اانڊس ويلي (وادي مهراڻ) انڊس، سنڌ يا مهراڻ ۽ اسان

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏9 جنوري 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اانڊس ويلي (وادي مهراڻ) انڊس، سنڌ يا مهراڻ ۽ اسان
    [​IMG] [​IMG] [​IMG]لفظ
    انڊس ( Indus ) لفظ پُراڻي گريڪ زبان ( Indós ) مان نڪتو آهي جنهن کي پُراڻي فارسي زبان ۾ (Hinduš ) ۽ سنسڪرت زبان (Sindhu ) سنڌو ٿي اُچارڻ لڳو۔ لفظ انڊس، انڊوس، هندس ، سنڌواڄ سنڌ يا مهراڻ طور اُچارجي ٿو۔ انڊس ويلي يا ماٿري يا وادي مهراڻ ۾ اُهي تمام علائقا اچن ٿا جيڪي برصغير ايشيا ۾ جتان جتان سنڌو دريا جو وهڪرو شروع ٿي ختم ٿو ٿئي۔ سنسڪرت لفظ سنڌو ٻن لفظن سم (sim ) معنى علائقو يا بارڊر يا حد ۽ ٻئي لفظ (dhu ) ڌُو معنى ٿرٿراهٽ يا شيڪ کي ملائي (جنهن جو مطلب آهي (a body of trembling water, river, stream or ocean )ڇوليون هڻدڙ پاڻي، ڪا نهر يا ندي يا سمنڊ آهي۔ ان ڪري ۾يگا ٿينس بوڪ ( Megasthenes's book) انڊيڪا (Indica ) گريڪ زبان ۾ ان کي انڊوس (سنڌو دريا) سڏيو۔ جنهنکي يونان جي بادشاه ايلگزانڊر پار ڪري اُڪريو هو۔ ان ڪري اُن جي پسگردائي ۾ رهڻ وارن کي انڊوس يا سنڌي سڏيو وڃي ٿو۔ هي دريا پاڪستان، انڊيا ۽ چائنا ۾مان گُزري ٿو۔
    [​IMG] [​IMG] [​IMG]
    انهي مان اندازو ٿئي ٿو ته سنڌ جون حدون ڪهڙيون هُيون۔
    The Indus River is a major river in Asia which flows through Pakistan. It also has courses through western Tibet andNorthern India. Originating in the Tibetan Plateau in the vicinity of Lake Mansarovar, the river runs a course through theLadakh region of Jammu and Kashmir, towards Gilgit and Baltistan and then flows in a southerly direction along the entire length of Pakistan to merge into the Arabian Sea near the port city of Karachi in Sindh. The total length of the river is 3,180 km (1,980 mi). It is Pakistan's longest river.
    هاڻ پنهنجي تاريخ ڏسو _ پاڻ کي موجوده سنڌ تائين محدود نه ڪريو۔ ڇو جو ايشيا جو وڏو دريا (سنڌو دريا (انڊس رِوَر) تبت کان به گُزري ٿو، نارٿن انڊيا کان به ته ڄمون ۽ ڪشمير جي لداخ ۾ به، گلگت ۽ بلوچستان به ۽ پو و_ي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو۔ ٿابت ٿيو ته دريا جي گذرندڙ ٻنهين ڪناررن جي طرسان سنڌي ئي آباد هُئا ۽ اها توهانجي اصلي تاريخ آهي۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏9 جنوري 2014
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بس موجوده سنڌ کي بچايوسين ته لک کٽيوسين ۔۔۔۔ حالتون اهڙيون آهن جو اسان جي سڃا؟پ برقرار رکڻ ڏکي ٿي وئي آهي۔ اسان جا چينل اسان جي الائي ڪهڙي ثقافت پيا ڏيکارين، سياستدان پنهنجي ۾ پورا آهن ۽ ٻئي طرف ورهاڱي ۽ سنڌ 1 ۽ سنڌ 2 جون ڳالهيون پيون ٿين۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    In Urdu, the official language of Pakistan, the Indus is known as درياۓ سِندھ(Daryā-e Sindh). In other languages of the region, the river is known as सिन्धु नदी (Sindhu Nadī) in Hindi, سنڌو (Sindhu) in Sindhi, سندھ(Sindh) in Punjabi, સિંધુ નદી (Sindhu) in Gujarati; اباسين (Abāsin,lit. "Father of Rivers") in Pashto, رود سند (Rūd-e Sind) in Persian, نهر السند (Nahar al-Sind) in Arabic, སེང་གེ།་གཙང་པོ (Sênggê Zangbo, lit. "Lion River") in Tibetan, and Nilab in Turki.
