• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اچو ته هاڻ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون

Sindhi Media

سينيئر رڪن
اچو ته هاڻ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون پر پهرئين وري پوين برقي ۽ مڪانڪي طريقن جو رويو وٺون۔توهان کي ٻه رُڪاوٽون سمجهايون ويون مڪانڪيءَ ۾ پٿر جو مثال ته برقيءَ۾ ريزسٽنس جو، ياد آهي نه۔ هن کي لمپڊ سرڪٽ ايبسٽريڪشن يا (ايل سي اي) چئبو آهي۔ هن لاءءِ اسان وٽ گهڻا ئي طريقن وارا ٽول هُئا جن سان اسان هنن کي اينلائيذ ڪيو ياد آهي نه۔ نه هُجي ته اهي ٽول وري هيٺ ورجايان ٿو۔
1524709_10202735582611496_1478775003_n.jpg
 
هآئون ڊجيٽل ٽيڪنالاجيءَ تي اچڻ کان پهرئين، ڊجيٽل ايبسٽريڪشن تي ٿورڙو ڪُجهه چوندس جنهن کس سمجهائڻو ضروري آهي۔ پوءِ اسان انهن ٽولن جو استعمال ڪري، جيڪي اسان پوين سبقن ۾ ۽ مٿي پري ويوز ۾ ڏيکاريا آهن انهن جي مدد سان ڊگيٽل سرڪٽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسون۔

1551665_10202735611612221_1930983977_n.jpg
 
ڊجيٽل ته سمجو ٿا نه؟ جي ها، اهي آهن ٻن اسٽيٽمينٽس تي مشتمل جهڙوڪ ها يا نه، آن يا آف، سچ يا ڪُوڙ، وغيره۔ اچو ته پهرئين ان کي سگنل جي انالاگ ڪم ڪرڻ سان سمجهون۔ هي سرڪٽ ۽ انهن جا جُز ته هاڻ توهان کان ڪونه وسرندا۔ يار گهٻرايو ڇو ٿا، اسان ته اڃا صرف ٽن فيڪٽرن ڪرنٽ وولٽيج ۽ ريزسٽر جي اڀياس پيا ڪريون، انهن جو فارمولو مختلف طريقن سان، انهن جون شڪليون سمجهڻ لاِ، اُنهن جا ميٽر ماپڻ لاءِ ڪهڙي مون ڏُکي ڳالهه ڪري ڇڏي جو پٿي ويا آهيو۔ بادام کائي ميدان ۾ لهو ته سمجهڻ م اچي۔

1520826_10202735624132534_1204525094_n.jpg
 
هتي به شايد گوڙ گهمسان سان اسانجو واسطو پوي، خير ڪا ڳالهه ناهي مُنهن ڏئي وينداسون، گهٻرايو ڇو ٿا، ڊجيٽل سرڪٽ ۾ وولٽن جو گهٽ مقدار آهي ته ڇا ٿي پيو، آئون آهيان نه، بس توهان رُڳو پنهنجا ڪن کولي رکو سمجهو ته آئون ڇا ٿو چوڻ چاهيان، ۽ ڇو۔
1480534_10202735646733099_624324108_n.jpg
 
دوستو ياد رهي ته ڊجيٽل ٽيڪنالاجيءَ ۾ جتي اسان جو وولٽن سان وسطو پوي ٿو ان جون ٻه هي اسٽيٽس ٿين ٿيون آف يا آن يعني مثلن ٻُري يا 5 وولٽ۔
1483118_10202735665133559_841184238_n.jpg
 
ته دوستو ڊجيٽيل ٽيڪنالاجي ۾ گوڙ يعني ڊسٽارشن يا نوائيز کي مد نظر رکندي اسان هڪ پيچيده سرڪٽ پنهنجي آئوٽ پٽ جي ويوفارم سان ڏيکاريون ٿا، بس ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، ساڳيون شيون آهن جيڪي پوئتي سمجهائيندا آيا آهيون۔
1506073_10202735675333814_1818504438_n.jpg

مطلب هڪ پُرزو آواز يا سگنل موڪلي ٿو، ٻيو پُرزو اُن کي رسيو ڪري ٿو ۽ وچ ۾ خوامخواه ماحول جو گوڙ به شامل ٿيو وڃي۔
1526708_10202735688534144_44892651_n.jpg

اچو ته هيئن ڏسون۔
644552_10202735698014381_1385604485_n.jpg

پر هن کي ڇا ڪريون۔
1469833_10202735707254612_39857916_n.jpg

پر يار، گوڙ جو مارن آهي ڪٿي هن ڊجيٽل سرڪٽ ۾، اچو اهو به ڏسي ۽ سمجي وٺون ٿا، جتي حساب ڪتاب آهي اُتي ته سائين ميمڻ جو ليکو ته ٿيندو نه۔۔ باقي کائي وڃو ته ڇا ٿا ڪري سگهون، ڳوٺن مان لڏ پلاڻ ڪري شهر وسائينداسون، اُتي به دهجي گوڙ وڙ۔۔ يار هي ماحولي شور گوڙ آهي ضرور هر ڪنهن جڳهه تي، هتي ڊجيٽل سرڪٽ ۾ به جان نٿو ڇڏي، اچو مُنهن ڏيونس ٿا ميمڻ ته مڙس ابا، ميمڻ ويو مڪي ته به سير ساهمي تڪي، حسابي ڪتابي جوڙ جُڪ۔ نه نه ڊي ٽريڪ ڪونه ٿيو آهيان، برقي ۽ مڪينڪي ملي سگهن ٿا ته ميمڻ ماپو ڇو نه، اهائي ته سائنس ۽ انجنيئرنگ آهي۔
1533807_10202735719654922_1872731108_n.jpg

