ڇا انگريزي اکرن لا هي سنڌي اکر مناسب آهن ؟؟؟ پنهنجي را جو اظهار ڪيو.

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ Dr. Asif Jamal Charan طرفان آندل موضوعَ ‏6 جنوري 2014۔

  1. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    720
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    سڄڻون !!!

    ڪجھ ڏيهاڙا اڳ 31 ڊسمبر 2013 تي روزانو سنڌ ايڪسپريس ۾ پني نمبر 12 تي پروفيسر ڊاڪٽر احسان احمد عُرساڻي صاحب پاران هڪ مضمون لکيو ويو هو جيڪو مهراڻ يونيورسٽي جي 50 سال پوري ٿيڻ تي منعقد ٿيل هڪ تقريب جي احوال طور لکيو ويو هو. پروفيسر صاحب ان 3 ڏينهن واري تقريب جو احوال مضمون وسيلي ڏاڍي سهڻي نموني ونڊيو هو. مان ان مضمون جي لنڪ به توهان ساڻ ونڊي رهيو آهيان ته جيئن حوالي (Reference) جي طور تي توهان انکي ڪتب آڻي سگهو. پروفيسر صاحب ان مضمون ۾ ڪيترن ئي انگريزيءَ فني لفظن(Technical Words) کي سنڌي نالا ڏيڻ جي بهترين پر اڻپوري ڪوشش ڪئي آهي جن مون جهڙي ڄٽ کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي ته اهي اکر سنڌيءَ ٻولي ۾ هئا ڪڏهن ۽ ڪٿا آيا؟؟؟؟. پروفيسر صاحب انهن کي ڪهڙي حوالي سان ترجمو ڪيو آهي جو اهي نه سنڌي ٻولي جا ٿا لڳن ۽ نه وري انگريزي ٻوليءَ جا. ڪجھ اکر مونکي ڊاڪٽر بني بخش صاحب جي لغت (سنڌي کان سنڌي) م ملي ويا آهن پر پوءِ به ڪن جي وضاحت گهرجي پئي؟؟؟. پهريان سوچيم ته انهن اکرن تي هڪ جامع بحث جي آڌار وسيلي هڪ وڏو ڦڙڪندڙ تنقيدي مضمون لکي پروفيسر صاحب کان انهن لفظن بابت لغتي توڙي ٻوليءَ جي حوالي ساڻ (انهن اکرن جي) سنڌي حوالن جي گهرج بابت عرض رکان پر پوءِ جيئن چوندا آهن ته سنڌيءَ جو پهريون نه پر پوءِ وارو عقل ڪم جو هوندو آهي سو توهان سڀني سڄڻن ۽ سنڌ سلامت جي ياد اچي وئي ۽ فيصلو توهان آڏو رکڻ لاءِ هي راءِ شماري (Voting) وارو طريقو ئي بهتر سمجهيم. توهان سڀ دوست پنهنجي پنهنجي راءِ ۽ ڄاڻ جي آڌار تي ٻڌايو ته ڇا اهي سنڌي اکر انهن انگريزي اکرن لاءِ مناسب آهن يا نه؟؟؟ ( ٿي سگهي ته حوالا به ڏيو ته جيئن هي علمي بحث لاڀائتي ثابت ٿئي). ان کان سواءِ جيڪڏهن توهان وٽ انهن اکرن کان بهتر اکر موجود آهن ته اهي به ڏيو ته جيئن سڀني دوستن جي سٺي نموني اصلاح ٿي سگهي. اکرن هيٺ ڏجن ٿا.

    ٽيڪنيڀياس (Technology) ٽيڪني + ڀياس : پروفيسر صاحب ٽيڪني اکر ڪٿا آندو آهي؟

    ڳڻپيوڪر (Computer) ڳڻپ + ڪر : ڪر اکر ڪٿا آندل آهي؟

    ڏور ربطيات (Telecommunication)

    ڪاروباري نيات (Business Community)

    ريتار ربطيات (Wireless Communication)

    ريتار ٽيڪنيڀياس (Wireless Technology)

    گهرڙياتي ۽ ريتار ربطيات (Cellular and Wireless Communication)

    ڏور طب (Tele medicine)

    ريتار اندرياتي ڄارڪا (Wireless Sensor Networks)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,747
    ورتل پسنديدگيون:
    4,291
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پوري دُنيا جو اهو مُروجه قانون گفتگو آهي ته گهڻن ئي غير شاهوڪار ٻولي رکندڙن پنهنجي ڊڪشنري ۾ ٻاهران لفظ جوڙي اُن کي امير ڪيو آهي ۽ ڊڪشنرين جي اپ ڊيٽ ورجنن ۾ اضافي ۽ تفصيلي واڌ لا انهن اضافي لفظن جي جوڙ جون سمجهاڻيون به ڏنيون آهن، جهڙيڪ انگريزي ۾ گريڪ يا يوناني لفظن يا انگريزي لفظن ۾ واڌ ۽ اهڙي طرح اهي فارين روٽ وارا ڳنڍيل لفظ ٻولي جي حيٿيت سان سڇاجن ٿا ۽ گفتگو دواران عام ڳالهايا يا لڳيا ويندا آهن۔
    اچو ته هاڻ توهانجي ڏنل هر لفظ جي اڀياس ڪري سمجهون:
    1۔ انگريزي ۾ ٽيڪنڪ اضافي لفظ آهي جنهن جو مطلب آهي هُنر۔ لاجق معنى منتق۔ هر شي جي هُئڻ جو ڪو نه ڪو منتق بيس هوندو اهي جنهن کي پو اڀياس ڪري جوڙجُڪ ڪئي ويندي آهي۔ اهڙي طرح (ٽيڪنڪ + لاجق) ٽيڪنالاجي لاِ جي سنڌي گهربل ورڊ ٺاهجي ته اُهو هُنري منتق ٿي سگهي ٿو۔
    2۔ ساڳئ ريت انگريزي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪمپيوٽ (حساب ڪتاب) گرامرجي ڪمپيوٽر ٿي ويو يعني ايجاد جيڪا اهو حساب ڪتاب رکي۔ پُراڻا رجسٽر (لفظ ۽ فزيڪل مٽيريل) ان قسم لاِ استعمال ٿيندا هُئا۔ هتي حساب ڪتان صرف انگن جو نه پر اکرن ۽ لفظن جو به آهي، معنى هر شي کي لکي رکڻ۔ ڪو ڏوهه ناهي ته جي اهي ترتيب ڏنل ڪم يا هنر يا ان جون ايجادون اسان وٽ نه نڪتيون پر جي ڪٿي به وجود ۾ ايل اهن ته اسان لا به لازمي آهي ته انهن جو ڪو سنڌي ۾ سمجهڻ وارون نالو ڪي لفظ جوڙي ٺاهيون۔ کيس (ڳڻپوڪَل) به چئي اضافي واڌ آني سگهجي ٿي۔
    3۔ اهڙي طرح ٽيلي ڪميونيڪيشن به فارين روٽ اهن جنهن کي (ٽيلي + ڪميونيڪيٽ) +شن (ڳالهه ٻولهه) (ڏور ٻول) جهڙو لفظ ٺاهي به اضافو ڪري سگهجي ٿو۔ جيئن ٽيلي + ڪميونيڪيشن۔
    4۔ ساڳي ترتب سان بزنيس(واپار) ڪميونٽي (سماج) ٺهي سگهي ٿو (واپار سماج)
    5۔ اڳتي وڌون ته وائر+ليس (وائرليس) ڪميونيڪيشن (بي تار ٻول)
    6۔سيليولر (سيل+ لر) گولڙو (گولڙو ٻول)
    7۔ ميڊيسن (دوا) طب يا حڪمت (ڏور طب) ڏوري حڪمت۔
    8۔ بيتار کوج ڄار۔
    الغرض اهي لفظ جيڪي ڪنهن ۾تيريل جي شناخت يا ڪنهن موجد جي نالي سان هُجن ته ان جي سنڌي ڪري لکڻ نه گهُرجي ۽ اهڙي طرح ئي استعمال ڪجي۔ جيئن گلاس (حالانڪه ڪُجي لفظ ٿي سگهيو پئي ۽ سنڌي ۾ به آهي) ۔ جهڙوڪ نالو عبدالرزاق (عربي ترجمون رزق ڏيڻ واري جو ٻانهون) جي توهان هاڻ مونکي رزق ڏيڻ واري ٻانهي جي نالي سان سڏ ڪندئو ته خراب لڳندو، ان ڪري بهتر آهي ته عبدالرزاق ئي چئو۔ اسان به اه گُزارش ڪنداسون ته مٽيريل يا ايجادن وغيره کي ائين ئي ۽ اصلي ٿوپيل نالن سان استعمال ڪريو جيئئب گلاس لاِ استعمال ڪندا اچوم۔ جي شيشو چيوسون ته مطلب ڦري ويندو۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏9 جنوري 2014
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,774
    ورتل پسنديدگيون:
    5,823
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هن وقت اسان احساسِ محرومي ۾ اهڙا جڪڙيل آهيون جو پاڻ وڌائڻ لاءِ هٿوراڙيون هڻندي اهڙا ڪم ڪندا رهون ٿا۔ Sindhi Media جي ڳالهه صحيح آهي ته ٻوليون ٻين ٻولين جا لفظ کڻي ٻولين کي شاهوڪار ڪنديون آهن۔ پر جيڪي لفظ جن ٻولين جا آهن (خاص ڪري اُهي جيڪي مؤجد هُجن شين جا ۽ نالا ڏين جيئن ڪمپيوٽر) ته اُهي لفظ ٿوري گهڻي ڦير ڦار سان ساڳيا ئي رهڻا آهن۔ يورپي مُلڪن به ڪافي ڪوشش ڪئي آهي ته ڊپارٽمينٽ کي ڊپارٽمينٽو چوڻ يا ملي ليٽر کي ملي ليٽري چوڻ جي پر اهي اوترا ئي بدلجي سگهيا آهن جيترا مٿي ذڪر ڪيل لفظ جهڙوڪر ڳڻپيوڪر يا ٽيڪنيڀياس وغيره وغيره۔
    پر انهي احساسِ محرومي کان نڪرڻ لاءِ رڳو اهو ڪافي ناهي ته پرائي ڇاهيل شئي تي پنهنجو نالو رکجي پر پاڻ اهڙيون نيون شيون ايجاد ڪجن جن کي نج سنڌي نالا ڏِجن۔ پوءِ ڏِسو ته اُهي اکر ڪيئن نه ٻيا مُلڪ پنهنجي ٻولين ۾ ضم ڪن۔
    ڏاند گاڏي جو اڪثر مثال ڏيندو آهيان (۽ چون ٿا تون ٻيو حليم بروهي ٿين ڦاٿاساين تو منجهان)۔ پر ڏاند گاڏي انگريزن جي ڪم نه آئي۔ نه ته اها اسان جي شاندار ايجاد هئي۔ ڪاش انهي جي واڌاري سان اڳتي هلون ها ۽ ڪارون جهاز ڇاهيون ها ته اڄ انگريز نه به ايئروپلين بجاءِ هوائي جهاز چوندا هُجن ها۔
    انهي حوالي سان ٻه ٽي مهينا اڳ ڪاوش ۾ به لکيو هئم۔
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,747
    ورتل پسنديدگيون:
    4,291