    دريا سنڌ يعني انڊوس، انڊس، مهراڻ ۽ سنڌو ندي وغيره کي مختلف لوڪل زبانن ۾ مختلف مٿين نالن سان به سڏيو ويندو رهيو آهي انهن نالن کان علاوه هن کي اباسين به چيو ويو، عرب هن کي نهرالهند چوندا هُئا۔ وڌيڪ ڊتيلس وڪي پڊيا http://en.wikipedia.org/wiki/Indos ۾ آشڪار آهن۔ هتي صرف اهو ٻُڌائڻو آهي ته هي جيڪا تهذيب، هي جيڪوڪلچر پوري پاڪستان، هندستان، چائنا، ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اوهانکي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ان جو بُنياد سنڌو ندي جي ٻنهين ڪنارن جي گرد ڦهليل آبادي سان آهي، جنهن کي سنڌو ندي جي نسبت سان سنڌ سڏجي ٿو ۽ اها پوري ماٿري جنهن ۾ تاريخي حُسن ، تهذيب آهي سا مُڪمل هڪ وادي مهراڻ يا انڊس ويلي آهي جيڪا آهستي آهستي مختلف ايندڙ تبديلي مان گُذري پنهنجي شڪل تبديل ڪندي وئي ائين جيئن دريا سنڌ جو پاڻي پنهنجي مرضي ۽ وهڪري سان جتان گس ملندو رهيس ٽيڙو ميڙو ٿي وهندو رهيو پو انهي نسبتن سان زبانن ۾ ڦيرا پيا سنڌ جي ماڻهن جي مُسلمان ٿيڻ سان ڪلچر ۾ تبديليو آيون، هي جيڪا سنڌي ٽوپي آهي اُها اصل ۾ گول ٽوپي هوندي هُئي جيڪا اڄ به ڪلاش ۽ ڪشمير جا ماڻهون آهن جنهن ۾ سنڌ جي جن حصن ۾ اسلام آيو سنڌي مُسلمانن ان جي نرڙ وري حصي کي ڪٽي محراب بڻايو هي جيڪي رنگ و روغن جا ڪپڙا پوري برصغير ايشيا ۾ آهن اها پوشاڪ به سنڌي پوشاڪ هُئي جنهن ۾ تبديلين ڪري فرق پوندو رهيو هي جيڪي هندڪو، ميمڻي، سرائڪي، پنجابي يا اهڙي مئچ واريو ٻيو ٻوليون هُيون اهي به ماحول ۽ پسگردائي جي تبديلين سان تبديل ٿينديون رهيون ۽ ان جو واضح مثال اهو آهي ته اسان اڄ جنهن زبان کي سنڌي چئون ٿا اُها زبان به مٿين زبانن جيان ڦير گهير آڻيندي رهي پر علاقائي تحت اها ئي ٿيوري هُئي جو جتي سنڌ جو ڊسٽرڪٽ بدلجي ٿو سنڌي زبان ۾ ڦير اچي ٿو لاڙي ، اُترادي، ٺٽي ۾، ٻولين ۾ ۽ لهجن ۾ تبديلي اُن جو ثبوت آهن۔ ته دوستو اسانجي سنڌ جو ميداني اثر صرف اڄوڪي سنڌ تائين محدود ناهي پر اسان پوري هندستان، ڪشمير، تبت، چائنا وغيره جا اصلي مالڪ آهيون سنڌي آهيون جيڪي اها وراثت کنيو پيا هلون ۽ اڄ اسانکي هڪ ننٺڙي ڪوٺي ۾ محدود ڪري ڏٺو وڃي ٿو پو ڀلي اسان پنهنجي عادتن ۽ اتحادي فقدان ڪري ٽُٽندا رهيا آهيون ۽ رهون پيا ٻيو ته عاجزي، شرافت، امن پسندي به هميشه جيان اسانکي غلام بڻائيندي رهي آهي ۽ اسانجون اهيڀ ڪمزوريون اسان کي مسلسل اقليت ۾ ڪنديون وڃن۔ اسان صرف الفاظي پنهنجي تهذيب ۽ ڪلچر لاِ وڙهندا اچون پر حقيقت ۾ عملي طرح اسان پنهنجي پاڻ ۾ وڇوٽيو وجهي ڇڏيون آهن، ان برداشت ۽ ساڙ جي بُنيادي عنصر ڪري جيڪو اڄ اسانجي رت ۾ شامل آهي ۽ انهي ڪُهاڙي اسان اسان هاڻ محدود ٿي به پاڻ، پاڻ کي قتل پيا ڪريون، پنهنجي ڪنهن جي به اڳيان وڌڻ جي محنت کي برداشت نه ڪري سندس رستن ۾ ڪنڊ پيا وڇايون جي ائين نه ٿئي ها ته اڄ به اها پوري جي پوري مهراڻ ماٿري، انڊس ويلي، وادي مهراڻ اسان جي هٿ ۾ هُجي ها۔ اڄ به وقت آهي مُتحد ٿي اها جيڪا نالي ماتر سنڌ جا اصلي باشندا هُئڻ جي حيثيت آهي اُها برقرار رکون، قبائلي جهِيڙن کان بچون نه ته سُڀاڻ اسان صرف تاريخ جو هڪ باب هونداسون ۽ حقيقت ۾ اسانجو وُجود ئي نه هوندو۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏10 جنوري 2014
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌو ندي جي شروعات تبت جي هڪ ڍنڍ (مانسرور) وٽان شروع ٿئي ٿي جتان وري اها پوري ڪشمير مان گُذري پوري افغانستان جي جبلن ۾ داخل ٿئي ٿي هتي هن کا اباسين چئجي ٿو جنهنجو مطلب آهي دريائن (ندين) جو پي۔ سنڌو ندي کي (شينهن دريا) به چئجي ٿو هي جبلن مان ٿيندو ، ميداني علائقن ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ اڄ جي پنجاب ۽ سنڌ مان گُزري ڪراچي جي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿو۔
    هي سنڌو ندي جي خلائي تصوير آهي جنهن ۾ سنڌو ندي کي مٿين علائقن مان نروار ٿيندي ڏيکجي پيو۔
    [​IMG]
    [​IMG][​IMG]
    سائيز ۽ ميجر سائيٽس آف انڊس ويلي سولائيزيشنس۔
    . The shaded area does not include recent discoveries such as Rupar, Balakot, Shortughai in Afghanistan, Manda in Jammu, etc. See [1] for a more detailed map.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏10 جنوري 2014
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مُهنجي دڙو ۾ افتتاح ٿيندڙ سنڌ فيسٽيويل جي 2 فبروري کان 15 ڏينهن تائين مُسلسل لائيو ڪوريج ڏئي پنهنجي نيشنلزم جو ثبوت ڏيو، جيڪي پسگردائي ۾ رهن ٿا۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو