دوستو سنڌ سلامت فورم جي پهرين سالگره 15 اپريل تي ملهائي پئي وڃي۔۔۔۔
هوئن ته ڪو ڏڻ ملهائڻ بابت هر ماڻهون جا پنهنجا پنهنجا نظريا هوندا پر سنڌ سلامت جي سالگره کي ان ڪري ملهائڻ جو سوچجي ٿو ته جيئن فورم کي شهرت ڏئي اصل مقصد طرف قدم وڌائجي۔۔۔ جيڪڏهن توهان مان ڪو اردو فورمن ڏانهن ڦيرو ڀريندڙ هجي ته اتي يقينن هن مختلف پروجيڪٽن تي کين ڪم ڪندي ڏٺو هوندو ۔۔۔۔ انهن پروجيڪٽن ذريعي هو اردو زبان کي هٿي وٺرائڻ ۾ رڌل رهندا آهن۔۔۔ اردو فورم تي توهان والنٽيئر طور ڪم ڪرڻ لاءِ به ڪافي ٽيڪنيڪل ۽ پروفيشنل ماڻهون نظر ايندا هوندا جيڪي مختلف پروجيڪٽن تي گڏجي ڪم ڪندا هوندا۔۔۔ جهڙوڪ ڪنهن سافٽويئر جو اردو ترجمو ڪرڻ، بهتر کان بهتر اردو فونٽس تيار ڪرڻ، قرآن مجيد جو ترجمو، اردو ڪمپيوٽنگ ۽ مختلف اردو ڪتابن کي ڊجيٽلائيزيشن ڪرڻ وغيره۔۔۔۔ جتي ڄاڻو ماڻهون انهن پروجيڪٽن تي محنت جاري رکندا اچن ٿا اتي ٽيڪنيڪل ڄاڻ نه رکندڙ وري انهن کي سپورٽ ڏيڻ لاءِ مالي سهائتا ڏيندا رهن ٿا۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو اهڙن فورم تي ڊونيٽ ڏيڻ لاءِ بٽڻ کي مکيه صفحي تي رکيو ويندو آهي۔۔۔۔
اسان سنڌي لاءِ ڪم ڪرڻ جو ذميدار صرف گورنمينٽ جي ادارن کي سمجهندا آهيون۔۔۔ اهڙن ادارن جا سربراه ڪنهن سيمينار تي لک لٽائي هٿ هٿ تي رکي ويهندا آهن۔۔۔ ۽ وري حڪومت جي تبديلي کان پوءِ ادارن جا سربراه ئي مٽيو وڃن۔۔۔ جنهن کان پوءِ ٻيهر سيمينار ۽ هٿ تي هٿ رکڻ۔۔۔
ٺيڪ آهي ته اسان ڪو ادارو ناهيون پر اسان وٽ ٽيڪنيڪل ماڻهون آهن ۽ وڌيڪ ماڻهن جي ضرورت آهي جنهن کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري سگهجي ٿي۔۔۔ جنهن کان پوءِ عملي قدم کڻي سگهجي ٿو۔۔۔۔
ان سلسلي ۾ پهريون قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو اٿم جنهن ۾ توهان جي ڀرپور ساٿ ۽ مشوري جي ضرورت آهي۔۔۔۔ پروجيڪٽ ڪجهه هن طرح آهي ته سال 2010 جو هڪ اهڙو ڪيلينڊر ٺهرائجي جنهن ۾ سنڌ ۾ ملهائيندڙ قومي ڏينهن کي اجاگر ڪيو وڃي ۔۔۔ اهو هڪ منفرد منصوبو آهي۔۔۔ اهڙو ڪم شايد پهريون نه ٿيو آهي۔۔۔ پروجيڪٽ مطابق هڪ سادو ڪيلينڊر جنهن تي سنڌ سلامت لوگو ۽ مونوگرام کي سجائڻ کان سواءِ سنڌ جي مختلف شخصيتن کي ڊرائينگ پينٽ جي صورت ۾ ۽ مختلف قومي ۽ ثقافتي ڏينهن کي سندن خاص نشانين سان هڪ پاٺي نما پيپر تي سجائجي ۔۔۔ جينهن جي هيٺان ڪيلنڊر جي مهينن جا پنا جيڪي مهيني ۾ موجود قومي ڏينهن جي نشاندهي پڻ ڪندا لڳل هوندا۔۔۔ هڪ محتاط اندازي مطابق اهڙي پروجيڪٽ تي 5000 روپيه خرچ ٿيندو جڏهن ته سادي ڪيلينڊر هجڻ ڪري سندس قيمت صرف 20 روپيه رکي ويندي۔۔ هاڻي فورم تي موجود رڪنن ۽ والنٽيئرز دوستن کي ذميداري ڏني ويندي ته اهي هن ڪيلنڊر کي سيل ڪن ۔۔۔۔ اهڙي نموني انهن دوستن ۽ همدردن کي موقعو پڻ ملندو جيڪي سنڌ سلامت جي مالي سهائتا ڪرڻ چاهين ٿا۔۔۔
هن پروجيڪٽ جا فائدا۔۔۔
سنڌ سلامت جي مشن ”سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار“ لاءِ پهريون قدم۔۔۔
سنڌ سلامت جي لاءِ هڪ منظم اشتهار جنهن سان ڪافي ٽيڪنيڪل ۽ ادبي دوست وڌي سگهن ٿا۔۔۔
سنڌ سلامت طرفان سنڌ ۽ سنڌي شخصيتن کي ڀيٽا ۽ سلام۔۔۔
قومي ڏينهن ۾ سنڌ سلامت کي شامل ٿيڻ جو نعرو۔۔۔
سنڌ سلامت جو سنڌ ۽ سنڌين لاءِ پنهنجي سالگره تي پهريون پروجيڪٽ ۔۔۔۔
ان کانسواءِ انيڪ فائدن سان گڏو گڏ سنڌ سلامت جي سالگره تي ايندڙ خرچ کي هٿي ڏيندڙ رقم حاصل ڪري سگهجي ٿي۔۔۔۔
توهان ڇا ٿا چئو پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪريو ته پروجيڪٽ جو اصل خاڪو تيار ڪري سگهجي۔۔۔