نثارابڙو
نائب منتظم
گذارش: ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي موڪليل هڪ ڪهاڻي ” ڏوهي ڪير؟ “ تي هڪ ڪارائتو بحث ٿيو هو جنهنجي جواب ۾ مون هڪ جواب موڪليو ان جواب جو هڪ حصو هت ٻيهر پيش ڪريانٿو ۔۔ ان اميد سان ته دوست سماج جي تشريح تي وڌيڪ روشني وجهندا ۔۔۔
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لک ٿورا
اڄ جي جديد علمن مطابق سماج جي تشريح ڪجهه هن ريت ڪئي ٿي وڃي ۔۔۔
انساني سماج صرف ڇڙ وڇڙ ماڻهن جي گروهه جو نالو ناهي هوندو ۔۔۔ سماج ڪو ٻيلو ناهي هوندو جنهن ۾ هر جانور پنهنجي جان جي پاڻ حفاظت ڪري يا هر جانور پنهنجو شڪار پاڻ ڪري کائي ته ٺيڪ نه ته بک مري وڃي ۔۔۔ سماج ڪا اهڙي به شئي ناهي جنهن ۾ جي ڪو امير خئير ڪڍي ته ٺيڪ ۽ جي نه ڪڍي ته ٻيا بک تي ئي سمهي رهن ۔۔۔
سماج هڪ مڪمل نظام جو نالو هوندو آهي جنهن جي پناهه ۾ هر ماڻهون اچي ويندو آهي، جنهنجي قبضي ۾ ان علائقي جا سڀ وسيلا اچي وڃن ٿا ۔۔۔ جنهن جي اندر امن ۽ سڪون سان رهڻ جا قانون هوندا آهن ۔۔۔ جن ۾ حق ۽ سچ جي حمايت ۾ دائرا ٺهيل هوندا آهن، سماج جي اندر انصاف جو حصول آسان هوندو آهي ۔۔۔ جنهن ۾ ڪنهن به هڪ شخص کي اها اجازت ناهي هوندي ته هو ڪنهن ٻي انسان جو حق غضب ڪري، مال کائي وڃي يا جان وٺي ڇڏي يا سندس عزت تي حملو ڪري ۔۔۔
سماج جون ٻه اهم سگهاريون ڌريون هونديون آهن،
1۔سماج جا رهواسي
2۔ سماجي انتظاميه
سماج کي ٻين لفظن ۾ قوم چئجي ٿو ۔۔۔ هڪ زمين جو اهڙو ٽڪڙو جنهن ۾ هڪ مناسب انگ ماڻهن جو رهندو هجي ۔۔۔ ان زمين جي مٿان پئدا ٿيندڙ اناج نباتات هجي يا انجي اندران نڪرندڙ خزانا، ان زمين جي هوا هجي يا پاڻي، ان قوم جا سڀ رهواسي ان جا مالڪ هوندا آهن ۔۔۔
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته خلقڻهار هن ڌرتيءَ ۽ هن ڪائنات ۾ ايتريون ته نعمتون سمائي ڇڏيون آهن جو هوند هر انسان کي هڪجيترو به ملي وڃي ته کٽي ڪونه ۔۔۔
اهڙي نموني هر سماج يا قوم وٽ رب العالمين طرفان ايترو ڪجهه موجود هوندو آهي، جو جيڪڏهن انجو صحيح استعمال ٿئي ته ڪو به انسان ڏکيو يا ضرورت کان وانجهيل زندگي نه گذاري ۔۔۔
