Sindhi Media
سينيئر رڪن
سنڌ ۾ پوءِ ڍايا وڏيرا ڪيئن پيا ڀينگ ڪن؟
تحرير ۽ تحقيق : انجنيئر عبدُالرزاق ميمڻ
سنڌ ۾ صنعت ڇو نٿي لڳي؟ سنڌ جا اسڪول ڇو بند آهن؟ ٻهراڙين ۾ قبائلي جهيڙا ڇو نٿا ختم ٿين، اسان قبائلي ته ناهيون پوءِ اهو ناسور اسان وٽ ڪيئن اچي چُڪو اهي، اسان ته ست هزار سالن جي مُهذب سولائزيشن جا انڊس ويلي ” واديءَ مهراڻ“ جا باسي آهيون؟ پوءِ هي ڪهڙا پناهگير آهن جيڪي اسان جي پاڙُن ۾ ويهي ، اسانجي ڪلچر، تهذيب جي تباهي پيا آڻين، سنڌ ۾ عورتن جي اڳڀرائيءَ ۾ رڪاوٽون ڪٿي ڪير پيو وجھي، پُر امن سنڌي؟ آهن؟ ڇو نٿا هاڻ پاڻ کي ڦُهلاڙيو ته، هي قبائلي قانون، تاسان جا قانون ڇو پيا ٿين؟ ڪيستائي اُٺ پکيءَ وانگر مٿو واريءَ ۾، جسم ٻاهر کُليل رکي ، سمجھهندئو ته، ڪاهن کان بچي وينداسون، اُٿو شعور آڻيو .90ع واري ڏهاڪي کانپوءِ سنڌ ۾ اين جي اوز ٿورو گهڻو انهن مسئلن تي ڪم ڪيو، پر جيئن ته اهو ڪم ڊونر جي پيسن تي هلندڙ پراجيڪٽن جي شڪل ۾ هيو، تنهن ڪري اهو ