سنڌ ۾ پوءِ ڍايا وڏيرا ڪيئن پيا ڀينگ ڪن؟ تحرير ۽ تحقيق : انجنيئر عبدُالرزاق ميمڻ سنڌ ۾ صنعت ڇو نٿي لڳي؟ سنڌ جا اسڪول ڇو بند آهن؟ ٻهراڙين ۾ قبائلي جهيڙا ڇو نٿا ختم ٿين، اسان قبائلي ته ناهيون پوءِ اهو ناسور اسان وٽ ڪيئن اچي چُڪو اهي، اسان ته ست هزار سالن جي مُهذب سولائزيشن جا انڊس ويلي ” واديءَ مهراڻ“ جا باسي آهيون؟ پوءِ هي ڪهڙا پناهگير آهن جيڪي اسان جي پاڙُن ۾ ويهي ، اسانجي ڪلچر، تهذيب جي تباهي پيا آڻين، سنڌ ۾ عورتن جي اڳڀرائيءَ ۾ رڪاوٽون ڪٿي ڪير پيو وجھي، پُر امن سنڌي؟ آهن؟ ڇو نٿا هاڻ پاڻ کي ڦُهلاڙيو ته، هي قبائلي قانون، تاسان جا قانون ڇو پيا ٿين؟ ڪيستائي اُٺ پکيءَ وانگر مٿو واريءَ ۾، جسم ٻاهر کُليل رکي ، سمجھهندئو ته، ڪاهن کان بچي وينداسون، اُٿو شعور آڻيو .90ع واري ڏهاڪي کانپوءِ سنڌ ۾ اين جي اوز ٿورو گهڻو انهن مسئلن تي ڪم ڪيو، پر جيئن ته اهو ڪم ڊونر جي پيسن تي هلندڙ پراجيڪٽن جي شڪل ۾ هيو، تنهن ڪري اهو ڪنهن سماجي تحريڪ جي شڪل اختيار نه ڪري سگهيو. اهو ئي سبب آهي جو هن وقت سنڌ ۾ هر چوٿون سرڪاري پرائمري اسڪول بند آهي، پر اهو مسئلو ڪنهن به عوامي جدوجهد جي اهم نڪتن ۾ شامل ناهي. سنڌ ۾ هفتن جا هفتا يونيورسٽيون وري بند ٿيڻ لڳيون آهن، پر سول سوسائٽي عملي طور خاموش آهي. سنڌ ۾ ماحولياتي بربادي عروج تي آهي، يا ٽيهه چاليهه لک ماڻهو هيپاٽائيٽس جو شڪار آهن. هتي ڪلڪ ڪري فيس بوڪ جي وڊيو ڏسو سنڌ ۾ وڏيرا ڪيئن پيا ڀينگ ڪن، سنڌ ۾ صنعت ڇو نٿي لڳي مان پنهجين تحريرُن ۾ پوءِ ڍائيي وڏيرو جو لفظ ان لاءِ استعمال ڪندو آهيان جو وڏيرو لفظ اسان جي تهذيب ۾ عزت وارو آهي معني وڏو يا چڱيرو ۽ هن لاءِ امير يا پئسي وارو هُجڻ لازمي ناهي. اڳ جو سڏايل وڏيرو همدرد ۽ عوامي درد رکندڙ هو، اڇو پٽڪو لازمي پائيندو هو، جيڪا دستبنداريءَ ۾ ملي هوندس، ڪن ڪن وٽ ته هٿ ۾ عصا هوند هُئي جيڪا انصاف ڪرڻ جي علامت هُئي ۽ اڪثر نبي سائين جن به کڻي هلندا هُئا. ۽ اڄ جو سڏجندڙ وڏيرو يا جاگيردار اُهو جيڪو ڌاڙيل ۽ پوليس جا ڪي ڪرندا گڏ رکي پالي ٿو، ڪلف جا ڪپڙا پائي فخر سان مُٺُ تي سگريٽ يا سگار ۽ هٿ ۾ ڪو هاءِ ڪلاس برانڊ سيگريٽ جو پاڪيٽ هڪ مهنگي ۽ مُختلف رنگ جي سنڌي ٽوپي، گڏ نوڪر ٽي چار موبائل کڻي هلن ۽ ٽوپي کسڪائي نرڙ تي رکي پجارو ۽ مُبائلن ۾ نمائش ڪندو وتي ٿو اها نشاني آهي. ظاهر آهي حرام جي ڪمائي حرام ئي ٿيندي نه؟ اُن ڪري اهڙن لاءِ مان پوءءِ ڍائي وڏيري يا ڪاموري جيڪو ڪلرڪ مان رشوت وٺي آفيسر ۽ پوءَ جاگيردار ٿي پوندو آهي اُن جي ڳالهه ڪندو آهيان
جواب: سنڌ ۾ وڏيرا ڪيئن پيا ڀينگ ڪن، سنڌ ۾ صنعت ڇو نٿي لڳي اهي ڪمپنيون مقامي ماڻهن کي ڪا رائلٽي يا نوڪريون نه ٿيون ڏين ڪنڌڪوٽ ۽ پارڪو ۽ ٻيا ادارا واضح مثال آهن وڏيرا شاهي ۽ صرف وڏيرن جا ڪي چند خاص ماڻهون کنيو ٿا وڃن
جواب: سنڌ ۾ وڏيرا ڪيئن پيا ڀينگ ڪن، سنڌ ۾ صنعت ڇو نٿي لڳي مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾ ۔۔۔ بيشڪ اسانجون پنهنجيون غلطيون آهن ۽ اسانجا پنهنجا به ان ڌاڙي ۾ شامل آهن ۔۔۔ پر هڪ ڳالهه يقيني آهي ته جنهن ملڪ جو قانون ۽ عدالت هڪطرفو هوندو آهي ۽ صرف ڏاڍ ۽ ڏاڍي جي پوئواري ڪندو هجي ۽ هٿ وٺي سماجي مسئلن کي اهڙو ته ڳوڙهو ڪيو وڃي جو انجي اصلاح جي ڪا راهه ئي نظر نه اچي ته ان سماج جي ارتقا ۽ ترقيءَ جون اميدون ميسارجي وينديون آهن ۽ هر ماڻهون سياري جي باهه پاڻ ڏانهن سوريندو آهي ۔۔۔ ۽ بلڪل ساڳي شڪل سنڌ جي آهي ۔۔۔ سنڌ ۾ پڻ جو ڏاڍو سو گابو آهي ۔۔۔ اهي ڏاڍا ۽ وس وارا پنهنجن ننڍڙن ننڍڙن مفادن خاطر، قومي مفادن جو سودو ڪنٿا ۔۔۔ پر سوال اهو آهي ته اهو سودو هو ڪنهن سان ٿا ڪن؟ گهر جا ڀيدي ته نقصان ڏين ٿا پر انهن گهر جي ڀيدين جي پٺڀرائي ڪير ٿو ڪري؟ ۔۔۔ ڪي ته هٿ آهن جي وڏا مفاد ۽ فائدا حاصل ڪرڻ خاطر انهن ديسي غلامن جو وات ڀري بند ڪنٿا، اهي وات بند ڪرڻ واريون قوتون ڪهڙيون آهن؟ اهي مٿيان سوال انتهائي اهم آهن، جڏهن انهن هٿن کي ڳولهي لهبو ۽ انهن هٿن کي ڪٽڻ جي ڪوشش ڪبي ته گهر جو ڀيدي ڦڙڦڙائيندو ضرور پر آخر حق ۽ سچ جي قوتن آڏو هٿيار ڦٽا ڪندو ۔۔۔ ياد رکڻ گهرجي ته چور هميشه ڪمزور هوندو آهي ۔۔۔ بس ڀاڳين جي جاڳڻ جي دير آهي ۔۔۔ دوستو هٿ مٿي آهن ۔۔۔ اميدون باقي آهن ۔۔۔ ڏسجي ته ڪهڙا مانجهي مرد پئدا ٿا ٿين ۽ ڌوڪي جي ديوار کي ڌڪو ڏئي ڪيرائين ٿا ۔۔۔ الله ائين مَ هــوءِ، جـــو آءُ مران بند ۾، جسو زنجيـــرن ۾ راتــون ڏينهــان روءِ، پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مر پڄنم ڏينهڙا۔ sindhsalamatsaathsal
جواب: سنڌ ۾ وڏيرا ڪيئن پيا ڀينگ ڪن، سنڌ ۾ صنعت ڇو نٿي لڳي سائين صنعتون ڪيئن لڳن، وڏيرا ڪڏهن به نه چاهيندا ته ماڻهو اسان جي اثر رسوخ مان نه نڪرن۔۔ توهان کي خبر آهي ته وڏيرا غريبن کي اهو ئي محسوس ڪرائيندا آهن ته توهان جي زندگي اها آهي ته اوهان جا وڏا به اسان جي نوڪريءَ ڪندا ۽ اسان جي ٽڪرن تي پلجندا هئا، هاڻي توهان ۽ توهان جي اولاد جو به ساڳيو نصيب آهي۔۔ جي صنعتون ۽ اسڪول هلندا ته سجاڳي ايندي۔۔۔ سجاڳي ايندي ته وڏيرن سان خيالن جو ٽڪراءُ پيدا ٿيندو ۽ اهو ئي ته وڏيرا نه ٿا چاهين۔۔ منهنجي پنهنجي ڳوٺ جو پنهنجو مثال آهي، اتي ڪيترن ئي پڙهيل لکيل ماڻهن صنعتون هڻائڻ جون ڪوششون ڪيون ۽ آڇون ڪيون پر وڏيرن نابري واري۔۔۔ انهن صنعتن سان اسان جي ڳوٺن جي اڪثر ڪري بيروزگار ماڻهن کي فائدو ٿئي ها جيڪي نه ڪو زمين وارا آهن ۽ نه وٽن ڪو مال متاع آهي جو کير وغيره وڪڻي گذر ڪن۔۔
جواب: سنڌ ۾ وڏيرا ڪيئن پيا ڀينگ ڪن، سنڌ ۾ صنعت ڇو نٿي لڳي يار جنهن جو نالو وڏيرو سو ڀلا ڪيئن ننڊيرو ٿيندو، ڪجهه ڏينهن پهرين هڪڙي تنظيمي ڪم سبب ضلعي ٺٽي وايا ٽنڊو محمد خان ويس، ٽنڊو محمد خان جي حد بُلڙي شاهه ڪريم تعلقي کان ٿورو پري جهوڪ واري سائين صوفي شاهه عنايت شهيد جي ميران پور ”جهوڪ شريف “ کان ٿورو اوريان کان پوءِ انڊس هائي وي وارو مين روڊ ڇا هو اصل ٻيڙي ٻُڏي پئي هُئي، جڳهه جڳهه تي روڊ ٽُٽو پيو هو، خاص ڪري جيڪي شهر ، جهوڪ شريف، ميرپور بٺورو، سُجاول، جي روڊن جي حالت اهڙي هُئي جو اسان اهو رستو الله الله ڪري پورو ڪيو، منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته جن سڄا سارا اٺ سال پوري شان مان سان انهي نعري تي حڪومت ڪئي ته جيڪي ڪانڌي ٿين اهي ئي سچا هڏ ڏوکي آهن، ماڻهن صرف انهن کي ميتن جي ڪانڌي ٿيڻ تي انعام طور انهن کي ووٽ ڏنا انهن وڏيرن وٽ سڀ ڪجهه هو پر روڊ جيڪي انهن علائقن جي آمدرفت جا سڀ کان وڏا وسيلا آهن، جيڪي ٻين ضلعن سان ڳنڊين ٿا، انهن روڊن جي زبون حالت ڏسي بلڪل اندازو لڳائي پيو سگهجي ته وڏيرن کي پنهنجي علائقن جي ترقين جو ڪهڙو قدر هوندو۔ وڏيرا ڀينگون ڪري ڄاڻن۔ اسان جهڙي غريب عوام انهيءَ هُشي ۾ خوش ته سبحان الله وڏيرو وڏي قرب ڪري سندن ميتن جو ڪانڌي ٿيو، انهي پياري عوام ۽ غريب عوام کي پنهنجي روڊن ، پنهنجي رستن ، پنهنجي بي روزگارين، جي خبر ڪانه هُئي اهڙيون ڪافي ساريون ڳالهيون اڃان به آهن جيڪي غريب ۽ پياري عوام جي سستي جي ڪري وڏيرا ڀينگ ڪندي نظر ايندا آهن۔
جواب: سنڌ ۾ وڏيرا ڪيئن پيا ڀينگ ڪن، سنڌ ۾ صنعت ڇو نٿي لڳي سائين غريبن جا مسئلا حل ٿيندا ته وڏيرن جي ڪير سلامي ڀريندو