هاڻ سماج جو هڪ جزو ٿيا ماڻهون ۽ انهن ماڻهن جي پيرن هيٺان ڌرتي ۔۔۔سماج جو ٻيو اهم ۽ ڪارائتو حصو هوندو آهي ۔۔۔ سماجي يا قومي انتظاميا ۔۔۔ جنهنکي اسين قومي حڪومت چوندا آهيون ۔۔۔ حڪومت سگهاري ۽ ماهرن سان سنواريل هوندي ته، ماڻهن جي گروهه ۽ ان جي پيرن هيٺان موجود زمين جي خزانن جي وارثي ڪندي هڪ اهڙو ته انتظامي ڍانچو تشڪيل ڏيندي آهي جنهن ۾ ماڻهن جون صلاحيتون ۽ وسائلن جي ورڇ عادلانه هوندي آهي ۔۔۔ جنهن سبب اهي قومون يا سماج دنيا ۾ ڳاٽ اوچو ڪري چوندا آهن ته اسين ترقي يافته آهيون ۽ اسان وٽ انصاف ۽ عدل وارو نظام آهي ۔۔۔
اتان جو غريب هجي يا امير انکي ترقي ڪرڻ جا موقعا ملندا آهن ۔۔۔ هن وقت دنيا ۾ ڪيترا سماج ۽ اهڙيون قومون آهن جن وٽ حڪومتي نظام جي مّضبوط سرشتي هجڻ سبب، پنهنجن ماڻهن جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لئه هڪ نه بيهندڙ عمل موجود آهي ۔۔۔
هن وقت آمريڪا ، آسٽريليا ، ايشيا ، آفريڪا ۽ يورپ ۾ ڪيتريون ئي قومون آهن جن وٽ پنهنجي سماج کي اڳ کان اڳري ڪرڻ جا نظام موجود آهن ۔۔۔ انهن وٽ غريب به آهي پر عزت جي زندگي گذاري ٿو، امن جي زندگي گذاري ٿو، ضروريات زندگي کي حاصل ڪرڻ جو پورو حق رکي ٿو ۽ ان جي حاصلات ۾ حڪومتي ۽ سماجي سرشتا ٻانهن ٻيلي ٿين ٿا ۔۔۔ سندس قانوني حق موجود آهن، سندس قومي شناختي ڪارڊ ئي سندس راشن ڪارڊ به آهي ته تعيلم حاصل ڪرڻ جو ذمانتنامو به ته، سندس اهو ڪارڊ بئنڪ مان قرض وٺڻ جو شهادو به ته عدالت ۾ ڇاتي تي مڪ هڻي پنهنجي ڳالهه چوڻ جو حق به رکيٿو ۔۔۔
اهڙو انڌير جهڙو پاڪستان يا برصغير جي قومن ۾ آهي، اهو ته نه اسلام آهي، نه سماج آهي، نه ئي واري ڪو سياسي سرشتو ۔۔۔ جيڪو ڏاڍو سو گابو ۔۔۔ جنهنجي هٿ ۾ پئسو ته هر شئي ان لئه ۽ جنهن وٽ پئسو ناهي ته سندس ڪا حيثيت ئي ناهي ۔۔۔
ادارا جيڪي ڪنهن سماج جي ڀلي لئه ٺاهيا ويندا آهن ۔۔۔ جن ۾ حڪومتي ادارا به اچي وڃنٿا ۔۔۔ اهي سڀ ناڪاره ئي نه پر سماج لئه نقصانڪار ٿيندا پيا وڃن ۔۔۔ سياسي علم حاصل ڪري مان ڪمائڻ ۽ قومي خدمت ڪرڻ جي بجاءِ سياست کي هڪ ڪني گار چيو وڃي ٿو ۔۔۔ ۽ سياست هڪ گورک ڌنڌو سمجهيو وڃي ٿو ۔۔۔
آخر انجو حل ڇا آهي ۔۔۔؟
انجو حل به انهن ٻن طاقتن جي گڏجي اصلاح ڪرڻ ۾ سمايل آهي ۔۔۔ سماج جا رهواسي سماجي قدر پئدا ڪري ۔۔۔ منصفاڻي حڪومت قائم ڪن ۔۔۔ مطلب ته سماج ۾ ڀلائيءَ جو تخيل مضبوط ٿيندو ۽ ان تصور جي ماتحت جيڪو نظامي سرشتو ٺهندو ۔۔۔ اهو قومن کي هن جهان ۽ هن جهان ۾ سرخرو ڪندو ۔۔۔
آخر ۾ آءُ سنڌي قوم کي قرآن شريف جي هن ننڍڙي پر سڀ کان وڏي آيت تي عمل ڪرڻ جي صلاح ڏيندس ۔۔۔
جي مٿي ڏنل آيت سمجهه ۾ اچي وڃي ته سمجهو آخرت به سٺي ته هي جهان به سٺو ۔۔۔ رب العالمين اسان سنڌين کي حق ۽ سچ جي سڃاڻ جي سانڃهه عطا ڪري ۔۔۔ آمين

سماج ڇا آهي ؟
اڄ جي جديد علمن مطابق سماج جي تشريح ڪجهه هن ريت ڪئي ٿي وڃي ۔۔۔
1۔ هڪ وڏو گروه ماڻهن جو جنکي هڪ خاص ثقافت هجي ۽ ناڻي جي ورڇ جو نظام هجي ۔۔۔
2۔ سماج ٺهندو آهي ماڻهن جي گڏيل سوچ ۽ جامع رشتن جي ڳانڍاپي سان، سماج جا اهم نقطا آهن نظرياتي ثقافت، مال ۽ ملڪيت، سياسي مفاد ۽ پنهنجي حاضر ۽ مستقبل جي منصوبابندي ۔۔۔جن سان سماج اصل معني ۾ سماج چورائڻ جي لائق ٿيندو آهي ۔۔۔
انساني سماج صرف ڇڙ وڇڙ ماڻهن جي گروهه جو نالو ناهي هوندو ۔۔۔ سماج ڪو ٻيلو ناهي هوندو جنهن ۾ هر جانور پنهنجي جان جي پاڻ حفاظت ڪري يا هر جانور پنهنجو شڪار پاڻ ڪري کائي ته ٺيڪ نه ته بک مري وڃي ۔۔۔ سماج ڪا اهڙي به شئي ناهي جنهن ۾ جي ڪو امير خئير ڪڍي ته ٺيڪ ۽ جي نه ڪڍي ته ٻيا بک تي ئي سمهي رهن ۔۔۔
سماج هڪ مڪمل نظام جو نالو هوندو آهي جنهن جي پناهه ۾ هر ماڻهون اچي ويندو آهي، جنهنجي قبضي ۾ ان علائقي جا سڀ وسيلا اچي وڃن ٿا ۔۔۔ جنهن جي اندر امن ۽ سڪون سان رهڻ جا قانون هوندا آهن ۔۔۔ جن ۾ حق ۽ سچ جي حمايت ۾ دائرا ٺهيل هوندا آهن، سماج جي اندر انصاف جو حصول آسان هوندو آهي ۔۔۔ جنهن ۾ ڪنهن به هڪ شخص کي اها اجازت ناهي هوندي ته هو ڪنهن ٻي انسان جو حق غضب ڪري، مال کائي وڃي يا جان وٺي ڇڏي يا سندس عزت تي حملو ڪري ۔۔۔
سماج جون ٻه اهم سگهاريون ڌريون هونديون آهن،
1۔سماج جا رهواسي
2۔ سماجي انتظاميه
سماج کي ٻين لفظن ۾ قوم چئجي ٿو ۔۔۔ هڪ زمين جو اهڙو ٽڪڙو جنهن ۾ هڪ مناسب انگ ماڻهن جو رهندو هجي ۔۔۔ ان زمين جي مٿان پئدا ٿيندڙ اناج نباتات هجي يا انجي اندران نڪرندڙ خزانا، ان زمين جي هوا هجي يا پاڻي، ان قوم جا سڀ رهواسي ان جا مالڪ هوندا آهن ۔۔۔
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته خلقڻهار هن ڌرتيءَ ۽ هن ڪائنات ۾ ايتريون ته نعمتون سمائي ڇڏيون آهن جو هوند هر انسان کي هڪجيترو به ملي وڃي ته کٽي ڪونه ۔۔۔
اهڙي نموني هر سماج يا قوم وٽ رب العالمين طرفان ايترو ڪجهه موجود هوندو آهي، جو جيڪڏهن انجو صحيح استعمال ٿئي ته ڪو به انسان ڏکيو يا ضرورت کان وانجهيل زندگي نه گذاري ۔۔۔
هاڻ سماج جو هڪ جزو ٿيا ماڻهون ۽ انهن ماڻهن جي پيرن هيٺان ڌرتي ۔۔۔سماج جو ٻيو اهم ۽ ڪارائتو حصو هوندو آهي ۔۔۔ سماجي يا قومي انتظاميا ۔۔۔ جنهنکي اسين قومي حڪومت چوندا آهيون ۔۔۔ حڪومت سگهاري ۽ ماهرن سان سنواريل هوندي ته، ماڻهن جي گروهه ۽ ان جي پيرن هيٺان موجود زمين جي خزانن جي وارثي ڪندي هڪ اهڙو ته انتظامي ڍانچو تشڪيل ڏيندي آهي جنهن ۾ ماڻهن جون صلاحيتون ۽ وسائلن جي ورڇ عادلانه هوندي آهي ۔۔۔ جنهن سبب اهي قومون يا سماج دنيا ۾ ڳاٽ اوچو ڪري چوندا آهن ته اسين ترقي يافته آهيون ۽ اسان وٽ انصاف ۽ عدل وارو نظام آهي ۔۔۔
اتان جو غريب هجي يا امير انکي ترقي ڪرڻ جا موقعا ملندا آهن ۔۔۔ هن وقت دنيا ۾ ڪيترا سماج ۽ اهڙيون قومون آهن جن وٽ حڪومتي نظام جي مّضبوط سرشتي هجڻ سبب، پنهنجن ماڻهن جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لئه هڪ نه بيهندڙ عمل موجود آهي ۔۔۔
هن وقت آمريڪا ، آسٽريليا ، ايشيا ، آفريڪا ۽ يورپ ۾ ڪيتريون ئي قومون آهن جن وٽ پنهنجي سماج کي اڳ کان اڳري ڪرڻ جا نظام موجود آهن ۔۔۔ انهن وٽ غريب به آهي پر عزت جي زندگي گذاري ٿو، امن جي زندگي گذاري ٿو، ضروريات زندگي کي حاصل ڪرڻ جو پورو حق رکي ٿو ۽ ان جي حاصلات ۾ حڪومتي ۽ سماجي سرشتا ٻانهن ٻيلي ٿين ٿا ۔۔۔ سندس قانوني حق موجود آهن، سندس قومي شناختي ڪارڊ ئي سندس راشن ڪارڊ به آهي ته تعيلم حاصل ڪرڻ جو ذمانتنامو به ته، سندس اهو ڪارڊ بئنڪ مان قرض وٺڻ جو شهادو به ته عدالت ۾ ڇاتي تي مڪ هڻي پنهنجي ڳالهه چوڻ جو حق به رکيٿو ۔۔۔
اهڙو انڌير جهڙو پاڪستان يا برصغير جي قومن ۾ آهي، اهو ته نه اسلام آهي، نه سماج آهي، نه ئي واري ڪو سياسي سرشتو ۔۔۔ جيڪو ڏاڍو سو گابو ۔۔۔ جنهنجي هٿ ۾ پئسو ته هر شئي ان لئه ۽ جنهن وٽ پئسو ناهي ته سندس ڪا حيثيت ئي ناهي ۔۔۔
ادارا جيڪي ڪنهن سماج جي ڀلي لئه ٺاهيا ويندا آهن ۔۔۔ جن ۾ حڪومتي ادارا به اچي وڃنٿا ۔۔۔ اهي سڀ ناڪاره ئي نه پر سماج لئه نقصانڪار ٿيندا پيا وڃن ۔۔۔ سياسي علم حاصل ڪري مان ڪمائڻ ۽ قومي خدمت ڪرڻ جي بجاءِ سياست کي هڪ ڪني گار چيو وڃي ٿو ۔۔۔ ۽ سياست هڪ گورک ڌنڌو سمجهيو وڃي ٿو ۔۔۔
آخر انجو حل ڇا آهي ۔۔۔؟
انجو حل به انهن ٻن طاقتن جي گڏجي اصلاح ڪرڻ ۾ سمايل آهي ۔۔۔ سماج جا رهواسي سماجي قدر پئدا ڪري ۔۔۔ منصفاڻي حڪومت قائم ڪن ۔۔۔ مطلب ته سماج ۾ ڀلائيءَ جو تخيل مضبوط ٿيندو ۽ ان تصور جي ماتحت جيڪو نظامي سرشتو ٺهندو ۔۔۔ اهو قومن کي هن جهان ۽ هن جهان ۾ سرخرو ڪندو ۔۔۔
آخر ۾ آءُ سنڌي قوم کي قرآن شريف جي هن ننڍڙي پر سڀ کان وڏي آيت تي عمل ڪرڻ جي صلاح ڏيندس ۔۔۔
”زماني جو قسم، انسان گهاٽي ۾ آهي، پر اهي جن ايمان آندو، چڱا عمل ڪيا، حق جي تاڪيد ڪيائون ۽ صبر جي وصيت ڪيائون ۔۔۔“ سورت العصر