ڪراچيءَ جي مالڪي

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏29 جنوري 2014۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,888
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    سنڌ جي راڄڌانيءَ واري شهر ڪراچيءَ جي گلشن اقبال ۽ گلستان جوهر واري علائقي ۾ تمام گهڻا سنڌي رهنٿا، خاص ڪري ان علائقي ۾ قائم ٿيل سنڌين جا ڳوٺ جهڙوڪ ؛ سچل ڳوٺ، ايوب ڳوٽ، ماروئڙا ڳوٺ، مخدوم بلاول ڳوٺ، شاه عنايت ڳوٺ، ڀٽائي ننگر وغيره وغيره ۾ تمام گهڻا سنڌي آباد آهن، پر افسوس جي ڳالهه ته انهن علائقن ۾ ڪا به اهڙي متحرڪ ۽ منظم تنظيم ناهي جيڪا سنڌين جي مالڪي ڪرڻ جي قابل هجي،

    مختلف تنظيمن سان لاڳاپيل ڪجهه دوست پنهنجي سر پاڻ ڪنهن حد تائين سنڌين جي مسئلن سان منهن ڏئي رهيا آهن پر پوءِ به ان علائقي ۾ هڪ اهڙي تنظيم جي سخت ضرورت آهي جيڪا صرف سنڌيت تي مبني هجي، جنهن ۾ هر طبقي ۽ هر فڪر جو ماڻهون شامل هجي، مذهبي هجي يا غير مذهبي سڀ صرف سنڌيت جي بنياد تي گڏ ٿيل هجن.

    سنڌ دوست تنظيم جي قائم ٿيڻ جي اهميت تمام گهڻي آهي، جنهن ۾ سچا قومي ڪارڪن ۽ سنڌيت جي جذبي سان سرشار ماڻهون شامل ٿي هر قسم جي سگهه گڏ ڪري ڪراچيءَ ۾ سنڌين سان پيش ايندڙ مسئلن جا حل ڪڍي سگهنٿا ...

    ان تنظيم جو ڪم هجڻ گهرجي سنڌين جي مالڪي ڪرڻ، سنڌين سان ٿيندڙ ڌاڍائن ۽ ناانصافين جو تدارڪ ڪرڻ. سنڌين سان واپاري/سماجي/ملڪيتي مسئلن جو حل ڳولهڻ، سنڌين جي تعليم ۽ تربيت جا مرڪز قائم ڪرائڻ، سنڌين جي علائقن کي ترقي ڏيارڻ، ۽ حڪومتي حق وٺي ڏيڻ .... سنڌين جي علائقن ۾ بنيادي سماجي ۽ معاشرتي کوٽ جو پورائو ڪرڻ ... ڌارين يا پنهنجن طرفان ٿيندڙ ناانصافين کي ختم ڪرائڻ وغيره وغيره.

    جيڪي قومون پنهنجن علائقن ۾ رهندي به ڇڙوڇڙ ۽ ايڪي کان عاري ۽ غير منظم هونديون آهن، انهن جا مسئلا حل ٿيڻ جي بجاءِ وڌيڪ مشڪل ٿيندا ويندا آهن، پر ايڪي اتحاد ۽ مالڪيءَ سان اهي قومون پنهنجن يا پراون علائقن ۾ پڻ ڪنڌ مٿي ڪري هلنديون آهن.

    اچو ته اسين ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجن اڪثريت وارن علائقن ۾ هڪ سگهاري ۽ منظم تنظيم قائم ڪري هڪٻئي جي مالڪي ڪريون ... شرط سچائي، سورهيائي ۽ ساٿ آهي.

    ڪراچي شهر ۾ سياستدان/ آفيسر/وڪيل/سرمائه دار ۽ واپاري سنڌي رهنٿا انکان علاوه لٺ باٽي جا ماهر دوست پڻ موجود آهن .... جيڪڏهن اهي سڀ گڏجي پون ته قسم آهي مونکي پنهنجي رب العزت جو ته سنڌين جي عزت ۾ هر روز ايترو ته اضافو ٿيندو ۽ ايترا ته فائدا حاصل ٿيندا جو ممڪن سموري سنڌ جو ساٿ حاصل ٿي وڃي ۽ سنڌيت جو مان مٿاهون ٿي وڃي.

    دوست سڏائي سڀ ڪو جاني زباني،
    ٿئي آســاني، ڪم پـــوي ته ڪل پوي.

    اچو ته هڪٻئي جي مدد ڪريون ۽ هڪٻئي جي ڪمن ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيون ....!!!

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,294
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جون ڳالهيون اوهان جي جذبي سان سهمت آهيون پر سچا ماڻهو ڪٿان آڻجن، هتي ته هر پارٽي جي ورڪرن جا خاص مفاد هجن ٿا۔ هتي ته قومپرستي، سنڌ پرستي ۽ پنهنجائپ جي آڙ ۾ اسان کي به پيا ڦرين۔

    رايا سٺا آهن پر ماڻهن جي کوٽ آهي، اهي ماڻهو جيڪي ڪميٽيڊ هجن اهي اڻ لڀ ٿي پيا آهن۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو