جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2010۔۔۔۔ ادا مونکي منهنجي فيملي کي سٻني دوستن کي ڏاڊو پسند آيو آهي هي ڪلينڊر پر گذارش آهي ته زياده کان زياده ڪلنڊر مونکي ڏين ها :d
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2010۔۔۔۔ ادا ابن قاضي صاحب جا ويچار پڙهيا ۔۔۔ سٺا لڳا ۔۔۔ ادا هي سنڌ سلامت جو پهريون پروجيڪٽ هيو۔۔۔ ڇو ته ڪم محنت طلب ۽ وقت گهرندڙ هيو ان ڪري ڊپ هيو ته متان پهريون ئي قدم کڄي نه سگهي ان ڪري ڪيلينڊر جي صلاح صرف انتظاميه سيڪشن تائين رکي وئي۔۔۔ ان باوجود ڪجهه اهڙا دوست جيڪي هر وقت رابطي ۾ رهندا هئا کي هن پروجيڪٽ بابت ٻڌايو ويو۔۔۔ جن جي صلاح کان پوءِ 5000 جي پروجيڪٽ کي وڌائي 28000 تائين آندو ويو ۔۔۔ ڪيلينڊر کي هڪ نظر ڏسڻ کان پوءِ سندس خوبصورتي ڏسي ڪنهن کي يقين نه ايندو ته اهو ڪيلينڊر صرف 30 روپين جي لڳ ڀڳ آهي۔۔۔ سڀني دوستن جي صلاح کان پوءِ ڪيلينڊر کي عام مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ نه رکيو ويو پر خالص سنڌ ۽ سنڌي امر شخصيت کي ڀيٽا ڏيندڙ هن ڪيلينڊر کي سنڌ سلامت جي طرفان تحفي طور مفت ۾ ورهائڻ جو پروگرام رکيو ويو۔۔۔ ڪيلينڊر تي خرچ ٿيندڙ رقم لاءِ سڀني دوستن کي حصو اٽڪائڻ جي گذارش ڪئي وئي ۔۔۔ مان ٿورائتو آهيان انهن سڀني دوستن جو جن پنهنجي هڙان وڙان مدد ڪئي ۽ هيئنر به مدد جاري رکي اٿن۔۔۔ ڪيلينڊر جي تعداد کي 1000 سمجهي هن تحرير کي سڀني رڪنن لاءِ کوليو ويو۔۔ ته جيئن نه صرف دوست ڪيلينڊر جي حصول لاءِ رابطو ڪن پر جيڪي سنڌ ڌرتي لاءِ اسان جي هن خوبصورت ۽ منفرد خدمت ۾ حصو اٽڪائڻ چاهين ته اهي رابطو ڪري سگهن۔۔۔۔ دوستن کي اطلاع ڏجي ٿو ته سموري سنڌ ۾ هن ڪيلينڊر کي پکيڙيو ويو آهي ۔۔۔ ان ڪري اسٽاڪ ۾ باقي تعداد ختم ٿيندو پيو وڃي۔۔۔ جيڪڏهن ڪو دوست اهڙو دلپسند ڪيلينڊر حاصل ڪرڻ چاهي ته جلدي رابطو ڪري ۔۔۔ ٻي صورت ۾ متان چئو ته توهان رهجي ويو۔۔۔
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2010۔۔۔۔ سنڌ سلامت طرفان مان محترم شوڪت چاچڙ (ريسرچر انسائڪلوپيڊيا، سنڌيانه سيل، سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد) جن جو ٿورائتو آهيان جن موبائيل پيغام ذريعي سنڌ سلامت ڪيلينڊر جي خوبصورتي جي تعريف ڪئي ۽ مبارڪون ڏنيون۔۔۔۔
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2010۔۔۔۔ ادا سنڌ سلامت جو ڪيلنڊر جي باري ۾ پڙهيو سين خوشي ٿي مان اهو ڪلينڊ ر ڪٿان حاصل ڪيان ڇا حيدرآباد مان مارڪيٽ ۾ ملي ويندو ؟ چانڊوڪي shal judy hujeen
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2010۔۔۔۔ ادي حيدرآباد مان سائين ابو واصف جن وٽان اوهان کي ڪلينڊر ملي ويندو سائين ابو واصف جن سنڌ سلامت جا سينئر عهديدار آهن ۽ هن ڪيلينڊر ۾ سندن ڪليدي ڪردار آهي سائين جن کي پي ايم ڪري اوهان ڪيلينڊر حاصل ڪري سگهو ٿا۔
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2010۔۔۔۔ جيئن ته مون کي اڄ ئي سنڌ سلامت ڪيلينڊرس مليا آهن مان اهي ڪيلينڊرس وٺي ڪري ادا ابو واصف ادا اسد مير جت ۽ ادا رشيد جي محنت جي تعريف کان رهي نه سگهيس ادا رشيد کي اهڙي محنت تي مون فقير طرفان لک لک مبارڪون هجن . ۽ ان کان علاوه هتي سائين رحمت الله سومرو (رپورٽر ڊيلي ڊان) صدر پريس ڪلب شڪارپور جن کي سنڌ سلامت ڪيلينڊر پيش ڪيم ۽ انکي سنڌ سلامت فورم بابت ٻڌايم ته سائين ڪيلينڊر جي ڏاڍي تعريف ڪئي ۽ انٽر نيٽ تي سنڌي ٻولي کي اڀارڻ لا۽ اهڙين ڪوششن جي واکاڻ ڪئي . سدائين گڏ
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2010۔۔۔۔ ادا وڏا مون کي به کپي ۔ 10 ڪيلينڊرس جا پيسا منهنجي جيب خرچي مان ڪٽي ڇڏجو
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2010۔۔۔۔ سائين انتهائي بهترين ڪم آهي۔ منهنجي طرفان توهان کي کوڙ ساريون واڌايون۔ منهنجي دوستن ۾ ڪافي اهڙا آهن جن جو سنڌي ٻولي سان لڳاء آهي مان انهن تائين توهان جي هي ڪاوش پهچائڻ چاهيان ٿو۔ Therefore i request (Team sindhsalamat) to put a responsibilty on me to distribute 20 calanders amongst resposible sindhies
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2010۔۔۔۔ ادا سائين مان هن وقت تائين ٽيهه ڪيلنڊر سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف ڊپارٽمنٽس جي ڊائريڪٽرز، ٽيچرز ۽ اهڙن اسٽوڊنٽس کي جيڪي آءِ ٽيءَ جي شعبي ۾ مصروف عمل آهن انهن کي تحفي طور ڏئي چڪو آهيان۔۔۔ تمام سٺو ريسپانس مليو آهي۔۔ گهڻن سنڌين ته ان کي خريد ڪري پنهنجن دوستن لاءِ اهو تحفي طور ڏيڻ تي به دلچسپي ظاهر ڪئي آهي۔
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2010۔۔۔۔ ادا مونکي به هي پروجيڪٽ پسند آيو جلد ئي مان 10 ڪاپيون وٺڻ لاءِ توهان وٽ ايندم
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2010۔۔۔۔ دوستو اڄ مان 10 ڪيلنڊر کڻي ڪري سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور ويس اتان جي پرنسپل صاحب عبدالحئي مورياڻي سان ملاقات ڪئي جنهن سنڌ سلامت ڪيلينڊر جي واکاڻ ڪئي ۽ انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جي حوالي سان رشيد سمون ۽ سڄي ٽيم جي محنت تي خوشي جو اظهار ڪيو سدائين گڏ
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2010۔۔۔۔ ڪامرس ڪاليج ڪراچي جي پرسپل محترم اشرف سمون جن کي 40 ڪيلينڊر ڏنا ويا جن پنهنجي حلقه احباب ۽ سنڌي سجاڳ سوچ رکندڙ ماڻهن ۾ تقسيم ۔۔۔ پاڻ ڪيلينڊرس جي تمام گهڻي واکاڻ ۽ اسان جي هن عمل جي پڻ ساراه ڪيائون۔۔۔۔ سندس بقول ته سنڌ جون اڃان به اهڙيون ڪامل ۽ سگهاريون شخصيتون موجود آهن جيڪي ڪيلينڊر تي لکجي نه سگهيون۔۔۔۔ دوستن کي آگاهي ڏيندو هلجي ته اڪائونٽ نمبر کي تبديل ڪيو ويو آهي۔۔۔۔ نئون اڪائونٽ نمبر هي آهي۔۔۔ عبدالرشيد سمون اڪائونٽ نمبر 02013202419 عسڪري بينڪ لميٽيڊ، مين برانچ، آئي آئي چندريگڙهه روڊ ڪراچي۔۔۔ Abdul Rasheed Samo Account No. 020103202419 Askari Bank Limited, Main Branch, I I Chundrigarh Road, Karachi
جواب: سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2010۔۔۔۔ دوستو! ادي طاهر سنڌيءَ جا موڪليل ڪئلينڊر مليا، جنهن مان ڪجهه ڪاپيون سائين پاٽائيءَ صاحب کنيو ۽ ڪجهه مون ۔۔۔ ڪئلينڊر جاذب نگاهه ۽ سٺو ٺهيل آهي، جيتري حد تائين مونکي ياد ٿو اچي ته اڄ تائين ڪنهن به سنڌي اداري پاران اهڙو سهڻو، معلوماتي ۽ حب الوطنيءَ سان ڀريل ڪئلينڊر نظر نه آيو آهي ۔۔۔ جيتوڻيڪ انهن ادارن جا بجيٽ ڪروڙين روپيا آهن پر هن ننڍڙي ساٿ پنهنجي هڙان ۽ وڙان خرچ ڪري هڪ اهڙو ڪم ڪري، اهو ثابت ڪيو آهي ته هن اداري جا سڀ دوست، سنڌ سڄڻ آهن ۽ پنهنجون محنتون ۽ سچايون سنڌ سان نڀائي ڄاڻن ۔۔۔ ان سوچ ۽ خيال سان ئي دل ۾ هزارين اميدون جاڳي پيون آهن ۔۔۔ سلام دوستو! sindhsalamatsaathsal