيڪي اُن وقت ۾ تمام گهڻي في هُئي پر انهيءَ ڪيس ۾ پير پاڳاري کي سزا اچي وئي هُئي.
ماءُ ۽ زال جي وفات کان پوءِ جناح بمبئي ۾ اچي پريڪٽس ڪئي ۽ پنهنجو ڪاروبار به سنڀاليو. جناح گڏيل هندستان ۾ جيڪي ٽي وڏيون ڪمپنيون مشهور هُيون جهڙوڪ ٽاٽا اسٽيل، بمبئي ڊائننگ، ٽراموي ڪمپني جناح به انهن ۾ حصيدار هو هنن ٽنهين ڪمپنين ۾ جناح جي اُن وقت 14 لکن جي سرمياداري ٿيل هُئي، هو هڪ بهترين ڪاروباري شخصص هو پنهنجي سرمائي کي وڏي احتياط ۽ سوچ ويچار سان ڪٿي استمال ڪندو هو، هو سٽي بازيءَ ۽ قسمت آزمائي جهڙن ڪاروبارن ۾ شامل نه هو سندس وفات وقت سندس اثاثن جي ماليت ڪروڙن تائين پُهچي وئي هُئي. هن انهن مان 6 لک علي ڳڙه يونيورسٽيءَ لاءِ به وقف ڪيا هُئا، 1926ع ۾ ڪلڪتي مان چپيل انهن ٽنهين مشهور ڪمپنين ۾ جن وڏن وڏن حصيدارن جا نالا آهن جناح به انهن مان هڪ جو هو. جناح جڏنهن گرمين جون ٻه مهنا موڪلون گُذارڻ ڊارجلنگ ويو جتي هو ڊنشا وٽ مهمان طور ترسيل هو هن کي ڊنشا جي 16 سال نياڻي رتي ٻائيءَ سان عشق ٿي پيو، رتي به کيس ايترو ئي گهُرندي هُئي پر (رتي ٻائيءَ) جا والدين محمد علي جناح جي شادي جناح سان ڪرائڻ لاِ راضي نٿ ٿيا ڇو جو 16 سالن جي عمر ڪري رتي ٻائي شاديءَ جي عمر کي نه پُهتي هُئي، ناڪام ٿيڻ تي رتي ٻائي ۽ جناح ڪورٽ ميريج ڪرڻ جي ڌيان ۾ هُئا ته رتيءَ جي والدين اها شادي رُڪائڻ لاءِ ڪورٽ سان اڳ ئي رُجوع ڪري ورتو ۽ ڪورت مان منع نامون حاصل ڪري ورتو. ڪورٽ اُن آرڊر منع نامي تحت، رتيءَ ۽ جُناح جي ملڻ تي به پابندي هڻي ڇڏي هُئي. پوءِ جڏنهن رتي ٻائي 18 ورهين کي پُهتي ته پنهنجي والدين جي گهر کي ڇڏي جناح وٽ هلي آئي ۽ هُنن 19 اپريل 1918ع ۾ شادي ڪئي. رتي ٻائي مُسلمان ڪانه هُئي پر شاديءَ کان ٽي ڏينهن پهرئين هن اسلام قبول ڪري ورتو هو. هن جو پاڻ ۾ قرب 10 سالن کان وڌيڪ نه هلي سگهيو، ڇو جو عمرن جي تفاوت، سوچ ۽ هم خيالي هم مزاجي نه هُئڻ ڪري ٻنهين جي وچ ۾ طلاق ٿي وئي، خلا (جُدائي وارو هڪ قانون) وٺڻ کان پوِ سگهوئي رتي ٻائي سخت بيمار رهڻ لڳي ۽ کيس پيئرس جي هڪ نرسنگ هوم ۾ داخل ڪيو ويو پر هوءَ صحتياب ٿي نه سگهي بلآخر 20 اپريل پنهنجي جنم ڏهاڙي 1929ع ۾ هوءِ هي جهان ڇڏي هلي وئي. جناح جيئن ته رتي ٻائيءَ سان گهڻو پيار ڪندو هو، رتيءَ جي وفات کان پوءِ جناح جي مزاج ۾ به سختي ۽ افسردگي وڏندي وئي ۽ پاڻ به مارچ 1934 ۾ سخت بيمار ٿي پيو، کيس بيماريءَ ۾ غشي طاري ٿي وئي هُئي.
قائد جڏنهن بيريسٽري پاس ڪري 20 سالن جي عمر ۾ واپس ڪراچي لٿو ته اُن کان اڳ ئي سندس ماءُ (مٺي ٻائي) ۽ زال ( امي ٻائي) وفات ڪري چُڪيون هُيون. هو اهو غم سهي نه سگهيو ۽ ڪراچي ڇڏي بمبئي اچي ويو. جناح ۽ گانڌيءَ جي مائٽن جو گُجرات سان تعلق هُئڻ ڪري هنن جا پاڻ ۾ به بهترين تعلقات هُئا. جناح طبيعتن نرم دل، ٻار وانگ معصوم شخصيت جو مالڪ هو هو هڪ عملي قسم جو ماڻهون هو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪو ڪئين چوي ڪو ڪيئن چوي۔۔۔۔جهڙي ريت ڪنهن انسان کي پنهنجا حمائتي ملندا آهن اهڙي ريت وري ان کي مخالف پڻ ملندا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ جڏهن وري ڪو شخص وڏو ماڻهون هوندو آهي ته ان کي اهي ٻئي ڳالهيون ان حساب سان ملنديون آهن، ۽ جناح سان به اهيو حساب ڪتاب آهي، ڪن جو چوڻ آهي ته جناح پڪو مسلمان هو، ته ڪن جو وري چوڻ آهي ته جناح هڪ سيڪيولر شخص هو، مطلب ته جيرا وات اوتريون ڳالهيون۔ سنڌ جي سائين محترم سائين جي ايم سيد ته جناح جي هميشه شڪايت ئي ڪئي آهي، سياسي حوالي سان توڙي مذهبي ۽ ذاتي حوالي سان۔۽ سائين جا پوئلڳ به سائين جي پيروي ڪندا پيا اچن۔ ڪجهه ڌريون ته اهڙيون به آهن جيڪي اهيو چوڻ مجبور آهن ته جناح انگريز جو ايجنٽ هو، ۽ انگريزن کي ائين ڪرڻو هو۔ ُغيره۔۔۔۔۔۔۔ باقي ته الله بهتر ٿو ڄاڻي۔ باقي اهيو ته دنيا جو قانون آهي جيڏي وڏي شخصيت اوڏي وڏي حمايت ۽ مخالفت۔
جناح کي جناح ڇو چيو ويندو آهي۔۔۔ اهو به هڪ بحث طلب موضوع آهي ۔۔۔۔ محمد علي سنڌي هيو ان ۾ ڪو شق ناهي، هو جهرڪن ۾ پيدا ٿيو پر اڄ جي پاڪستان جي تاريخ ان کي نه ٿي مڃي ۔۔۔ ڇا ڪجي۔ ان ۾ ڪو شق ناهي ته هو ذهين ۽ وڏو ماڻهو هيو۔
1901ع ۾ مسٽر چارلس قائد اعظم کي پنهنجي بئنچ ۾ نوڪري ڪرڻ جي آڇ ڪئي هُئي ۽ پگهار طور ان وقت 1500 رپيا مهنو پگهار چيو هو پر قائد اه آڇ ٺڪرائي ڇڏي، هن اهو چوندي کيس ورندي ڏني ته چارلس! اهو ڏينهن پري ناهي جڏنهن مان روزانون 1500 روپيئه ڪمائڻ لائق ٿي ويندس. قائد في ڪيس روزانو بنياد تي 500 رپيا في وٺندو هو. جناح کي ان وقت سڏجندڙ هڪ خطرناڪ بيماري ٽي بي (سلهه ) ٿي پئي هُئي جنهن جي ڪري سندس ڪمزور جسم ويتر سنهڙو ٿيندو ويو، پاڻ جسم تي جيڪو سوٽ پائيندا هُئا تمام ڍلو لڳندو هو. هن بيماريءَ جو ان وقت ڪو سدباب نه هو ۽ بلآخر سندس اها بيماري ڦڦڙن جي ڪينسر ۾ تبديل ٿي وئي، ڊاڪٽرن ان وقت کيس ڦڦڙن جي آپريشن جي تجويز پڻ ڏني هُئي پر سندس ڪمزور ۽ جسماني حالت ڪري اهو آپريشن ممڪن نه ٿي سگهيو. قائد سگريٽ تمام گهڻا ڦوڪيندوهو، هو روزانون پنجاهه کان وڌيڪ سگريٽ پي ويندو هو. ڊاڪٽرن کيس بيماريءَ ڪري کيس صرف هڪ سگريٽ روازانون پيئڻ جي اجازت ڏني هُئي. پر جناح ان مشهوري تي عمل نه ڪيو جيڪا سله جي بيماري لڳي سان ڦڦڙن جي ڪئنسر ۾ تبديل ٿي وئي. کيس صاف آبهوا حاصل ڪرڻ لاءِ زيارت (بلوچستان) منتقل ڪيو ويو هو. زيارت ۾ ان بيماريءَ دوران قائد تي نمونيا جو به حملو ٿي پيو ان ڪري کيس وري زيارت کان واپس ڪراچي آندو ويو. قائد کي جڏنهن ڪراچي آندو ويو ۽ جنهن ايمبيولنس ۾ منتقل ڪيو ويو هو ان ايمبيلنس ۾ آڪسيجن گئس ئي ڪانه هُئي، ٻيو ته اسپتال وڃڻ دوران عين وقت ايمبيلنس جو پيٽرول به ختم ٿي ويو هو، انهن سببن ڪي مشڪوڪ ڏٺو ويندو آهي ته آخر ائين ڇو، ملڪ ڏيندڙ اهڙي قائد لاءِ اهڙي غفلت ڇو ۽ ان پُٺيان ڪير هو. اهڙا هزارين سوال ذهنن ۾ اُڀرن ٿا. بقوم ڀيڻس فاطمه جناح، ادا جي اهڙي ته ڪمزور حالت ٿي وئي هُئي جو آخري ڏهاڙن ۾ ته هو پنهنجي جسم يا چهري تام هڪ مک کي هڪلڻ جي قوت به نه رکندو هو. بلآخر بانيءِ پاڪستان، هڪ بهترين وڪيل جي زندگيءَ جو ڏيئو 11 سيپٽمبر 1948ع تي صبح جو 10 لڳي 20 منٽن تي اجهامي ويو. انا لله وانا اليه راجعون. جناح کي پنهنجي ٻي زال رتي ٻائيءَ مان هڪ ڌيءَ (دينا) پڻ هُئي دينا جيئن ته رتيِ سان رهندي آئي ۽ پارسي ناناڻن سان تعلق رکندڙ هُئي جن کيس هڪ پارسي پرڪر ڪرسچن مذهب سان تعلق رکندڙ (نيولا واڊيا) سان شادي ڪرائي ڇڏي جنهن ته جناح کي تمام گهڻو اعتراض هو ساڳيءَ ريت جيئن پارسي سهري مسڙ ڊنشا کي جناح ۽ رتي ٻائيِ جي شادي ڪرڻ تي ٿيو هو. قائد کي اهڙي ڪاوڙ هُئي جو هو پنهنجي ڌيءَ دينا کي ڌيءَ ڪري نه پر (مس واڊيا) ڪري سڏيندو هو. قائد اعظم جي وفات جو ٻُڌي پهريون ڀيرو سندس ڌيءَ (دينا) ڪراچي آئي هُئي ان کان اڳ هوءِ ڪراچي هرگز نه آئي هُئي. قائد اعظم اسماعيلي فرقي سان تعلق رکندو هو، هو خواجه تنظيم جو ڪارڪن پڻ هو ۽ ان کي باقائدهه سان چندو ڏيندڙ به هو۔ .هن تصوير ۾ قائد اعظم سُني طريقي سان نماز پڙهي رهيو آهي۔ قائد اعظم جي هڪ ويجهي دوست ابوالحسن اصفهاني پنهنجي ڪتاب (قائد آءِ نو هِم) ۾ لکي ٿو ته هن 1898ع ۾ بمبئي مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ هڪ حلف نامو جمع ڪرايو تو هو ۽ اُن جي ڀيڻ فاطمه اڄ کان اسماعيلي فرقو ڇڏي اثنا عشري شيعا مسلڪ اختيار ڪن ٿا. جڏنهن قائد جي وفات 11 سيپٽمبر 1948ع ۾ ٿي ته هن جي مڙهه کي (حاجي ڪلوءَ) غسل ڏنو هو، جيڪو خود به خواجه هو۽ خواجه جماعت ۾ مڙهن کي غسل ڏيڻ لاءِ مقرر ٿيل هو. چون ٿا ته قائد اعظم جون ٻه جنازه نمازون پڙهيون ويو هڪ ان جي گهر تي علامه مولانا انيس الحسنين مرحوم شيعه عقيدي تحت پڙهائي ، جڏنهن ته ٻي جناز نماز علامه شبير احمد عشمانيءَ، ڪي چون ٿا ته جناح جي جنازي کي کڻي ايندڙ ايمبيولنس تي الم ڦڙڪي رهيو هو. (والله اعم).
اهڙي طريقي سان سنڌ جي سائين محترم سائين جي ايم سيد صاحب جون به نمازون پڙهيون ويون آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين جي ايم سيد صاحب جي تڏي تي ته هندن گيتا، عيسائين انجيل ۽ مسلمانن( سني پنهنجي طريقي سان ۽ شيعن پنهنجي طريقي سان) پنهنجون رسمون ادا ڪيون آهن۔ صوفي ( موجوده دور جا صوفي سڏائيندڙ ) وري پنهنجي طريقي سان مذهبي رسمون ادا ڪيون هيون۔ هت هرڪو آزاد آهي، هت هر ڪو جو ئي آهيان سو ئي آهيان لڳو پيو آهي۔
سنڌ اسيمبلي ۾ وري قائد اعظم جي ڄم تاريخ تي بحث پيو هلي. ان نسبت سان هي مضمون وري پڙهو ڇو جو قائد اعظم کي غير سنڌي ثابت پيو ڪيو وڃي.
If you are saying that a person who is a migrant and living in Sindh is a Sindhi. How will you prove it because if a Sindhi has been living in Dubai since many generations, obviously he is a Sindhi because he cannot be an Arab.
if those people who are living in Canada but they are speaking Balochi and they are keeping up their culture and their language. Thus, we have no authority to call them Canadian. They are Baloch whether they are living in Balochistan or Canada. Likewise please don’t mingle nations in boundaries.
ڪاشف بلوچ مهرباني ڪري انڊس سولائيزيشن کي براڊ اسپيڪٽرم ۾ ڏسو ۽ انهن جي حدن جو طعين ڪريو. سنڌ اوتري ناهي جيتري اڄ پاڪستان جي نقشي ۾ پُهتي آهي. انڊس رِوَر (دريا سنڌ) جي ٻنهين ڪنارن طرف آبادين ۽ رهندڙن کي سنڌي چئبو آهي ۽ اهو دريا تبت جي پهاڙن کان شروع ٿئي ٿو اهوئي سبب آهي ته انڊس سولائيزيشن (وادي سنڌ) يا (وادي مهراڻ) 7000 بي سي کان هلندي اچي ۽ اها واحد تهذيب آهي جيڪو اڃا به وُجود رکي ٿي. سنڌ جو پراڻو نالو جيڪو يوناين ورتو اهو انڊوس هو جيڪو پو انڊس بڻجي ويو ۽ بل آخر انڊيا بڻجي ويو يا سنسڪرت زبان ۾ هندس (ڇوليو هڻندڙ پاڻي) يا هندستان پيو. ته دوست انڊس سولائيزيشن پوري سنڌ آهي ۽ مهراڻ ۽ سنڌ اسانجي اڄ جي زبان جا لفظ آهن.