لفظ "سگهڙ" جو ضد کپي

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ گلزار احمد طرفان آندل موضوعَ ‏24 جنوري 2014۔

  1. گلزار احمد

    گلزار احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    313
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ماڳ:
    رحيم يار خان
    لفظ "سگهڙ" جو ضد کپي
     
    سجاد علي چنا هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سُگهڙ ٻن معنائن ۾ اچي ٿو۔ هڪ ته ڪم ۾ سُگهڙ جيڪو صفت آهي ٻيو اسمِ عام۔ سُگهڙ جيڪي بيت چوندا آهن۔
    منهنجي خيال ۾ ڪم ۾ سُگهڙ جو ضد ”اڍنگو“ ٿي سگهي ٿو۔ وري به ٻولي ۾ وڏي ڄاڻ رکندڙ دوست ٻُڌائي سگهن ٿا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    چڱو + گهٽ = گهڙڻُ] سهڻو ٺاهيندڙ ، سهڻو بيهاريندڙ ، سهڻو بنائيندڙ ، سهڻو ڪندڙ ، سٺي گهَڙَت وارو ، هُنري ، خوبين وارو. ٻين جا شعر ياد ڪندڙ ۽ ٻڌائيندڙ ، سُخن سنج ، شعر چوندڙ. سيبتو. (ث. سُگهَڙ جمع سُگهَڙوُن). (اسم خاص). هڪ ماڻهوءَ جو نالو.
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سگهڙ ۔۔۔ صفت واري جو ضد

    بي ڍنگو ، بي فضيلتو ، ڪُڍنگو ، ڪُرِيتو ، ڪُلڇڻو ، نالائق ، وللو ”اڄ اڍنگا ويڻ،


    سگهڙ ۔۔۔اسم خاص واري جو سگهڙ ته هي آهن
    محمد ملوڪ عباسي
    لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي ڏوڪري جي حدن ۾ باڊهه شهر جي اڀرندي حصي ۽ موهن جي دڙي جي اولهندي طرف هڪ ننڍي ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙي ۾ تاريخ 12 ڊسمبر 1944ع تي هڪ هيري محمد ملوڪ ولد محمد صالح ذات عباسي جنم ورتو. جنهن اڳتي هلي سنڌ ۾ سگهڙن جي قائد جي حيثيت ۾ پاڻ مڃايو. ننڍپڻ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڳوٺ جي اسڪول مان صرف چار درجا پڙهي اسڪول کي الهه واهي چيو. ننڍي هوندي کان پاڻ جهڙن دوستن جو ٽولو ٺاهي انهن جو لٺ سردار ٿي ننڍي پيماني تي شرارتون شروع ڪيائين. جنهن ۾ صبح جو اسڪول ويندڙ ٻارڙن کي تنگ ڪرڻ، انهن کان جيب خرچي ڦرڻ، باغن مان ڦل ٽوڙڻ ته وري رات جو ڪنهن جي ٻنيءَ مان ڪمند پٽڻ، ساريون لڻڻ ۽ باغن مان انبڙيون پٽڻ جو وارداتون شروع ڪيائين. جيئن جيئن جوان ٿيو ته ڌاڙيل جو رعب دٻدٻو ۽ سگهارو ڪردار سندس آدرش بڻجي ويا. نيٺ محمد ملوڪ به اهڙي سخت ۽ اڻاگي سفر تي هلڻ شروع ڪيو. اهڙي طرح ان دور ۾ سندس نالو مشهور ٿي ۽ ناليوارن مڙس جوانن ۾ شمار ٿيڻ لڳو پر ان کان اڳ جو هو ٻيلن ۾ پوليس جي ڪنهن گولي جو کاڄ بڻجي وڃي يا پنهنجي هٿن کي ڪنهن بي گناه جي خون سان ڳاڙهو ڪري ضمير جي چهنڊڙي کيس جاڳائي وڌو ته وري واپس پنهنجي ماروئڙن ڏانهن موٽ کاڌائين. هڪ عام انسان بڻجڻ کانپوءِ آزاد فضا ۾ آرام ۽ سڪون واري ننڊ نصيب ٿيس.
    هن جو سنڌي لوڪ ادب جي سٿ ۾ شامل ٿيڻ به هڪ اتفاق هو. ڪنهن ڪچي ۾ سندس عمر جا ساٿي بيت وٺي ڏئي پنهنجا جوهر ڏيکاري هيا هئا ته اوچتو ملوڪ کي به سگهڙ ٿيڻ جو شوق جاڳيو. سڄي رات هن جو من جستجو ۾ رهيو ۽ ذهن کا استعمال ڪندي لوڪ ادب جي صنف ”ڏٺ“ ۾ ڪوريئڙي جو ذڪري ڪڍيائين. جڏهن محفل ۾ پيش ڪيائين ته هر هڪ واهه واهه ڪرڻ لڳو. تنهن کانپوءِ ملوڪ جي هن شعر ۾ سڃاڻب ٿيڻ لڳي ۽ هوريان هوريان سگهڙ محمد مريد زهراڻي مرحوم، سگهڙ حاجي الهه بخش مڱڻ ۽ سگهڙ رسول بخش انڙ کان استادي گر حاصل ڪندو سندن رهنمائي ۾ اڳتي وڌنڌو رهيو. ايتريون منزلون ماڻيندو وکون وڌائيندو اڳتي وڌيو جو اڄ اٽڪل هڪ سوء کان وڌيڪ شاگردن جو استاد ليکيو وڃي ٿو. هند ۽ سنڌ جي سنڌي سماج ۾ جڏهن به ۽ جتي به لوڪ ادب جو ذڪر ٿيندو ته هن صاحب لوڪ ادب جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. جنهن ۾ ڏور، هنر، ڏٺ، ڳجهارت، مناجاتون، معجزا، پهاڪا، راست گوئي، ست سري، دوراهو، واقعاتي بيت، سينگار، ڏهس، مولود، مداحون، نصيحت ۽ ڪافي مکيه صنفون آهن. سند ڪلام ۾ مذهبي رنگ به آهي ته وري نصيحت ڀريل نڪتا به شامل آهن طنز و مزاح به آهي ته عشق جي آواز سميت هر رنگ ڀريل آهي.
    سگهڙ محمد ملوڪ عباسي سڄي سنڌ جو دورو ڪري تمام سگهڙن جون دعوتون ڪيون ۽ کين متحد ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. نيٺ سگهڙن لوڪ ادب ۽ پنهنجي اهميت کي محسوس ڪندي ”سنڌ سگهڙن سنگت ڀلائي تنظيم“ جو بنياد وڌو پوءِ 1973 ع ۾ ان کي رجسٽر ڪرائي فقير محمد ملوڪ کي مرڪزي صدر چونڊيو. تنهن بعد ملوڪ وڌيڪ محنت ڪندي ڳوٺ ڳوٺ دورا ڪري سگهڙن سان رهاڻيون رچايون. کين سنڌ سگهڙ سنگت جي پليٽ فارم تي منظم ۽ متحد ڪيو. انهن جي فن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ کين ادبي ڪانفرنسن، مشاعرن، ٽيلويزن ۽ ريڊيو تي وٺي وڃي متعاراف ڪرايو. سنڌ سگهڙ تاريخ لکندي هن خاص طرح لاڙڪاڻي جي سگهڙن جو خوبصورت خاڪو چٽيو آهي. سندس ڪلام ۾ جيوت جي ڀرپور جهلڪ به ڏنل اٿس ته ڌرتي وارن جي ڏکن، سکن جو ڏيک به ڏيکاريل آهي. پنهنجي ڪلام وسيلي هن اڏوهي ۾ جڪڙيل بيڪار ۽ ڪمزور سماج کي بدلائڻ جي خواهش ڏيکاري آهي. سندس ڪلام ۾ نج سنڌي ۽ ڳوٺاڻي ٻولي سمايل، سجايل ۽ جهونگاريل آهي جنهن کي پڙهڻ يا ٻڌڻ سان دماغ کي سڪون، طبيعت کي راحت نصيب ٿئي ٿي. هن سگهڙ پاڻ پنهنجي ڳوٺ ڪيتريون ئي ڪچهريون رچائي ناميارن اديبن کي گهرائي مهمانوازي جو فرض به ادا ڪيو.
    فقير محمد ملوڪ جو قلمي مواد تمام گهڻو آهي. جيڪو سنڌالاجي انسٽيٽيوٽ ۾ محفوظ ڪيل آهي. پر وس آهر پاڻ ”گلشن ڏور“ ”موتي مور ملوڪ جا“ ”منهن مٿانهان جن جا“ ”موتين مالها ملوڪ جي“ شايع ڪيا ۽ ”ماڻڪ موتي ملوڪ جا“ ڇپائي هيٺ آهي. سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪندي کيس ٻيڙو فقير گولڊ ميڊل، سهڻي گولڊ ميڊل، قلندر ايوارڊ شيرل باڊاهي، ڪلهوڙا عباسي ۽ ريڊيو خيرپور ايوراڊ پڻ مليا.
    سنڌي ٻوليءَ جو هي پارکو، اوطاقي ۽ محبتي ماڻهو، شاعر، سگهڙن جو سرواڻ، نيڪ دل ۽ شفيق استاد پنهنجي فن جو يڪتا انسان مسلسل ڇهه مهينا بيماري سبب لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي جي اسپتالن جي بسترن تي بهتر علاج لاءِ واجهائيندي اربع ڏينهن تاريخ 3 جون 1998ع تي 54 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
    اولاد ۾ کيس ممتاز علي عباسي، مير شبير عباسي ۽ محمد علي عباسي پٽ آهن.
    ورتل ڪتاب لاڙڪاڻو امر شخصيتون، ليکڪ عبدالستار ڀٽي

    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    بحرالدين سگهڙ: بحرالدين ولد ڪؤڙو خان شنباڻي، تخلص ”-بحر-“، 1950ع ۾ ڳوٺ درياءُ خان شنباڻيءَ (ضلعي خيرپور) ۾ ڄائو. اڻ پڙهيل آهي. سندس ڌنڌو هارپو آهي. بهترين سگهڙ آهي. ڳوٺ جسڪاڻي، تعلقي ڪوٽ ڏجيءَ، ضلعي خيرپور ۾ رهي ٿو.
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    سگهڙ حاجي خان جمالي
    محسن رحيم جمالي
    ڳوٺ سعيد خان جمالي (نوابشاهه)
    ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ چواڻي؛
    ”هر ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،
    هر ڪا دل هيرن جي کاڻ“.
    بيشڪ ان ڳالهه ۾ ڪوبه واڌءُ ڪونهي، ڇو ته سونهاري سنڌ امڙ جي ڪک مان هميشه اهڙن املهه ماڻڪن جنم ورتو آهي، جن نه صرف پنهنجو پر پنهنجي سنڌ امڙ جو پڻ، مان مٿانهون ڪيو آهي. اهڙن ئي موتيءَ داڻن مان هڪ ”حاجي جانب جمالي“ پڻ هو. هن درويش-صفت انسان 1870ع ڌاري ڳوٺ شير محمد جمالي، تعلقي نواب شاهه ۾ جنم ورتو. هو اڃا ٻن سالن جو مس هو ته سندس سِر تان والد جو شفقت ڀريو هٿ کڄي ويو. ان بعد سندس سار سنڀال سندس چاچي ڪئي. حاجي جانب جي ڄمار جڏهن پنجن سالن جي قريب ٿي ته کيس تعليم پرائڻ خاطر هڪ مدرسي ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي سندس معلم خليفو محمد خان هو. هو هڪ وڏو لوڪ شاعر ۽ سگهڙ ٿي اڀريو. سندس شاعريءَ ۾ دين جو درس ۽ ذڪر ملي ٿو. ان کان علاوه لوڪ داستان جهڙوڪ عمر مارئي، مومل راڻو، سورٺ وغيره ۽ انبياءِ ڪرام جا قصا ملن ٿا. لوڪ ادب جو هي لاجواب شاعر، لاڙ جي لاڏلي شاعر سانوڻ فقير جو همعصر ۽ دوست هو. جڏهن ٻئي سگهڙ ڪنهن جاءِ گڏ ٿيندا هئا ته پوءِ ڄڻ ميلو مچي پوندو هو ۽ لڳاتار چار پنج راتيون ڪچهري هلندي رهندي هئي. سندن موجودگيءَ جو ٻڌي پري پري کان ماڻهو ڪَهي ايندا هئا.
    سنڌ جا مشهور بيتائي جهڙوڪ، ساجن چانگ، علي بخش مري ۽ فقير رمضان وڏي چاهه مان حاجي جانب جمالي جا بيت ميلن ۽ ڪچهرين ۾ اڄ به پڙهن ٿا ۽ کين ڀرپور داد ملي ٿو.
    نواب شاهه سان تعلق رکندڙ لوڪ ادب جو هي سگهڙ تاريخ 31 جنوري 1990ع تي هميشه لاءِ موڪلائي ويو پر سندس شاعري هميشه اسان کي سندس ياد ڏياريندي رهندي. پر افسوس ته هن ڀلوڙ سگهڙ جي وڏي تعداد ۾ تخليق ٿيل شاعري اڄ تائين ڪتابي صورت ۾ ڇپجي ناهي سگهي
     
  4. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    721
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan

    سائين ممتاز ۽ سائين گل سومرو لا،
    مٿي ڏنل ضد توهان ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي جامع سنڌي لغت مان ورتا آهن پر سهڻا سائين صحيح نٿا لڳن جو انهن جا هاڪاري لفظ موجود آهن۔ مثال ۔۔۔ بي ڍنگو، ڪڍنگو جو ڍنگو آهي ته ڪُلڇڻو جو لڇڻو، نالائق جو لائق، بي فضيلتو يا بد فضيلتو جو فضيلتو يا فضيلت ڀريو ٿيندو آهي۔ سو اهي اکر ”سگهڙ“ لا ڪتب نه آڻيو ته بهتر۔۔

    منهنجي حقير ڄاڻ ۽ لينگئيج اٿارٽي وٽان پڇا ڪرڻ تي خبر پئي آهي ته لفظ ”سگهڙ“ جو ڪو ضد ناهي۔ ها اتان جي هڪ معتبر ٻڌايو ته اهڙن لفظن جو ضد ”س“ اکر هٽائي ”ا“ ڏيڻ سان ٺهي سگهي ٿو ۔۔۔۔ مطلب ته ”سگهڙ“ کي ”اگهڙ“ ڪري لکي سگهجي ٿو۔۔۔ اميد ڪيان ٿو مددگار ثابت ٿيندو جي نت وري به تحقيق ڪيو الله ڪاميابي ڏيندو۔۔۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏7 فيبروري 2014
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سائين توهان لکيو آهي ته سگهڙ کي اگهڙ ڪري لکي سگهجي ٿو۔۔۔ اسان به اهو ئي ٻڌو آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اوهان جي تجويز درست ٿي لڳي۔ اهو لفظ سنڌي ادبي بورڊ جي سائيٽ تي ملي ٿو۔
    هن لنڪ تي هڪ ڪتاب جو صفحو آهي جنهن ۾ هيٺين پيرا آهي۔ ڪتاب ٻاراڻو ادب جو آهي۔ نالو آهي سکي گهر ۽ ترتيب ڏِني آهي عزيز سومرو۔
    سياڻن سچ چيو آهي، ته ”زال ته گهر نه ته برُ“ سو جي ادي مريم جهڙيون سٽائتيون ۽ سگهڙ زالون ڪنهن گهر ۾ هونديون ته جهوپڙيءَ کي به محل وانگر سهڻو جوڙي رکنديون پر جي بي عقل ۽ اگهڙ زالون هونديون، ته ان بدقسمت محل کي جهوپڙيءَ کان به وڌيڪ خراب ڪري ڇڏينديون، سئين سڌي گهر کي ڦٽائي پوٺو ڪري ڇڏينديون.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    721
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    سائين لغاري صاحب
    بس ته پو اُميد ٿا ڪيون ته گل سومرو صاحب کي اسانجي ونڊ قبول پوندي۔۔۔
     
  8. گلزار احمد

    گلزار احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    313
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ماڳ:
    رحيم يار خان
    سڀ دوستن جي مهرباني، مونکي لفظ ۔۔ اگهڙ۔۔ زياده مناسب لڳو۔ مونکان ڪنهن دوست پڇو هيو، پاڻ تعليم جي شعبي سان وابسطه آهي، اميد ته ان کي دوستن جي مدد ڪم ايندي۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    دوستن کي عرض آهي ته ان اگهڙ جي الف تي اعراب ڪهڙي پڙهجي۔
     
  10. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    واھ واھ دوستن جي جوابن مان خبر پوي ٿي ته سنڌسلامت علم عقل جو ذخيرو آھي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڏاڍو سُٺو جو اوهان اهو اظهار ڪيو۔ سنڌ سلامت انتظاميه توڙي رُڪن اهو ئي چاهين ٿا ته هتي پنهنجو نظريو ۽ ٺاڻ ڏيڻ ئي مقصد آهي نه نه ڪي ڪنهن کي زوري مڃائڻ يا ڀڄائڻ۔ اهو ئي سبب آهي جو سنڌ سلامت هن وقت تائين مستقل مزاجي جي نا قابل شڪست ۽ ناقابل تسخير مظاهرو ڪيو آهي۔

    منهنجي خيال ۾ ساڳي سگهڙ واري۔ بس الف تي زبر۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جيئن هننن لفظن جا ضد الف جي زَبر سان آهن سِياڻو اَياڻو۔ سڀاڳو اَڀاڳو وغيره
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏27 جنوري 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    721
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    سائين لغاري صاحب ۽ رحيم بخش صاحب
    لفظ سُگهڙ جي ضد اگهڙ جي الف تي زبر جو استعمال ڪبو ذير جو نه ۔۔۔۔ مطلب ته اَ گهڙ ٿيندو اِگهڙ نه ٿيندو۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    مٿيون سڀ سچ پيا چئو منهنجا ادا ! ڪافي معلومات ونڍ ڪئي اٿئو۔ شال توهان جي محنتن کي نظر نه لڳي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ادا سائين، دوستن جي راين جو مطالعو ڪيم، سٺي ڳالهه آهي، بحث جي خوشي ٿي.
    منهنجو رايو هن ريت آهي:
    سگهڙ لفظ `س` اڳياڙي ۽ `گهڙ` لفظ جي ميلاپ سان ٺهيل `مرتب` لفظ آهي، جنهن جي معنا `سٺو گهڙيندڙ` آهي.
    ان جو ضد `خراب يا ڪسو گهڙيندڙ` ٿيندي.
    اسان جي سنڌي ٻولي ۾ `ڪُ` اڳياڙي خراب يا ڪسي لاءِ ڪم ايندي آهي. جهڙوڪ: `ڪُپت`، `ڪُويڄ` وغيره.
    ان لحاظ کان، `سگهڙ` جو ضد `ڪُگهڙ` ٿيندو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. nasif ali sheraz

    nasif ali sheraz
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ادا لفظ سگھڙ جو ضد اڻ سگھڙ ٿي سگھي ٿو۔ اگھڙ جي الف تي اگر پيش ڏبو تہ معني ئي ڦري ويندي۔ باقي الف تي زبر ڏيڻ سان شايد صحيح لڳي۔ سگھڙ جي جمع سگھرون غلط آھي۔ جمع سگھڙَ ٿيندو۔
     
  17. ايم ايڇ جمالي

    ايم ايڇ جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 جون 2010
    تحريرون:
    138
    ورتل پسنديدگيون:
    261
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    نواب شاهه
    سائين مان سمجهان ٿو، ته سُگهڙ جو ضد شايد الهڙ هجي...
     
  18. Hyder Ali Sarmad Bhayo

    Hyder Ali Sarmad Bhayo
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 فيبروري 2016
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    سگهڙ لفظ جوضدآھي ڏۡگھڙ يعني خراب گهڙيندڙ
     
    ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي.
  19. مجاهد حسين سولنگي

    مجاهد حسين سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 جنوري 2015
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    بهترين ۽ ٻوليءَ جي گهاڙيٽي مطابق جواب آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو