Sindhi Media
سينيئر رڪن
مُحمد علي جناح المعروف قائد اعظم سنڌي ڇو نٿو تسليم ڪيو وڃي؟
تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ
لُغت ۾ سنڌي هر اُن شخص کي چئج سگهجي ٿو جيڪو دُنيا جي ڪهڙي به ڪُنڊ ڪُڙڇ مان نڪري آيو هجي لڏ پلاڻ ڪري اچي سنڌ ۾ رهندڙ هُجي، بلخصوص سنڌ ڄائو هُجي، سنڌ جي تهذيب، تمدن ، سماج سان پيار ڪندڙ ۽ اپنائيندڙ هُجي چاهي اهڙو ڪو به شخص يا اُن جا وڏا دُنيا جي ڪنهن به حصي مان لڏي آيا هُجن.
سنڌ کي ڌارين ٻولين ۾ يا پنهنجي ٻوليءَ ۾ ۽هر دئور ۾ ڪڏنهن انڊس ويلي(ماٿري)، ڪڏنهن مهراڻ ۽ هاڻ سنڌ جي نالي سان پُڪاريو وڃي ٿو ته اڄ سنڌ جي نالي سان سُڃاتو وڃي ٿو. برصغير (انڊيا) انڊس جو مفهوم ته انڊس (سنڌو نديءَ جو مفهوم) آهي ۽ پوري انڊس ماٿري، سنڌ جو ئي مفهوم آهي، جنهن جون سرحدون صرف اڄ جي سرحدن تائين محدود ناهن. انڊس ماٿري هڪ وڏي ماٿري آهي، جنهن جي تهذيب ۽ تمدن جا نشان ڪشمير تائين ته ٻوليءَ جي مشابهت واريون ٻوليون، هندڪو، ڪشمير تان هلندي اڄ سنڌ تي اچي ڇوڙڪن ٿيون جن مان ثابت ٿئي ٿو ته ڪُن صدين جوڙيل اڳوڪو مُتحده هندستان به انڊس ويلي يا سنڌو ماٿري يا مهراڻ جو ئي هڪ حصوهو.
انهيءَ سنڌو ماٿريءَ جي مُتحده هندستان ۾ هڪ رياست گُجرات به آهي ۽ انهيءُ گُجرات ۾ مُسلمانن ۽ سنڌ جي واڻين کان علاوه ٻيون به سنڌي قومون آباد هُيون، جيڪي پنهنجي مذهبي پيروڪارن ذريعي مُتعارف ٿينديون رهيون آيون آهن، سنڌ جي بابل اسلام جو ڪارڻ ئي اهو هو ته اسلام قبول ته ٿيندو ويو پر اُهو بردري نظام تحت طبقن ۾ به سڃاڻڻ لڳو هو جهڙوڪ بوقت جا وهري، ميمڻ ياا کوجا (خواجه يا اسماعيلي )وغيره. هي ڪاروباري پيشي سان منسلڪ آهن.
تمام گهڻو پهرئين نه پرسال 1850 کان به گهڻو اڳ جي ڳالهه آهي ته اڄ جو سامونڊي شهر، اڳ جو سڏايل مائي ڪلاچي ڳوٺ ، جيڪو مڪراني مُهاڻن تي مشتمل هو ۽ سنڌ جي تاريخي جو موريو ۽ مانگر مڇ وارو علائقو، بشمول کارادر (کاري پاڻيءِ وارو علائقو) ۽ مٺادر (مـٺي پاڻيءَ سان) ڀريل هو. هي اُن دئور جي ڳالهه آهي.
سال 1850ع ۾ سنڌ ماٿريءَ جي گڏيل هندستان جي شهر گجرات ۾ اسماعيلي خواجه خاندان ۾تاريخ جي هڪ وڏي ڪردار محمد علي (المعروف قائد اعظم) جو والد جينا ڀائي پونجا ڄائو هو. گڏيل هندستان جي تاريخ ۾ ذڪر ٿيل ٻن رهنمائن جناح ۽ گانڌيءَ جا وڏڙا گجرات جي هڪ علائقي ۾ راجڪوٽ حد ۾ تقريبن 30 ميلن جي وڇوٽيءَ سان رهندا هُئا ۽ گجرات جي نسبت ٻئي خاندان گُجراتي زبان پڻ اڳلهائيندڙ هُئا. ٻنهين خاندان جا پاڻ ۾ گهڻا واسطا به رهندا آيا .
اڳتي هلي جينا ڀائي پونجا جي شادي پنهنجي ئي اسماعيلي خاندان ۾ ئي (مٺي ٻائي) نالي گهريلو پر سُلڇڻي عورت سان ٿي. اجڏنهن جينا ڀائي پونجا کي ڪاروبار ۾ نقصان رسيو ته هو لڏ پلاڻ ڪري سنڌ جي هڪ ڳوٺ (جهرڪ) ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، ڇو جوجهرڪن ۾ اُن وقت اسماعيلي خواجائن جو وڏو انگ رهندو هو. جتي مٺي ٻائيءَ مان ، کيس 25 سالن جي عمر ۾، 20 آڪٽوبر 1875ع ۾ محمد علي جناح جو جنم ٿيو.

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: