• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سرنهن جو ساڳ

راشد سومرو

سينيئر رڪن
سرنهن جو ساڳ

گهربل شيون:

ساڳ: هڪ ڪلو

ادرڪ: اڌ ڇٽانگ

لوڻ مرچ: ضرور آهر

هيڊ: ٿوري چپٽي

بصر: اڌ پا

ساوا مرچ: ڏهه ٻارنهن

سرنهن جو تيل: اڌ پا

ٺاهڻ جو طريقو:

سرنهن جو ساڳ ڏنڊين کان الڳ ڪري صفا سنهو ڪري ڪٽي وٺو ۽ پاڻي سان ڌوئو. هاڻي بصر کي تيل ۾ ڀڃي وٺو ۽ لوڻ مرچ وجهي ڪٽيل ساڳ وجهو ۽ ٿورو پاڻي پڻ وجهو. ڇو ته ساڳ جو پنهنجو پاڻي الاهي هوندو آهي، انهي کي ڳارڻ لا ڪافي هوندو آهي، جڏهن ساڳ جو رنگ پيلو ٿيڻ لڳي ته ادرڪ ڪٽي وجهو ۽ لاهڻ کان ٿورو پهرئين ساوا مرچ ڪٽي وجهو. سرنهن جي ساڳ کي جيتري دير گهڻو رڌيندا اوترو وڌيڪ لذيذ ٿيندو.
 
Back
Top