صحيح ترتيب واري الف (انب) بي (بلان) ٻي (ٻڪري) پي (پلو) ڀي (ڀولڙو) بدران غلط تّختي جو وجود ڇو؟

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏29 ڊسمبر 2013۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,746
    ورتل پسنديدگيون:
    4,291
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG][​IMG] !

    هي اصلي ۽ پُراڻي (اوريجنل) سورتختي
    (ا ب ٻ پ، ڀ، ت، ٺ ٽ، ث، ٿ، ف، ڦ گ، ڳ ڱ ...وغيره )جي ترتيب واري تختي ڏيو يا سنڌ ادبي بورڊ وارن سان يا محترم ابراهيم جويو گروپ سان رابطو ڪريو، سنڌي زبان جي ائين ئي ٽنگ ڀڄجندي اچي هاڻ ته اڙدو، اُترادي، لاڙي ۽ هندي لفظ اصلي ۽ سولي سنڌيءَ شامل ٿيندا پيا اچن اها ٻوليءَ جي خدمت ڪانهين. ٻولي اها جيڪا سولي، اصلي سنڌي هُجي، اهي ڌاريان لفظ ڀلي سنڌي ڊڪشنريءَ جو حصو ته بڻايا وڃن پر اوريجنل ۽ اصلي نصابي سنڌيءَ ۾ هرگز شامل نه ڪيا وڃن، اهوئي سبب آهي جو هاڻ اسان جي سولي ، ڪتابي ۽ نصابي سنڌي اصل نثر ۽ نظمن واري سنڌي جيڪا ڪامن آهي علائقائي ٿيندي وڃي ۽ انهن علاقائي ليکڪن، اديبن ۽ دانشمندن جي ڪري ، ويڇا وجهندي وڃي ۽ گروپ بندي ڪندي پئي وڃي. ڏاهن کي گهرجي ان فلاسافيءَ کي سمجهن ۽ سمجهائين، علاقائي تسلط ۾ سولي، اصلي سنڌي ٻوليءَ کي ۽ اُڀارين علاقائي غير نثري سنڌي مان نڪري جيڪا هاڻ رواجي بڻجندي پئي اچي،اچن ۽ سنڌي قوم کي هڪ ڪن، علائقن ۾ نه ورهائين، خدارا شروعات ڪري ساڳيون غلطيون نه دُهرايو جنهن کان ٻين کي جهليندا اچو ۽ تنقيد ڪندا اچو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏23 مارچ 2014
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,746
    ورتل پسنديدگيون:
    4,291
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    Aziz Narejoسنڌيءَ جي الف بي جي ترتيب جو اهو هڪ وڏو مسئلو آهي جيڪو هرڪو پنهنجي نموني لکندو اچي. اسان ننڍي هوندي هڪ نموني پڙهيو، ان کانپوءِ نصابي ڪتابن ۽ ٻين جاين تي انهيءَ جون مختلف ترتيبون ڏسڻ ۾ آيون. هندستان ۽ سنڌ جي سنڌي ٻوليءَ جي ماهرن کي گڏجي هي مسئلو هميشه لاءِ حل ڪرڻ کپي. هاڻي وري ڪو انگريز ڪمشنر ته نه ايندو جيڪو اسانکي هي مسئلو به حل ڪري ڏئي.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,746
    ورتل پسنديدگيون:
    4,291
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    • [​IMG]
      Engr Abdul Razzaque Memon

      سائين ناريجو صاحب، ماهرن ته اڳ ئي پنهنجو مڪمل سائنسي ۽ حسابي حل ڪري ڏيکاريو آهي، ترتيب اکرن ۽ نقطن سان اڳئي ترتيب ڏنل هُئي، ڪٿي هڪ نقطو، ٻه نُقطا، ٽي نقطا، چار نقطا هيٺان شروع ٿي، پوءِ مٿان ۽ وڄ ۾ مختف گرافڪس ٽرگناميٽري(ٿالهيون ۽ چئونريون ۽ ڪنڊون، نقطن ۽ ليڪن سان اڳيان پويان رکي) وارن لفظن ۾ ترتيب ڏنل هُئا.

    • اهو ترتيب جو ڪو به مسئلو ناهي، فقط عقل ۽ ذهن کي استعمال ڪري ساڳي ترتيب وري به ته ڏئي سگهجي ٿي، جيڪا واڻين، اسان، توهان يا اسان سڀني جي وڏڙن جي استعمال ۾ هُئي ۽ ساڳي الف انب، بي بلان، ٻي ٻڪري، پي پلو، ء ڀولڙو وغيره سان پرائمري اسڪولن ۾ پٽين تي لکي رٽائي ياد ڪرائي ويندي هُئي.

    • پوءءِ جڏنهن مٿي ڦريل موالين (نشن ۾ چور ) درباري ۽ علاقائي اديبن ۽ ليکڪن جو وجود اچي ڪڙڪيو جيڪي هر ادبي نشست برخاست ٿيڻ کان پوءِ کان پوءِ ميزبان جي اوطاقن، ڊرانگ رومن، ڪمرن ۾ ءِ اونداهين درٻارن ۾ اڪيلائي ۾ ويهي شراب، شباب نشو، سُلفي، چرس، عياشي ۽ ٻيون وندرون ڪن ٿا. ۽ اهڙا انگ اکر ڏئي ادب ۽ شاعري ڪن ٿا، ۽ ا نهن جي مدد سان سالانا ايوارڊ به حاصل ڪن ٿا تن جي نشائي ذهنن اها اصلي ترتيب نشن پيڻ جي ڪري، هوش وڃائي، بي ترتيب ڪري ڇڏي.

    • ڀوڳڻو پيو پوي نتيجي ۾ پوري سنڌ، سنڌي ءَ کي جيڪي پنهنجي صدين جي اصلي ثقافت ۽ ڪلچر، ٻولي، لفظن جا دعويدار آهن، هاڻ سنڌي زبان مُهاورن، ڳجهارتن کان هٽي ڌارين ٻولين جي وچوڙي ۾ پئجي وئي آهي جيڪا آئينده نسڪل لاِ ءِ ۽ سنڌ جي وُجود لاِ نهايت خطرناڪ آهي. ان تي جدوجهد ڪرڻ کپي. سائين دُنيا جي هر زبانن ۾ اسپيشلٽي بلڪ آهي ٻين زبانن جي لفظن وجهڻ جي به، پر ڊڪشنري ٻُڌائي ٿي ته هي ان زبان جو لفظ نه آهي پر، اهو ڌارين زبانن جو آهي، جيئين يوناني وغيره .

    • پوِ ڀلي توهان بقول حُسين چانڊئي صاحب جن جي سنڌي ٻوليءَ کي شاهوڪار ڪريو، پر اصل، نقل ۽ عقل ، واڌ، ڇيد ڪري ته رکو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 ڊسمبر 2013
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    720
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    ساٿيو منهنجو ذاتي خيال اهو آهي ته جيڪڏهن اهڙي قسم جا ڪي مسئلا آهن به ته انهن جي نشاندهي کانسوا انهن جو حل به ڏيو باقي رڳو آڱر کڻڻ ته ڪو سٺو عمل ناهي۔ ٺيڪ آهي جيڪڏهن پهريان انهي مسئلي تي ڪو ڪم نه ٿيو آهي ته اسان تي به پڙهيل لکيل هجڻ ۽ ٻولي جي ڄاڻ هئڻ ڪري اهو فرض آهي ته پنهنجي ٻولي جي سڌاري لا ڪجھ حل ڏيون سو سائين جي توهان وٽ ڪي حل آهن ته انهن کي هن ڄاڻ جي ڀنڊار تي ونڊيو به ۽ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري (Sind Language Authority) وارن ساڻ به رابطي ۾ اچو۔ اميد ڪيان ٿو ته توهان کي ڀلي موٽ ملندي۔۔۔۔ انشا الله
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,923
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    اسان به الف ب واري پٽي پراڻي ترتيب سان پڙهي ليڪن هن وقت ڪتابن ۾ اها ترتيب نه آهي اها ڪنهن ترتيب ڏني ان جي ڪهڙي ضرورت پيش آئي ان متعلق بهتر آهي ته ٻوليء جي ماهرن سان مشورو ڪجي۔ ڊاڪٽر صاحب جن جي راء وانگر ته ان جو ڪو موثر حل به پيش ڪجي ته بهتر۔ اگر ڪنهن جو اعتراض هجي ته ان کي مناسب جوابن سان مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي وڃي۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,746
    ورتل پسنديدگيون:
    4,291
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مُحترم ڊاڪٽر آصف چارڻ صاحب! عقل ۽ فهم رکندڙن لا اشارو ئي ڪافي هوندو آهي، حل ته ان شي جو ڏجي جيڪو غلط ڊزائين ٿيل هُجي ۽ ان جي سهي جوڙ جڪ لا حل ڏجي۔ هتي ته حل جي ضرورت ئي ڪانهين هڪ خاص حل ٿيل شي کي ڄاڻي واڻي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سبب ته اهي ئي ڏيندا جن ان جي شروعات ڪئي هوندي۔ حل جي ضرورت ناهي اڳئي حل ٿيل آهي ڏهائن کان استعمال ۾ آهي ۽ مضمون ۾ به ٻڌايل آهي ته سنڌي البيٽ جي ترتيب 100 سيڪڙو غلط آهي۔

    سائنسي ، جياميٽري يا ٽرگناميٽري پوائنٽ آف ويو کان به غلط ترتيب ٿيل آهي عقل ۽ فهم جي استعمال ۾ مونجهارا آهن۔ مثال طور ب ٻ پ ڀ کي ڏسو بترتيب ٽٻڪا ٿالهي هيٺان هڪ، ٻه ٽي چار ٿيندا ٻي ترتيب ٺ ٽ ث ٿ ٽٻڪا ٿالهي مٿان بترتيب هڪ، ٻه ٽي ٿيندا، اهڙي طرح سنڌي الفا بيٽ ڊزائن ٿيل هُئي۔ انهي کي حل ڏيڻ نه چئبو پر ترتيب کي وري صحيح ڪري لکڻ چئبو۔ هاڻ توهان ٻُڌايو ته غلط آڱر ڪهڙي شي تي کنيل آهي۔ وضاحت گهرجي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. Ghulam Murtaza

    Ghulam Murtaza
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جولائي 2009
    تحريرون:
    63
    ورتل پسنديدگيون:
    243
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سافٽوئير انجنيئر
    ماڳ:
    بدين
    ”اُترادي، لاڙي ۽ هندي لفظ اصلي ۽ سولي سنڌيءَ شامل ٿيندا پيا اچن۔“

    سائين اڙدو ۽ هندي ته ٺيڪ آهي ڌاري ٻولي، پر اُترادي ۽ لاڙي ٻوليون ڪيئن ڌاريون ٿيون آهن۔ ٿورو وضاحت ڪندا؟ جيڪڏهن اُترادي ۽ لاڙي ڌاريون ٻوليون آهن، ته پوءِ ڪُجھ مثال ڏئي سمجھائيندا ته اصلي سنڌي، اُترادي، لاڙي ٻولي ۾ فرق معلوم ٿي سگھي۔

    ۽ ٻيو ته الف ب جي موجوده پٽي پڙهائڻ سان ڪهڙو فرق آهي، جو پُراڻي ترتيب تي پڙهائجي؟ موجوده پٽي پڙهڻ کانپوءِ ڇا سنڌي صحيح نٿي لِکي ۽ پڙهي وڃي؟
    ڪو خاص وزن وارو سبب ٻُڌايو، يعني هِن پٽي سان ٻولي جي، لکت، پڙهڻ، يا پڙهائڻ ۾ ڪا ايڏي وڏي دِڪت يا تبديلي جنهن جي ڪري، موجوده ترتيب هٽائي ڪري، هزارين ٻارڙن جي هٿن ۾ لکين ڪِتابن کي تبديل ڪرائجي۔
    ڇا ڪاڻ ته اِن جي ڪري، رُڳو هِڪ اخبار ۾ آرٽيڪل نه لِکبو پر سمورا پهرين درجي جا سنڌي ڪِتاب مٽرائبا، اُن جي تبديلي جو به سوچڻ گھُرجي، ها جيڪڏهن ٻولي جي لکت، پڙهڻ، يا پڙهائڻ ۾ ڪا وڏي پريشاني آهي، يا ڪا غلطي آهي ته اُن ڪري ته بِلڪُل ٺيڪ آهي، پر جي لکت، پڙهڻ، ۽ پڙهائڻ ۾ دُشواري ناهي، ته اِها ڏاهپ ڪيئن چئبي جو سمورن ڪِتابن کي صرف الف ب جي ترتيب جي ڪري، نِت نئين ترتيب سان ڇپرائي رائج ڪجي؟

    ڪو واضع سبب ٻُڌايو ته اسان کي به معلومات مِلي ته موجوده پٽي ۾ ترتيب جي ڪري هِي هِي دِڪتون ۽ پريشانيون آهن لکڻ، پڙهڻ، ۽ پڙهائڻ ۾ نه ڪه صرف ترتيب ۾؟
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    720
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    سائين منهنجا وضاحت مان ڇا ڪيان ؟ آ ڪو ٻولي جو ڄاڻو ناهيان
    پر ها وضاحت ته توهان پاڻ هي ڪري ڇڏي آهي. پراڻي الفابيٽ ۽ نئين الفابيٽ کي ڀيٽيندئو ته ڇيد(Difference) صاف ظاهر ٿي پوندو ته اڳ واري الفابيٽ ۾ ٽٻڪن جي تعداد(Number of Dots) کي نظر ۾ رکي ڪري اکرن کي ترتيب ڏنو ويو آهي، جڏهن ته هاڻ اکرن جي آواز (Sound) کي نظر ۾ رکي ڪري الفابيٽ جي ترتيب ٺاهي وئي آهي (جيئن مان ٿو سمجهان، پڻ مان غلط به ٿي سگهان ٿو). غور ڪندئو ته هاڻ واري الفابيٽ ۾ لفظ “ب” ۽ “ڀ” کي ساڻ ڪري رکيو ويو آهي جڏهن ته پراڻي الفابيٽ ۾ ائين ناهي سو تنهن جو سبب ٻنهي اکرن جو هڪ جهڙي آواز واري حالت (State) آهي ٻيو ڪجھ به نه. ٻيو مثال “ت” ۽ “ٿ” آهي جيڪو پڻ پراڻي الفابيٽ ۾ ڌار ڌار رکيل آهن پر هاڻ واري الفابيٽ ۾ انهن کي به ساڻ ڪري پيش ڪيو ويو آهي سو سائين منهنجا ٻنهي الفابيٽ جي ترتيب الگ الگ پر معني خيز آهي. پوءِ هاڻ توهانجي مرضي ته ڪهڙي ترتيب ڪتب ٿا آڻيو. آءُ وري به عرض ڪندس ته توهان ان سلسلي ۾ سنڌ لينگئيج اٿارٽي جو رخ ڪيو ته سڀ ڄاڻ ملي ويندي يا وري ادي غلام مرتضي مطابق ڪو ٺوس اعتراض واريو ته اِن تي گڏجي سڏجي ڪم ڪيون ۽ ڪو نتيجو اَخز ڪيون.

    باقي معاف ڪجو ڇو ته ڏهائن کان ڪتب ايندڙ شي به غلط ٿي سگهي ٿي۔ مثال ڪامپيوٽر جي ايجاد به 1870 جي آهي ۽ ان مهل کان هيل تائين ڪيترائي وڏا وڏا سنڌي عالم فاضل دانشور ۽ ٻولي جا ماهر موجود هئا (آهن) پر ڪنهن هڪ به ڪامپيوٽر سائنس تي هڪ اکر به لکيو آهي؟ ٻيو ته ٺهيو لفظ ڪامپيوٽر جو سنڌي اکر اڄ تائين نه ڏئي سگهيا آهن۔ سنڌي اوسري ته بس شاعري ۾ ڊرامن ۾ نثر نظمن ۾، باقي ان جي فني پاسي تي ڪهڙو ڪم ڪيو ويو آهي؟ سائين عزيز ناريجي صاحب جي ڳالھ جيان هاڻ وري ڪهڙو انگريز ايندو ان ڪم لا ؟
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,746
    ورتل پسنديدگيون:
    4,291
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    1، 2، 3، 4، 5، 6، 7، 8، 9 10 اها ترتيب ڪائونٽنگ جي حقيقت آهي هن کي ڪهڙي صورت ۾ بي ترتيب نٿو ڪري سگهجي جيئن 3، 7، 4، 9، 1، 10 وغيره اهڙي طرح ا ب ٻ پ ڀ ت ٺ ٽ ث ٿ ف ڦ ۔۔۔۔ کي به انهي ترتيب سان هُئڻ گهُرجي۔۔ يا بيترتيبو ڪرڻ جو ڪو خالص مقصد بيان ڪجي۔ مُهنجي خيال ۾ بي ترتيب جا ٻه مقصد ٿي سگهن ٿا، علم کاتي وارن کي يڪساهي ياد نه پيا، جيئن وات تي آيا تيئن هيٺين رڪارڊ ڪري ڇپايا يا ڪنهن نشي ۾ چور اهڙي ليکاري کان هوش وڃائيندي ڪنهن محفل ۾ وسري ويا ۽ ان حالت ۾ دفتر اچي ڇپرايا ويا۔ غلط شي کي مڃڻ ۽ تسليم ڪرڻ مُراد آهي ۽ اجايا دليل ڏئي ان حقيقت کان مُنهن موڙڻ چئبو۔ ٽيڪنيڪل لحاظ کان اسان سمجهائي چُڪا آهيون ته هن جي ترتيب انهي سيڪُئنس ۾ ڪيئن ڊزائين ٿي هُئي، ان جي مخالفت ۾ ڪو دليل هُجي ته ڏجي ۽ جان نه ڇڏائجي ۽ حقيقي صورتختي وري استعمال ڪجي اڄ به رڪارڊ تي هوندي جهڙي طرح صدين جي سنڌي تهذيب ۽ تمدن، مهمان نوازي، ڪلچر جا ويس وڳا وغيره۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    720
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    سائين منهنجي دليل ۾ ڪهڙي ڳالھ اجائي آهي ، وضاحت ڪيو ته مهرباني ٿيندي
     
  11. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,746
    ورتل پسنديدگيون:
    4,291
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    بلڪل! توهانجا دليل بهتر آهن۔۔ هتي مون ٻين جي دليلن کي سمجهي هڪ جنرل ڳالهه ۽ اڀياس ڪئي آهي۔
    [​IMG]
    اصلي سنڌي سورتختي۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏9 جنوري 2014
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,746
    ورتل پسنديدگيون:
    4,291
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
    تعليم کاتي وارا ۽ پبلشر، اديب، ليکڪ ڌيان ڏين!

    توهانجو نئون سنڌي سيلبس جيڪو 1971 کان پوءِ وجود مارشلائي سازشن تحت سنڌ وجود ۾ آندو ويو ۽ پڙهايو پيو وڃي نسل بگاڙي چُڪو آهي ۽ رهيو آهي ۽ بلڪل ڪنهن ڪم جو ڪونهين جنهن ڪري گهڻ ڪاپين ۽ گهڻ ڪتابن ٻين اسٽيشنرين جو خرچ ته وڌويو پر سنڌي ٻار تعليم کان بلڪل بي بهره ٿي چُڪو آهي اسڪول ۽ اُستاد گهوسٽ ۽ ادارا وڏيرن ۽ مُنشين جي اوطاقن ۾ تبديل ٿي ويا آهن، جنهن ڪاپي ڪلچر ۽ ڏوه ڪلچر سان گڏ اخلاق ڪلچر جي بگاڙ ۾ به اضافو ڪري ڇڏيو آهي. منهنگي تعليم صرف سنڌ جي ڀوتارن ۽ ڪامورن جا ٻار ئي حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ انهن جي تعليم سان سنڌ جو ڪو فائدو ڪونهين جو هو وري يورپ، امريڪا، ڪئناڊا لڏ پلان ڪن پيا ۽ انهن جو ڪلچر پيا اپنائين. جڏنهن ته سنڌ جو وائيٽ ڪالر طبقو (30سيڪڙو) ۽ هيٺيون غريب ترين طقو (60سيڪڙو) سُٺي تعليم کان مهنگي تعليم جي ڪري ڪوهن جا ڪوه پري ٿي چُڪو آهي. 1965 کان پهرئين پرائمري ، سيڪنڊري ۽ هاءِ اسڪولن ۾ جيڪي ڪتاب ۽ سليڪٽيڊ مضمون هُئا ۽ پٽيءَ سليٽ ۽ گهٽ ڪتاب، سبق آموز سبجيڪٽ جي جيڪا تعليم ڏني وئي هُئي اُها ئي ڀيٽ ۾ اڃا بهتر آهي ۽ اڄ جيڪي ماهر آهن اُنهن جي پيٽ ۾ اهائي تعليم هُئي ان ڪري انهيءَ تعليم کي ٻيهر نئون ڪري ميدان تي لاٿو وڃي ته جيئن سنڌي جهالت جي اونداهين ۽ ڀوتارن جي پُڇ ۾ لٽڪي اڳتي وڌڻ بجاءِ پاڻ تي ڀاڙي اڳتي وڌي سنڌ بچائي.
     