هون! ته ڏسڻ ۽ سمجهڻ ۾ ڪونه آيو نه۔۔ ڪيئن اچي ڪن ته بند پيا آهن، ڀلا اکين سان ڏسي متان سمجهون۔ هيٺ نهاريو ۽ فرق سان ڏسو ۽ سمجهو۔
1488064_10202735739215411_263890391_n.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
اڃا به گڙ ٻڙ آ۔۔۔ ڀلا اچو ته گرافڪ طريقي سان ڊجيٽائيز ۡري ۽ سمجهون، متان سمجهه ۾ اچي وڃي۔
1510973_10202735752975755_424589832_n.jpg

1535618_10202735768096133_527931261_n.jpg
 
1524923_10202735776456342_1534887651_n.jpg

هاڻ اچي ويئو نه لائين تي، مٿيون ڳالهيون سمجهڻ لازمي هُيون جو ان کان پهرئين اسان لاجڪ يا ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي گيٽس کي سمجهون، ڏسو هاڻ اسان ڇا پئي سمجهائڻ چاهيون۔
1480507_10202735787896628_90485902_n.jpg
 
هاڻ اسان انهن سڀني سمجهاڻين کي هڪ لاجڪ کي مد نظر رکندي ۽ هڪ گيٽ کڻي ان جي وولٽ ۽ گرافڪڪس کي هن ڊيمو وسيلي سمجهايون ٿا۔
379728_10202735795016806_163110098_n.jpg

1525106_10202735815457317_897322065_n.jpg
 
جي ها بلڪل! صحيح۔۔ اهائي بولن آلجبرا آهي جيڪا اڄ ڪلهه پوري دُنيا جي ٽيڪنالاجين کي مسخر ڪري چُڪي اهي، صرف ٻن اسٽيٽس تي، ها يا نه، ڪوڙ يا سچ، ٻُري يا هڪ۔ هي هڪ اهڙي سائنسدان جو ڪارنامون آهي جن کي ماڻهن ان آلجبرا ٽيڪنڪ ڏيڻ جي بدلي پٿر هڻي ماري ڇڏيو هو ۽ کيس پاگل يا چريو قرار ڏنو هو۔ ٿيو ائين ته هي جتي وهندو هو اُتي پيو سوچيندو هو ۽ ٻن اسٽيٽس ها يا نه، سچ ۽ ڪوڙ، ٻُڙي يا هڪ کي پنهنجي خيالن ۾ ضرب ڪٽ ڪندو رهندو هو، جنهن کي لاجڪ يعني منطق چئجي ۔ هڪ ڏينهن ڊاڪٽر بولن باٿ روم ۾ لاجڪ جي حساب ڪتاب کي حل ڪرڻ لاِ سوچي رهيو هو ته اهو حل هن سامهون سمجهجي اچي ويو ۽ هو خوشي ۾ جهڙي به حالت ۾ هو باٿ روم مان نڪري آيو ۽ پبلڪ کي چوندو ويو۔۔ ٿي ويو۔۔۔ ٿي ويو۔۔۔ ٿي ويو،، ماڻهن چريو سمجهيو ۽ ان وقت جي ڪن جاهلن اڄ به اهڙا هن سنڌ ڌرتي تي به موجود آهن جن کي توهان هروقت ٽوڪ طنز ۽ بلاجواز ٽهڪ ۽ ڦونڊجندو ڏسندا هوندئو موجود آهن اهڙ
ن ئي بيوقوفن هن کي پٿرن سان سنگسار ڪري ماري ڇڏيو پر ان جي ڪاوشن جي جديد بولين جوڙ جڪ، حساب ڪتاب،۔ آلجبرا جنهن کي (بولن آلجبرا) چئجي هن دُنيا کي الاهي ڪٿي پُهچائي ڇڏيو۔ هن هيئن سوچيو ۽ سمجهيو هو۔

1512629_10202735821577470_1073618145_n.jpg

هتي به توهان ڏسي سگهو ٿا ته اليڪٽرانڪس جي ٽن جُزن جهڙوڪ ريزسٽر، ڪئپيسٽر ۽ انڊڪٽرز وانگر آر گيٽ، نار گيٽ ۽ نينڊ گيٽ جن ڪي پاڻ ۾ مختلف طريقن سان ڪمبيشن ڪري گهڻيون حسابي ڪتابي مشقن سان ٻيا انيڪ جُز ٺاهيا وڃن ٿا، توهان به سمجهو ۽ پنهنجا سرڪٽ ڊزائين ڪري فزڪس پڙهي ، سمجهي، سائنسدان يا انجنيئر ٿيو۔
1535577_10202735868498643_1658896725_n.jpg

اسانجو هي سبق به هتي پُڄاڻي ته پُهتو اڳئين سبق ۾ لاجڪ يا ڊجيٽل ٽيڪنالاجي تي ڳالهائينداسون، توهان دوستن جا ڪامينٽس وڌيڪ پُرجوش ڪندا۔
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top