گلزار احمد
سينيئر رڪن
لفظ "سگهڙ" جو ضد کپي
چڱو + گهٽ = گهڙڻُ] سهڻو ٺاهيندڙ ، سهڻو بيهاريندڙ ، سهڻو بنائيندڙ ، سهڻو ڪندڙ ، سٺي گهَڙَت وارو ، هُنري ، خوبين وارو. ٻين جا شعر ياد ڪندڙ ۽ ٻڌائيندڙ ، سُخن سنج ، شعر چوندڙ. سيبتو. (ث. سُگهَڙ جمع سُگهَڙوُن). (اسم خاص). هڪ ماڻهوءَ جو نالو.۔
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سگهڙ ۔۔۔ صفت واري جو ضد
بي ڍنگو ، بي فضيلتو ، ڪُڍنگو ، ڪُرِيتو ، ڪُلڇڻو ، نالائق ، وللو ”اڄ اڍنگا ويڻ،
منهنجي حقير ڄاڻ ۽ لينگئيج اٿارٽي وٽان پڇا ڪرڻ تي خبر پئي آهي ته لفظ ”سگهڙ“ جو ڪو ضد ناهي۔ ها اتان جي هڪ معتبر ٻڌايو ته اهڙن لفظن جو ضد ”س“ اکر هٽائي ”ا“ ڏيڻ سان ٺهي سگهي ٿو ۔۔۔۔ مطلب ته ”سگهڙ“ کي ”اگهڙ“ ڪري لکي سگهجي ٿو۔۔۔ اميد ڪيان ٿو مددگار ثابت ٿيندو جي نت وري به تحقيق ڪيو الله ڪميابي ڏيندو۔۔۔
سائين ممتاز ۽ سائين گل سومرو لا،
مٿي ڏنل ضد توهان ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي جامع سنڌي لغت مان ورتا آهن پر سهڻا سائين صحيح نٿا لڳن جو انهن جا هاڪاري لفظ موجود آهن۔ مثال ۔۔۔ بي ڍنگو، ڪڍنگو جو ڍنگو آهي ته ڪُلڇڻو جو لڇڻو، نالائق جو لائق، بي فضيلتو يا بد فضيلتو جو فضيلتو يا فضيلت ڀريو ٿيندو آهي۔ سو اهي اکر ”سگهڙ“ لا ڪتب نه آڻيو ته بهتر۔۔
منهنجي حقير ڄاڻ ۽ لينگئيج اٿارٽي وٽان پڇا ڪرڻ تي خبر پئي آهي ته لفظ ”سگهڙ“ جو ڪو ضد ناهي۔ ها اتان جي هڪ معتبر ٻڌايو ته اهڙن لفظن جو ضد ”س“ اکر هٽائي ”ا“ ڏيڻ سان ٺهي سگهي ٿو ۔۔۔۔ مطلب ته ”سگهڙ“ کي ”اگهڙ“ ڪري لکي سگهجي ٿو۔۔۔ اميد ڪيان ٿو مددگار ثابت ٿيندو جي نت وري به تحقيق ڪيو الله ڪميابي ڏيندو۔۔۔
سائين لغاري صاحباوهان جي تجويز درست ٿي لڳي۔ اهو لفظ سنڌي ادبي بورڊ جي سائيٽ تي ملي ٿو۔
هن لنڪ تي هڪ ڪتاب جو صفحو آهي جنهن ۾ هيٺين پيرا آهي۔ ڪتاب ٻاراڻو ادب جو آهي۔ نالو آهي سکي گهر ۽ ترتيب ڏِني آهي عزيز سومرو۔
سياڻن سچ چيو آهي، ته ”زال ته گهر نه ته برُ“ سو جي ادي مريم جهڙيون سٽائتيون ۽ سگهڙ زالون ڪنهن گهر ۾ هونديون ته جهوپڙيءَ کي به محل وانگر سهڻو جوڙي رکنديون پر جي بي عقل ۽ اگهڙ زالون هونديون، ته ان بدقسمت محل کي جهوپڙيءَ کان به وڌيڪ خراب ڪري ڇڏينديون، سئين سڌي گهر کي ڦٽائي پوٺو ڪري ڇڏينديون.
واھ واھ دوستن جي جوابن مان خبر پوي ٿي ته سنڌسلامت علم عقل جو ذخيرو آھي۔
دوستن کي عرض آهي ته ان اگهڙ جي الف تي اعراب ڪهڙي پڙهجي۔
دوستن کي عرض آهي ته ان اگهڙ جي الف تي اعراب ڪهڙي پڙهجي۔
ادا لفظ سگھڙ جو ضد اڻ سگھڙ ٿي سگھي ٿو۔ اگھڙ جي الف تي اگر پيش ڏبو تہ معني ئي ڦري ويندي۔ باقي الف تي زبر ڏيڻ سان شايد صحيح لڳي۔ سگھڙ جي جمع سگھرون غلط آھي۔ جمع سگھڙَ ٿيندو۔لفظ "سگهڙ" جو ضد کپي
بهترين ۽ ٻوليءَ جي گهاڙيٽي مطابق جواب آهي.سائين لغاري صاحب
بس ته پو اُميد ٿا ڪيون ته گل سومرو صاحب کي اسانجي ونڊ قبول پوندي۔۔۔