  13. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,746
    ورتل پسنديدگيون:
    4,291
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جي توهان هن اصلي سنڌي پٽي (تختي) جي حفاظت ڪري سگهيئو ته ٻولي جي حفاظت به ڪري سگهندئو! جي واقعي سنڌيت جا دعويدار ۽ سنڌي ٻوليءَ جا حُبدار آهيو ته پهرئين پنهنجي تبديل ڪيل اصلي سنڌي پٽي (تختي) جي ترتيب ته اپنايو ۽ انهن گُهوسڙو ماسترن ۽ ڪمائو پبلشرن تي زور ڀريو ته سنڌي پٽي (تختي) هن ريت جيڪا اصلي آهي پڙهائين، لکائين ۽ پرائمري ٻارن کي رٽائين. جي توهان هي پهريون مرحلو صحيح ڪرائي ويا ته سمجهبو ته واقعي توهان اصلي سنڌي ٻوليءَ جا پاسبان آهيو ۽ تهذيب، ڪلچر ۽ تمدن جي پاسباني به ڪري سگهو ٿا نه ڪه ڍول تاشن ۽ شرنائين تي رُڳو نچڻ ۽ ڪُڏڻ وارا مڱڻهار.

    هي سنڌي اسلي پٽي(تختي) جيڪي ڀوتارن جي درباري ليکڪن ، اديبن ، شاعرن، قلم ڪارن هر محفل جي آخر ۾ ڀوتارن جي پُڇ ۾ لٽڪي، اوطاقن ۽ اوتارن تي ويهي سُلفين جي سُوٽن، ٺَرن جي ڍُڪن ۽ ڀَنگ جي نشن ۾ جهومي هوش وڃائي بدلائي ڇڏي آهي. گواه بڻجو ته اهڙا ليکڪ ، اديب، ڏاها ، شاعر اوهان هر محفل جي اختطام تي ضرور جهومندي ڏٺا هوندا ته سُڃاڻو اهڙن ٻولي جي دُشمنن کي جيڪي گهر ۾ کاٽ پيا هڻن ۽ باغي ٿيو اهڙي ڪوڙي سماج کان جيڪو اصل دُشمن آهي ٻولي، تهذيب ۽ تمدن جو ۽ گهر ۾ ئي پلجي پيو ڀوتارن جي ڪڇن ۾ ويهي.

    هر سال ڪلچر ڏهاڙن تي ، قومي ٻوليءَ جي حفاطت ۽ ڏهاڙي تي الاهين (گهڻن) دوستن ٻوليءَ سان وفا جو قسم کنيو هوندو ۽ هو واقعي مُسلسل قومي ٻوليءَ جا بينر، پينا فيڪس وغيره به خوبصورت اندازن ۾ پکيڙي رهيا آهن. پر غلط آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ انتشار ان ڪري به پئجي ويو آهي جو ٻوليءَ ۾ ٻيا به گهڻا ڌاريان اسڪرپٽ وُجود ۾ آندا پيا وڃن جڏنهن ته هن ٻوليءَ جي سنڌي اوريجنل سنڌي اسڪرپٽ جيڪو هتي ڏيکاريو ويو آهي کي انتهائي سائنسي طريقي سان ڊزائين ڪيو ويو آهي جنهن کان بهتر سنڌي ٻوليءَ جي انگن اکرن کي پيش ڪرڻ جي ٻي ڪا بهترين ترتيب نٿي ٿي سگهي.

    ٻوليءَ سان حقيقي مُحبت ڪندڙن کي عرض ته ڀلي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڌاريان لفظ وجهي هُن جا ٻيا اسڪرپٽ ٺاهيو پر هن جي اصلي ترتيب هرگز نظر انداز نه ڪيو، جي توهان هن معمولي ترتيب کي نظر انداز ڪندا ته اڳتي هلي ٻوليءَ جي حفاظت خاڪ ڪري سگهندا. اچو ته ڏسون ته جنهن مُحترم انگريز صاحب هن عربي رسم الخط ۾ سنڌي الفا بيٽ لکي هُئي اُن ۾ هُن ڪهڙيون جاميٽريءِ جو رمضون استعمال ڪيو هُيون. جيڪي جُذ ههن استعمال ڪيا اُنهن جي ترتيب ٽٻڪن، ٿالهين، ڪنڊن اُڀي، ترکي، سڌي لائينن سان ترتيب ڏني. شڪل مان واضح آهي.

    ا (الف انب) پهرئين عمودي لائين، پوءِ هڪ ٿالهي وڇائي ان جي هيٺان ٽٻڪن جي ترتيب جهڙوڪ (ب) بي بلان ، (ٻ) ٻي ٻڪري ٻه ٽٻڪا، (پ) پي پلو ، ٽي ٽُٻڪا ۽ (ڀ) ڀي ڀولڙو چار ٽٻڪا . ساڳيءَ ٿالهيءَ کي وڇائي پوءِ وري مٿان ٽٻڪن جي ترتيب ڏني وئي (ت، ٺ ، ٽ، ث، ٿ). مهرباني ڪري پنهنجي بينرن ۽ پينافڪس ۾ پٽيءَ جي ترتيب به ائي صحيح ڪري لکو ۽ سنڌي ٻوليءَ جوي حفاظت ڪريو.

    جن دوستن به نادانيءَ ۾ سنڌي الفا بيٽ جي ترتيب تبديل ڪري پيش ڪئي آهي يا پنهنجن پنهنجن اسڪولن ۾ پڙهائين پيا يا جن به سنڌي ڪتاب غلط الفا بيٽس سان لکي سنڌي پرائمري شاگردن جي ذهنن کي تبديل ڪرايو آهي اُهي جي سچا قوم پرست ۽ ٻوليءَ جا عاشق آهن ته اصلي سنڌي الفا بيٽس، اصلي سنڌي شاعري يا ادب لکن ۽ سنڌي خالص مُحاورا ۽ ڳُجهارتون ئي پيش ڪن. ياد رهي ته اسانجي ٻولي سنڌي، اڙدو ٻوليءَ وانگر خيمن يا لشڪرن جي ٻولي ناهي جنهن ۾ گهڻن زبانن کي وجهي پروان چڙهايو پيو وڃي پر هي هڪ 5000 سالن جي تهذيب رکندڙن جي ٻولي آهي جنهن جا مالڪ موجود آهن ۽ جيڪا علم جي ادارن ۾ وڌي جوان ٿي آهي نه ڪي بي مالڪ بي گهر اُڙدوءَ جيان خيمن يا لشڪرن ۾ پروان ٿيندڙ نڌڻڪي ٻولي. جنهن جو مالڪ هرڪو ٿي سگهي ٿو.

    اسان جي ملڪ ۾ اڃان سوڌو تاريخ ڏانهن سنجيدگي سان ويچار ئي نه ڪيو ويو آهي. هتي تاريخ کي صرف سياسي تبديلين جو نالو ڏنو ويو آهي. تاريخ کي صرف بادشاهن، اميرن ۽ مذهبي رهنمائن جي ڪارنامن، سندن جنگين، قصن ۽ ڪهاڻين تائين محدود رکيو ويو آهي. جڏهن ته تاريخ جو اهو تصور صحيح نه آهي. تاريخ هڪ سائنس آهي، تاريخ ڪنهن قوم جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي اڀياس جو نالو آهي. دنيا ۾ تاريخ جا ڪيترائي تصور رهيا آهن. پر تاريخ جي مادي نقطي نظر موجب، انسانذات جي سموري تاريخ طبقاتي ويڙهه جي تاريخ رهي آهي. اها ويڙهه ڦريل ۽ ڦريندڙ، حاڪم ۽ محڪوم جي وچ ۾ هلندي رهي آهي. تاريخ جي جديد مادي قانون موجب سماجن ۾ اٿل پٿل يا نظرين ۽ خيالن ۾ اٿل پٿل سڄي مادي پيداوار جي تابع آهي. مادي پيداوار جي ترقي سان ئي نظريا، سماج ۽ انهن جا طور طريقا ۽ قانون بدلبا رهندا آهن، ان ڪري تاريخ اصل ۾ سماجي ٽڪرائن جو لاڳيتو عمل آهي. ان طريقي سان تاريخ کي نه صرف صحيح نموني سمجهي سگهجي ٿو، پر ان جي روشني ۾ عوامي حقن لاءِ جدوجهد ڪري سگهجي ٿي. اهو ئي تايخ جو جديد نظريو آهي. جنهن تحت اسان کي سنڌ سميت دنيا جي تاريخ لکڻ، پڙهڻ ۽ سمجهڻ گهرجي.