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اسان سنڌي به هڪ عجيب قوم آهيون بس ڪنهن به ڳالهه جي پُٺيان شل نه پئون، پبلسٽي ۽ واکاڻ اسانجي نسلي ڪمزوري آهي، ڪنهن ڳالهه کي ٿا وٺون ته اصل لٺ کنيو هلون مقصد سمجهه ۾ اچي نه اچي نه اچي بس کوهه ۾ ٽُپو ڏيڻو آهي ، رپورٽر ٿيڻو آهي، رائيٽر بڻجڻو آهي، ڊرامان نگار ٺهڻو آهي ادا ائين ڪرڻ جا جوکيو شفيق احمد صاحب ٍجهڙي ڪنهن اُستاد کان به گُر سکڻا پون ٿا، اهو سمجهڻ کان سوا ته ڇا اسان جي دال به ڳرندي يا نه ، بس ڪنهن جي يا پنهنجي ڦاڙڻي آهي ته ڦاڙي ڇڏجي پو ڀلي ڦاڙڻ نه ايندو هُجي۔ ادا ڏاڍو سو گابو ميمڻ ويچاري تي ڪهڙي معيار يقين نه اچوَ ته مُهنجي يار مُحترم جوکيو شفيق احمد صاحب کان تصديق ڪرائي وٺو۔ شروع ڇو ٿيس جو ”سائين پوري دُنيا جي زبانن ۾ هوندو آهي ته لکت لا هڪ طريقو ۽ ڳالهائڻ لا ٻيو طريقو استعمال ڪيو ويندو آهي، ڪنهن به کڻي زبان کي کڻو توهانکي اهي ئي ٻه شيون اُتي ملنديون ۽ اهڙي ريت لکت واري سنڌي ۾گرامر جي صحيح استعمال ۽ صحيح اُچار جي خبر به پوندي آهي جيڪو سنڌي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ وارن لا لازمي هوندوآهي ان ڪري ئي سنڌي ادبي بورڊ جو وجود آيو جيئن صحيح سنڌي زبان جي حفاظت ڪري سگهجي ، اهو دئور واڻين جي دئور کان مُسلسل ڀُٽي صاحب جي دئور تائين هلندو رهيو۔ ۽ پو ڀُٽي صاحب جي نوڪري ڏيڻ واري عهد کان جيئن ئي اُتر سنڌ مان لڏ پلاڻ ٿي لاڙ پُهتي لکت جو طريقو به بدلجندو ويو۽ ڪنهن به برک اصلي لکت واري سنڌي ان کي صحيح رُخ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي ممڪن آهي سياسي پريشرن جي ڪري يا نوڪري ۽ آفيسري بچائڻ جي ڪري ٻين ڪنهن مجبورين جي ڪري۔ اڄ جي سنڌي ڊراما نگاري واري سنڌي آهي۔ اهڙي طرح سُگهڙن جون پُراڻيون ڪچهريون يا سائين صالح محمد شاه جي ريڊئي تي نشر ٿيل فتح خان جي ڪچهري مان به گهڻو ڪُجهه سکي سگهجي ٿو۔
    ڊرامان نگاري وري هڪ ٻيو فن آهي ها ان ۾ ڊائلاگ علاقائي ڳالهائڻ واري زبان جا لفظ اُچاري سگهجن ٿا ۽ سگهبا آهن جنهن سان علائقي جي تهذيب و تمدن جي خبر گيري ٿيندي آهي ته فلاڻي فلاڻي طريقي سان ڳالهايو پر ان ڊرامي کي کڻي هلڻ لا به لکت اُهائي اصلي سنڌي واري هُئڻ کپندي هُئي، وقت جي گُذرڻ سان ۽ اُتر سنڌ جي اثر ڪري اُتر جي پاسي وارن جي علم ادب، جاب ، ٽيچنگ وغيره ۾ اڪثريت وڌندي وئي ۽ هُنن لکڻ واري سنڌي کي به پنهنجي ڳالهائڻ ورا ڍنگ (ڊراما نگاري)سنڌي سان بدلائي ڇڏيو جيڪو اڄ تائين جاري و ساري آهي۔ هاڻ هرڪو سنڌي لکڻ وارو ليکڪ آهي جيڪو ڳالهائي ٿو اھو ئي لکي ٿو جڏنهن ته لکت جا به اُصول آهن جن جو خيال نٿو رکيو وڃي ۽ ڪا پابندي ناهي، باقي سنڌي جو خانو خراب انهن سنڌي ليکڪن به ڪيو جن مئٽرڪ به مُشڪل سان پڙهي هُجي ۽ جن سنڌي چئنلن تي لکيو، مشهور ٿي ويا جو کين ميڊيا تي پبلسٽي ملي ۽ ماڻهون خاص طور نئين جنريشن اهو رستو اختيار ڪندي وئي ۽ سنڌي ادب هڪ عام ادب بڻجي پيو آهي جنهن جا هاڻ ڪي اُصول ناهن۔ هاڻ فرهاد قائم خاني به سنڌي لکي ٿو ته ڪي ڪي به جن شايد ئي سنڌي اسڪولن جي شڪل ڏٺي هجي ۽ شاهه نواز ڀُٽو ته اسلم ڀُٽو به رائٽر سڏرائجن ٿا اڪثر ڊائريڪٽر ويچارا ته پئسا بچائڻ لا پاڻ به رائيٽر ٿي پيا آهن ۽ سنڌي ڊراما نگاري، اڙدو ڊرامان يا ڊائجسٽون يا هندي فلمون ڏسي ڪهاڻين کي توڙي موڙي سنڌي زبان جون ٽنگون ئي ڀڃي چُڪا آهن ۽ ڪو به ڪلچر سان وابستا اٿارٽي وارو اعتراض نٿو ڪري اُبتو کين رائٽر ايوارڊ سان نوازي ٿو۔ سنڌي ادب جي رهي سهي ڪثر به ختم ٿيندي وڃي ۔ جيئن نثري نظم ۾ هوندي آهي جنهن ۾ نه بحر ۽ نه ئي وزن جو خيال نٿو رکيو وڃي جنهن ۾ شعر جو ماڊرن طريقو ڏسي سگهبو آهي۔ لکت واري سنڌي کي بچائڻ لا ان کي به ڪو نثري نظم جهڙو ئي نالو ڏجي ها،اهڙو ڪو نالو ڏجي ها ته بهتر هُجي ها جيئن نثري نظم ٿي پيو۔ ڇو ته ڳالهائڻ واري زبان گرامر ۽ اُچار ڪرڻ کان آزاد هوندي آهي۔ ۽ اڄ ڪلهه سنڌي ڪلچر ۾ به ڳالهائڻ واري زبان استعمال پئي ڪئي وڃي پو اهو ڀلي ليکڪ ئي ڇو ناهي۔
    سنڌي ادب ۾ به ڪتابي لکت ۾ الاهي تبديليون اچي ويون آهن اڄ جو ادب ائين پيو لکجي جيئن پاڻ پنهنجي ڪنهن مخصوص علائقي ۽ ماحول ۾ ڳالهايون پيا جڏنهن ته سنڌي ڪتاب لکت جو هڪ ٻيو طريقو آهي جيڪو اسان سکندا ۽ پڙهندا آيا آهيون ۽ اُهو اُتر سنڌ جو لاڙ سنڌ ۾ لڏ پلاڻ ڪري بلڪل ختم يا تبديل ٿي ويو آهي، اڳي جا يا واڻين جي زماني جو سنڌي ادب پڙهو ته توهان کي اڄ جي ڪتابي ادب ۽ اڳ جي ڪتابي ادب ۾ زمين و آسمان جو فرق محسوس ٿيندو۽ اهوئي سبب آهي جو جنهنڪري سنڌي زبان ۾ ٻين زبانن جي لفظن جي يلغار ٿي پئي آهي، سنڌي چئنلن جي ليکڪن ته سنڌي زبان جو ويتر خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي اڳي جي سنڌي  ۾ صرف عربي، فارسي ترڪي يا سنسڪرت وغيره تائن محدود هُئي ۽ ڪافي وقت هلي، هاڻ اُترادي، سرائڪي، پنجابي، هندڪو، سنڌي، پنجابي، هندي ۽ اُڙدو انگريزي زبانون به سنڌي ملائي لکيون ۽ پڙهيون وڃن پيون۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    720
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    توهان سڄڻن جي وڏي مهرباني جو پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي مون جڏي جي مدد ڪيو پيا۔۔۔ اڃا به ڪجھ دوست جيڪر پنهنجي پنهنجي را ڏين ته واھ واھ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو