نثارابڙو
نائب منتظم

سنڌ جي راڄڌانيءَ واري شهر ڪراچيءَ جي گلشن اقبال ۽ گلستان جوهر واري علائقي ۾ تمام گهڻا سنڌي رهنٿا، خاص ڪري ان علائقي ۾ قائم ٿيل سنڌين جا ڳوٺ جهڙوڪ ؛ سچل ڳوٺ، ايوب ڳوٽ، ماروئڙا ڳوٺ، مخدوم بلاول ڳوٺ، شاه عنايت ڳوٺ، ڀٽائي ننگر وغيره وغيره ۾ تمام گهڻا سنڌي آباد آهن، پر افسوس جي ڳالهه ته انهن علائقن ۾ ڪا به اهڙي متحرڪ ۽ منظم تنظيم ناهي جيڪا سنڌين جي مالڪي ڪرڻ جي قابل هجي،
مختلف تنظيمن سان لاڳاپيل ڪجهه دوست پنهنجي سر پاڻ ڪنهن حد تائين سنڌين جي مسئلن سان منهن ڏئي رهيا آهن پر پوءِ به ان علائقي ۾ هڪ اهڙي تنظيم جي سخت ضرورت آهي جيڪا صرف سنڌيت تي مبني هجي، جنهن ۾ هر طبقي ۽ هر فڪر جو ماڻهون شامل هجي، مذهبي هجي يا غير مذهبي سڀ صرف سنڌيت جي بنياد تي گڏ ٿيل هجن.
سنڌ دوست تنظيم جي قائم ٿيڻ جي اهميت تمام گهڻي آهي، جنهن ۾ سچا قومي ڪارڪن ۽ سنڌيت جي جذبي سان سرشار ماڻهون شامل ٿي هر قسم جي سگهه گڏ ڪري ڪراچيءَ ۾ سنڌين سان پيش ايندڙ مسئلن جا حل ڪڍي سگهنٿا ...
ان تنظيم جو ڪم هجڻ گهرجي سنڌين جي مالڪي ڪرڻ، سنڌين سان ٿيندڙ ڌاڍائن ۽ ناانصافين جو تدارڪ ڪرڻ. سنڌين سان واپاري/سماجي/ملڪيتي مسئلن جو حل ڳولهڻ، سنڌين جي تعليم ۽ تربيت جا مرڪز قائم ڪرائڻ، سنڌين جي علائقن کي ترقي ڏيارڻ، ۽ حڪومتي حق وٺي ڏيڻ .... سنڌين جي علائقن ۾ بنيادي سماجي ۽ معاشرتي کوٽ جو پورائو ڪرڻ ... ڌارين يا پنهنجن طرفان ٿيندڙ ناانصافين کي ختم ڪرائڻ وغيره وغيره.
جيڪي قومون پنهنجن علائقن ۾ رهندي به ڇڙوڇڙ ۽ ايڪي کان عاري ۽ غير منظم هونديون آهن، انهن جا مسئلا حل ٿيڻ جي بجاءِ وڌيڪ مشڪل ٿيندا ويندا آهن، پر ايڪي اتحاد ۽ مالڪيءَ سان اهي قومون پنهنجن يا پراون علائقن ۾ پڻ ڪنڌ مٿي ڪري هلنديون آهن.
اچو ته اسين ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجن اڪثريت وارن علائقن ۾ هڪ سگهاري ۽ منظم تنظيم قائم ڪري هڪٻئي جي مالڪي ڪريون ... شرط سچائي، سورهيائي ۽ ساٿ آهي.
ڪراچي شهر ۾ سياستدان/ آفيسر/وڪيل/سرمائه دار ۽ واپاري سنڌي رهنٿا انکان علاوه لٺ باٽي جا ماهر دوست پڻ موجود آهن .... جيڪڏهن اهي سڀ گڏجي پون ته قسم آهي مونکي پنهنجي رب العزت جو ته سنڌين جي عزت ۾ هر روز ايترو ته اضافو ٿيندو ۽ ايترا ته فائدا حاصل ٿيندا جو ممڪن سموري سنڌ جو ساٿ حاصل ٿي وڃي ۽ سنڌيت جو مان مٿاهون ٿي وڃي.
دوست سڏائي سڀ ڪو جاني زباني،
ٿئي آســاني، ڪم پـــوي ته ڪل پوي.
اچو ته هڪٻئي جي مدد ڪريون ۽ هڪٻئي جي ڪمن ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيون ....!!!
سنڌ سلامت ساٿ سلامت