ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن

سنڌ ڌرتي جي ڪک مان هزارين اهڙا سپوت ۽ انمول انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن جن مٿان سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن ناز ڪيو آهي، سنڌ ڌرتي کي جنهن به پنهنجو ڪيو آهي، سنڌ ڌرتي ان کي هڪ نه وسرندڙ سڃاڻپ ڏني آهي،
سنڌ تي جڏهن ايران جي هڪ بزرگ حضرت عثمان مروندي پير رکيو ۽ اچي سنڌ کي پنهنجو ڪيائين ته سنڌ ان کي قلندر بڻائي ڇڏيو، ۽ وري سنڌ جي سدا حيات شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي پنهنجو ڪيو تڏهن لالون لال لطيف، ۽ ڀٽ جو گهوٽ لطيف، بڻيو، جڳ مشهور عالم دين جناب مولانه عبيدالله سنڌي صاحب جڏهن پاڻ کي سنڌي سڏايو تڏهن وڃي مولانه عبيدالله سنڌي بڻيو، اهڙي ريت سنڌ ڌرتي تي هڪ سريلي آواز وارو شخص پيدا ٿيو جنهن جو نالو رحمان مغل هو ۽ ان جڏهن سنڌ کي پنهنجو ڪيو تڏهن وڃي سنڌ جو ٻيجل ثاني سرمد سنڌي بڻيو۽ هت مان توهان لاءان ٻيجل ثاني سرمد سنڌيجي زندگي تي ڊاڪيومينٽري وڊيوز پيش ڪيان ٿو باقي توهان پاڻ ڏسو ۽ ٻڌو( سرمد سنڌي سنڌ جو اهو فنڪار هو جنهن ڪڏهن به بازاري شاعري نه ڳائي ۽ صرف انهن شاعرن جا شاعري ڳائي جن شاعرن وٽ سچو عشق هو زندگي جو ڪو سبق هو ، پيغام هو نظريو هو سرمد سنڌي جنهن کي ٻارن کان وٺي سنڌ جا نوجوان توڙي وڏي عمر وارا ماڻهون پڻ هڪجهڙي محبت، عزت ۽ احترام سان ٻڌندا هوا سرمد کي روبرو مون تڏهن ڏٺو هو جڏهن هو اسان جي پاڙي دادو ۾ محترم محرم علي لنڊ بلوچ صاحب جيڪو منهنجو ڪلاس فيلو ۽ هڪ سٺو دوست پڻ آهي۔ ( مشهور مسيقار محرم ناز ) وٽ ايند هئا۔ ۽ سندس آخري راڳ جي محفل به دادو شهر ۾ نصيب ٿئي۔ ۽ مون کي اڄ به سندس ڳايل ڪلام ڪهاڙي منهنجي ڪنڌ تي آء نچندو اچان ، جيئي سنڌ، جيئي سنڌ آء چوندو اچان۔ ياد آهي، ۽ جنهن محفل ۾ سرمد اهيو ڪلام ڳايو هو اتي وقت جو هڪ وزير ۽ دادو پوليس جو ايس ايس پي پڻ ويٺل هئا، مگر سنڌ جي هڪ جوان پنهنجي نوڪري جي پرواه به نه ڪندي پنهنجي پوليس واري وردي سان هٿ ۾ پوليس رائيفل کڻي انهيء سرمد جي ڳايل ڪلام تي نچڻ شروع ڪيو هو ، جنهن جي خبر ان وقت جي اخبارن ۾ پڻ لڳي هئي۔ ) .ممتاز علي وگهيو۔
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔



انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: