سرنهن جو ساڳ گهربل شيون: ساڳ: هڪ ڪلو ادرڪ: اڌ ڇٽانگ لوڻ مرچ: ضرور آهر هيڊ: ٿوري چپٽي بصر: اڌ پا ساوا مرچ: ڏهه ٻارنهن سرنهن جو تيل: اڌ پا ٺاهڻ جو طريقو: سرنهن جو ساڳ ڏنڊين کان الڳ ڪري صفا سنهو ڪري ڪٽي وٺو ۽ پاڻي سان ڌوئو. هاڻي بصر کي تيل ۾ ڀڃي وٺو ۽ لوڻ مرچ وجهي ڪٽيل ساڳ وجهو ۽ ٿورو پاڻي پڻ وجهو. ڇو ته ساڳ جو پنهنجو پاڻي الاهي هوندو آهي، انهي کي ڳارڻ لا ڪافي هوندو آهي، جڏهن ساڳ جو رنگ پيلو ٿيڻ لڳي ته ادرڪ ڪٽي وجهو ۽ لاهڻ کان ٿورو پهرئين ساوا مرچ ڪٽي وجهو. سرنهن جي ساڳ کي جيتري دير گهڻو رڌيندا اوترو وڌيڪ لذيذ ٿيندو.