    سنڌي تمام قديم ٻولي آهي جيڪا پراڪرت (ٻوليءَ) جي هڪ لهجي وراچد اپڀرنش مان ڦٽي نڪتي آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌين کانسواءِ سنڌ تي ڪيترين ئي غير سنڌي قومن (عربن، ارغونن، ترخانن، مغلن، انگريزن وغيره) حڪومتون ڪيون آهن. تنهنڪري عربي، فارسي، انگريزيءَ وغيره جو سنڌي ٻوليءَ تي گھڻو اثر پيو ۽ انهن ٻولين جا ڪيترائي لفظ ٿوري تبديليءَ سان يا وري جيئن جو تيئن هن (سنڌي) ٻوليءَ ۾ زم ٿي ويا.

    اوائلي دور ۾ سنڌيءَ کي ڪا مخصوص ”آئيويٽا“ (الفابيٽ) ڪانه هئي، ان ضرورت کي محسوس ڪندي ڪلهوڙن جي دؤر (1719ع کان 1782ع) ۾ مخدوم ابوالحسن ٺٽوي ”مقدمه الصلوات“ نالي ڪتاب لکيو جنهن کي ابوالحسن جي سنڌي سڏيو ويو. جڏهن سنڌ 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي هيٺ آئي، تڏهن سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو ويو. ان وقت جي سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فيئر هڪ حڪم نامي تحت انگريز آفيسرن لاءِ سنڌي پڙهڻ لازمي قرار ڏنو، تڏهن ئي سنڌي الفابيٽ جي ضرورت پيش آئي جنهن جي پورائي لاءِ هڪ ڪميٽي سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس جي نگرانيءَ ۾ جوڙي وئي جنهن ۾ ديوان ننديرام، ميان محمد حيدرآبادي، قاضي غلام علي، منشي اڌارام ٿانور داس، قريشي غلام حسين ٺٽوي، خان صاحب مرزا صادق علي بيگ ۽ ڪجهه پرڏيهي عالم شامل ڪيا ويا. ان ڪميٽيءَ مخدوم ابوالحسن جي سنڌيءَ کي نظر ۾ رکندي عربي، فارسي ۽ سنسڪرت مان اکر کنيا. جڏهن ته انهن ۾ ڪجهه ٽٻڪن جي واڌ ويجھه ڪري نج سنڌي اکر (ٻ، ڄ، ڏ، ڳ) جوڙيا. اهڙيءَ طرح يارهن مهينن جي مسلسل جدوجهد کانپوءِ 52 اکرن تي مشتمل موجوده آئيويٽا تيار ٿي. جنهن کي سرڪاري طور سنڌي ٻوليءَ جي واحد آئيويٽا جو درجو ڏنو ويو.

    انکانپوءِ به لفظن جو سٽاءُ نه بدلجي سگھيو، يعني ساڳيا لفظ جدا جدا طريقن سان لکيا ويندا هئا. مثالاً: چيائين = چياءِ ، جيستائين = جيستاءِ ، ڪيڏانهن = ڪيڏانهه، ڪيڏهه وغيره. نيٺ 1888 ع ۾ سنڌ جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر جيڪب صاحب اهڙن لفظن جو پڪيون صورتون مقرر ڪرايون، ان ڪم ۾ مرزا قليچ بيگ اهم قردار ادا ڪيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو