نثارابڙو
نائب منتظم
جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔
سائين مٺڙا، رب العالمين اوهانجي رزق ۾ ڪشادگي ڪري ۔۔۔ مٺڙا دوست، اوهين هر وقت ياالله ۽ يا لطيف جو ورد ڪندا ڪريو ۔۔۔ اميد ته رب اوهانجي رزق جا دروازا جلد کوليندو ۔۔۔
سهڻا دوست! قرباني قرباني هوندي آهي، بلڪه حالتن اندر انجي نوعيت جو ڪاٿو ٿيندو آهي ۔۔۔هڪ دفعي اسانجي رسول هڪ جنگ لئه سامان ڪٺو ڪندي اعلان ڪيو ته هرڪو پنهنجي پنهنجي وس آهر مدد ڪري ۔۔۔ تمام مسلمانن پنهنجي پنهنجي وس آهر مدد ڪئي، حضرت ابوبڪر رضي الله تعالا عنه جن پڻ گهر جو سامان کڻي آيا ۔۔۔ اسانجي رسول اڪرم کائنس سوال ڪيو ته گهر ۾ ڪجهه بچايو به اٿئي يا سڀ کڻي آيو آهين ۔۔۔ جواب ڏنائون ته منهنجي گهر وارن لئه الله ۽ الله جو رسول ئي ڪافي آهي ۔۔۔ نبي اڪرم جن فرمايو ته بيشڪ جيتوڻيڪ ٻيا تمام گهڻو سامان کڻي آيا آهن پر ابوبڪر جي قرباني سڀني کان اتم آهي ۔۔۔
جيتوڻيڪ هي ڪئلينڊر ڪو الله جي رسول جي ڪم سان ڀيٽ نٿو کائي ۔۔۔ پر ساٿ ۾ هلندي، ننڍڙا وڏا ڪم ڪڏهن ڪڏهن قربانيءَ جي تقاضا ڪندا آهن ۔۔۔ اوهين بيروزگار هجڻ جي باوجود پنجاهه ڪاپين جي وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي، مان سمجهانٿو ته اهو اسان سڀني دوستن جي ڄاڻايل انگن کان گهڻو گهڻو مٿاهون آهي ۔۔۔shabash
سلام سنگت کي
دوستو ادا رشيد ۽ ابو واصف جن کي مبارڪون جن هيتري ساري محنت ڪري اهو ڪارنامو سر انجام ڏنو آهي مان انهن دوستن جي محنت کي سلام ڪريان ٿو افسوس جو مان جاب ليس آهيان نه ته اڌ کان وڌيڪ ڪاپيون خريد ڪري سڀني دوستن کي تحفو پيش ڪريان ها پر تنهن هوندي به مان 50 ڪلينڊرن جي ذميواري کڻان ٿو جيڪڏهن اڃان به ضرورت پئي ته مان کوٽي وڌي ۾ ٻڌل آهيان ڇو جو هي هڪ والنٽير ڪم آهي
سدائين گڏ
سائين مٺڙا، رب العالمين اوهانجي رزق ۾ ڪشادگي ڪري ۔۔۔ مٺڙا دوست، اوهين هر وقت ياالله ۽ يا لطيف جو ورد ڪندا ڪريو ۔۔۔ اميد ته رب اوهانجي رزق جا دروازا جلد کوليندو ۔۔۔
جنهنجو رب تنهنجو سڀ ۔۔۔