ڊي اين اي ۽ ڊي اين اي ٽيسٽ

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ راشد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2014۔

  1. راشد سومرو

    راشد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    اليڪٽرانڪ ميڊيا
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڊي اين اي ۽ ڊي اين اي ٽيسٽ
    زرينا عباسي

    [​IMG]

    حياتياتي سائنس ۾ ڊي اين اي جي ڳولا سائنس جي دنيا ۾ نوان گس ڏنا آهن. اڄ جي جينٽڪس، جينٽڪ انجنيئرنگ، بائيو ٽيڪنالوجي، ماليڪولر بائلاجي ۽ اهڙيون هڪ ٻئي سان ويجهو تعلق رکندڙ سائنس جون ٻيون ڪيتريون ئي شاخون صرف ۽ صرف ڊي اين اي جي چؤگرد ڦرن ٿيون. ڪلوننگ (Cloning) جهڙي ڪارنامي ته عقل دنگ ڪري ڇڏيو آهي. يعني اڄ خود انسان چاهي ته پاڻ پنهنجي مرضيءَ سان هڪ انسان جو هوبهو نقل تيار ڪري سگهي ٿو.
    ڊي اين اي (DNA) هڪ ڪيميائي مادو آهي، جنهن کي ڊي آسڪيرائبوز نيوڪلڪ ائسدڊ (Deoxyribose nucleic acid) سڏجي ٿو. هن دنيا ۾ جيترا به جاندار آهن پوءِ هي هڪ سيل جا هجن يا گهڻن سيلن جا ٺهيل هجن. اهي ٻوٽا هجن يا جانور هجن. سمورا سيلن جا ٺهيل آهن. بلڪل ائين جيئن ڪوبه گهر هزارين سرن مان ٺهي ٿو.هر سيل جي وچ ۾ هڪ نيوڪلس ٿئي ٿو، جنهن کي سيل جو مرڪز به سڏجي ٿو. ان سيل جي مرڪز ۾ ڌاڳي نما ڪروموسومز ٿين ٿا جن ۾ ڊي اين اي هوندو آهي.
    ڊي اين اي جي بناوٽ ٻن لڙين تي مشتمل هوندي آهي ۽ اهي ٻئي لڙيون جي چوٽيءَ وانگر هڪ ٻئي سان وڪوڙيل هونديون آهن. ڊي اين اي جي بناوٽ جا ٽي بنيادي جزا آهن، جنهن مان پهريون نائٽروجن بيسز آهي، جيڪو ٻن قسمن جو آهي هڪ پيورين (پيورين جا وري ٻه قسم آهن، ايڊنن ۽ گينن) ۽ ٻيو پرمئڊين (پرمئڊين جا ٻه قسم آهن، سائوٽسين ۽ ٿائمنس)، ان کان علاوه ٻئي نمبر تي شگر، جيڪا ڊي آڪسيرائبوز هوندي آهي ۽ فاسفيٽ ان جو ٽيون جزو آهي. ڊي اين اي جيئن اڳ چئي آياسون ته هميشه پاڻ ۾ چوٽي جي شڪل ۾ ملن ٿا. جنهن کي ڊبل هيلڪس (Double Helix) يا ٻٽو وڪڙ به سڏجي ٿو. هن عمل ۾ هر ايڊينن + ٿائمن سان ۽ هر سائٽوسين + گينن سان جوڙو ٺاهي ٿي، اهي نائٽروجن بيسز وري شگر، جيڪا پينٽوز هوندي آهي، ان سان ڳنڍيل هوندا آهن ۽ شگر وري فاسفيٽ سان مليل هوندا آهن. اهڙيءَ طرح اهي ٽئي جزا يعني نائٽروجن بيسز + شگر + فاسفيٽ پاڻ ۾ ملي ڊي اين اي جي هڪ ڪڙي ٺاهن ٿا، جنهن کي نيو ڪلوٽائڊ سڏجي ٿو، ڊي اين اي جون اهڙيون ڪيتريون ئي لڙيون سيل جي مرڪز ۾ موجود هونديون آهن.
    ڊي اين اي جي خاص ڪمن مان هڪ ڪم اهو آهي ته ڊي اين اي اَڍَ (heredity) وارين سمورين خاصيتن کي هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ڪري ٿو. هڪ هاٿيءَ جو ٻچو هاٿي جهڙو، هڪ ڀولڙي جو ٻچو ڀولڙي جهڙو يا هڪ انسان جو ٻچو، انسان جهڙو آهي ته فقط انڪري جو ڊي اين اي والدين جون خاصيتون پيدائش دوران نئين پيدا ٿيندڙ ٻار ڏانهن منتقل ڪري ٿو. ان کان علاوه ڊي اين اي سيل جي اندر عضون جي اندريان پوري جسم اندر ٿيندڙ سمورن عملن کي ڪنٽرول ڪري ٿو. ڊي اين اي واڌ واري عمل کي به هلائي ٿو.
    ڊي اين اي ٽيسٽ ڇا آهي؟
    جيئن اسان اڳ ۾ ذڪر ڪري چڪا آهيون ته سائنس جي ترقي انساني عقل کي دنگ ڪري ڇڏيو آهي. انسان جي ٺهڻ، ان جي ڄمڻ ۽ بعد ۾ هن دنيا اندر رهندي، هن جي روين متعلق سائنسي تحقيق جا نوان رُخ سامهون آيا آهن. اڄ اسان ڄاڻون ٿا ته نه صرف انسان پر هر ساهه وارو هڪ سيل يا گهڻن سيلن جو ٺهيل آهي. اسان جا عضوا، اسان جو ماس، اسان جا هڏا ۽ هر هڪ جسماني شئي سيل Cell (گهرڙي) جي ٺهيل آهي ۽ سيل زندگيءَ جو بنيادي جزو آهي. هيءَ ڳالهه به اسان اڳ ۾ ڪري آيا آهيون ته گهرڙي جي وچ ۾ هڪ مرڪز هوندو آهي، جنهن ۾ موروثي ڌاڳا (ڪروموسومز) هوندا آهن. اهي ڪروموسومز يا موروثي ۽ ڌاڳا جاندارن جي سيل ۾ مخصوص ۽ مقرر تعداد ۾ هوندا آهن، انهن جي تعداد ۾ گهٽ وڌائي ڪنهن نه ڪنهن نقص جو سبب هوندو آهي. جيئن انساني سيل اندر انهن موروثي ڌاڳن جو تعداد جوڙن جي صورت ۾ 32 ۽ ايڪٽوٽي جي صورت ۾ 46 هوندو آهي. اهي موروثي ڌاڳا والدين ۽ انهن جي ابن ڏاڏن جون وصفون انهن جي نئين نسل ڏانهن منتقل ڪندا آهن، ڇاڪاڻ جو انهن ۾ ڊي اين اي هوندو آهي. ”ڊي اين اي چڪاس“ يا ”ڊي اين اي ٽيسٽ“ بابت توهان اڪثراخبارن، فلمن يا ڊرامن ۾ ضرور ٻڌو هوندو ته ڪنهن جاچ کي مڪمل تسليم ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي ته ڊي اين اي رپورٽ ڪرايو. تازو جڏهن سونامي جي تباهه ڪارين بعد هڪ ٻار جي زندهه ملڻ کان پوءِ گهڻا جوڙا ان جي دعويدار طور سامهون آيا ته اهو فيصلو ڪرڻ مشڪل ٿي ويو ته ٻار ڪنهن جو آهي ۽ ڪنهن کي ڏجي، تڏهن ان ٻار جي ڊي اين اي رپورٽ ڪرائي وئي ۽ ان جي آڌار تي ان جي صحيح ۽ حقيقي والدين جو پتو لڳائي ٻار انهن جي حوالي ڪيو ويو. ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ سولو ۽ سستو ڪم ناهي. اسان جي ملڪ ۾ اها ٽيسٽ صرف ٻن وڏن شهرن ۾ ممڪن آهي نه ته گهڻن هنڌن تي اها سهولت ممڪن ئي ناهي.
    ڊي اين اي رپورٽ اصل ۾ هڪ اهڙي ليبارٽري ٽيسٽ آهي، جنهن ۾ سادي نموني سان اسان سمجهي سگهون ٿا ته ٻن ماڻهن جي ڊي اين اي کي ڀيٽايو ويندو آهي. هڪ جهڙيون ڊي اين اي رپورٽ ٿيڻ جي صورت ۾ انهن ٻن ماڻهن جو پاڻ ۾ تعلق ثابت ٿي ويندو آهي. ڊي اين اي جي رپورٽ يا ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ رت جي سيلن، پيدائشي جزن يا جسم جي تاندورن کي استعمال ڪيو ويندو آهي. انهن سيلن جي مرڪز ۾ موجوده موروثي ڌاڳن ۽ انهن ۾ موجود ڊي اين اي کي ڪڍيو ويندو آهي. ان کان پوءِ ڊي اين اي کي هڪ ائنزائم رستي ان ڊي اين اي کي 600 کان 700 ٽڪرن ۾ ٽوڙيو ويندو آهي. ڊي اين اي بناوٽ جي لحظ کان ٻن لڙين تي مشتمل هوندا آهن ۽ هر لڙيءَ جي پڇاڙي هڪجهڙي هوندي آهي. هر انسان جي سيل ۾ موجود ڊي اين اي جي لڙين جون پڇاڙيون مختلف هونديون آهن. ڊي اين اي کي ٽوڙڻ بعد هڪ ٻي ٽيڪنڪ جنهن کي اليڪٽرو فورسز سڏجي ٿو. ان رستي ڊي اين اي جي ٽڪرن کي سائز جي حوالي کان هڪ ترتيب ۾ رکيو ويندو آهي. ان کان ٻئي انسان جي رت وارن سيلن يا جسم جي ڪنهن به حصي مان حاصل ڪيل ڊي اين اي جي جزن کي پڻ اڳئين عمل مان گذارڻ کان پوءِ اهوڏٺو ويندو آهي ته ٻنهي انسانن جي ڊي اين اي جي لڙين جون پڇاڙيون پاڻ ۾ هڪ جهڙيون آهن يا نه، هڪ جهڙي بناوٽ هجڻ جي صورت ۾ ڊي اين اي ميچ ڏيکاريوويندو آهي ۽ هڪ جهڙي بناوٽ نه هجڻ جي صورت ۾ ڊي اين اي جي رپورٽ ميچ نه ڏيکاري ويندي آهي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏1 فيبروري 2014
    18 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,815
    ورتل پسنديدگيون:
    27,201
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام اهم مضمون جنهن کي پڙهي ڪافي ڄاڻ ملي ۔۔۔۔ اڳ ڊي اين اي جي باري ۾ صرف ٻڌبو هو پر اهو ڇا آهي صحيح نموني اڄ خبر پئي۔

    لک قرب اميد ته اڳتي به اوهان اهڙا قيمتي ليک موڪلي اسان لاء آسانيون پيدا ڪندا رهندا۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔۔ سدا سلامت هجو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,671
    ورتل پسنديدگيون:
    3,815
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام سٺي معلومات
     
  4. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,480
    ورتل پسنديدگيون:
    5,963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ماشاالله۔۔۔تمام بهترين ۽ آسان لفظن ۾ ڊي اين اي تي روشني وڌي وئي آهي۔۔۔
    ڪروموسومز، ڊي اين اي ۽ جينز جا نالا عام ماڻهن جي استعمال ۾ ته ايندا آهن پر انهن ۾ فرق ۽ انهن بابت بنيادي ڄاڻ تمام گهٽ ماڻهن کي هوندي آهي۔۔
    جسم ۾ ٿيندڙ هر عمل اصل ۾ پهرين کان طئي ٿيل هوندو آهي۔۔جيئن ڪنهن عمارت تعمير ٿيڻ کان پهرين نقشو ٺاهبو آهي ۽ پو ان نقشي مطابق سڄي عمارت تعمير ٿيندي آهي۔۔ساڳي ريت انسان جو جسم به پيدائش کان وٺي گهررِڙي جي مرڪز ۾ موجود ان نقشي (ڪروموسومز) جي مدد سان واڌ ڪندو آهي۔ انسان جي چمڙي جو رنگ، اکين جو رنگ، وارن جو رنگ، جسم جي مڪمل بيهڪ مثلن قد، بت، عقل، هوشياري، عادتون ۽ هر اهو ڪم جيڪو ظاهري طور ته اسان جو جسم ڪندو آهي پر اصل ۾ اهو ڪم جسم ۾ موجود ڪروڙين، اربين گهرڙن جي ذريعي ٿيندو آهي۔
    هر خاندان ، هر قبيلي ۽ هر قوم جا مختلف نقشا (ڪروموسومز) هوندا آهن۔ انهي ڪري دنيا جي مختلف جاين تي رهندڙ انسان اندروني ۽ بيروني طور تي مختلف خاصيتن وارا هوندا آهن۔
    هر هڪ گهرڙي جي مرڪز ۾ ڪروموسومز جا 23 جوڙا (ٽوٽل 46 ڪروموسومز) موجود هوندا آهن۔ 22 جوڙا آٽوسومز سڏجندا آهن جڏهن ته هڪ جوڙو جنسي ڪروموسومز ( ايڪس ۽ وائي) جو هوندو آهي۔اهو به ذهن ۾ رهي ته اهي سڀ ڪروموسومز جسم جي هر هڪ گهرڙي ۾ بلڪل ساڳيا هوندا آهن۔
    ڪروموسومز جو ننڍو حصو جينز سڏجندو آهي۔ جينز ۾ پروٽين يا ٻين ڪيميڪلز ٺاهڻ جو فارمولو محفوظ هوندو آهي۔ انهن جينز ۾ ئي ڊي اين اي هوندو آهي جنهن بابت ادا راشد سومري نهايت قيمتي معلومات ڏني آهي۔
    وڌيڪ سمجهڻ لا ڪجهه ڊاياگرام ونڊ ڪري رهيو آهيان۔
    [​IMG] [​IMG]
    جيڪڏهن نقشي ۾ ڪا خرابي هوندي ته عمارت ۾ به نقص ٺهي ويندو ساڳي ريت جسم ۾ به ڪئين بيماريون ان ڪروموسز جي خرابي جي ڪري پيدا ٿينديون آهن۔ انهن مان ڪجهه اهم بيماريون هي آهن۔
    • مختلف پيدائشي جسماني نقص۔
    • ڪنهن به عضوي جو ڪينسر ٿيڻ
    • هيمو فيليا
    • ڊائون سينڊروم وغيره وغيره
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,643
    ورتل پسنديدگيون:
    5,641
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    محترمه زرينا عباسي جو لکيل انتهائي معلوماتي ليک۔۔۔ هي ليک ”سرتيون“ رسالي جي نومبر 2006 ايڊيشن ۾ به شايع ٿيو هو ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي سائيٽ تي پڻ رکيل آهي۔۔۔
    دوست راشد سومرو جا وڏا وڙ جن هي معلوماتي ليک ونڊ ڪيو ۔۔۔ پر دوست کي صلاح ٿي ڏجي ته ڪنهن به ليک کي شيئر ڪرڻ وقت ان جي اصل ليکڪ جي نالي کي به شامل رکن ته جئين لکندڙ کي پزيرائي ملي سگهي۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. MUHAMMAD ASIF BROHI

    MUHAMMAD ASIF BROHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    322
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    زمينداري
    ماڳ:
    سرهاري،شهدادپور ضلع سانگهڙ
    تمام بهترين ليک
     
  7. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
    پڙهي ڪري تمام سٺي معلومات ملي۔
     
  8. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,773
    ورتل پسنديدگيون:
    5,821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هن فورم تي اهڙا ليک هن فورم کي وڌيڪ مفيد بڻائيندا۔ ڇو ته اڄڪلهه انگريزي ٻولي ۾ ڪو لفظ لکي سرچ ڪر ته فورم تي ئي هٽ ٿئي ٿو۔ سنڌي ٻولي ۾ هن فورم تي سُٺو مواد موجود آهي پر اڃان به ضرورت آهي مواد جي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. راشد سومرو

    راشد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    اليڪٽرانڪ ميڊيا
    ماڳ:
    ڪراچي
    منهنجا ادا، مون بلڪل نالو لڳايو هو، شايد تڙ تڪڙ ۾ اهو نالو مٽجي ويو هجي، هونئن به اوهان جيڪڏهن ڪا به منهنجي اٽيچ ڪيل لکڻي پڙهي ڏسندا ته ان تي جنهن جو آرٽيڪل يا وري تجزيو ۽ تبصرو هوندو آهي، ان جو نالو ضرور لکيل آهي، اوهان پڙهي سگهو ٿا، منهنجي جيڪا به پوسٽ ڪيل اهن انهن ۾ سمورن جا نالا ڏنل آهن ۽ ٻي ڪالهه اها ته مون کي چوري جي عادت نه آهي، مان جيڪڏهن ڪنهن ويب يا بڪ تان اسٽوري کڻندو به آهيان ته اها سنڌي ويب سائيٽ ته نه پر انگلش يا اردو ويب سائيٽ تن کڻندو آهيان ۽ ان کي مان ٽرانسليٽ ڪندو آهيان ۽ بعد ۾ دوستن لا اها لکڻي پوسٽ ڪندو اهيان ۽ انهن لکڻين جو ريفرنس ضرور ڏيندو آهي۔۔۔۔۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو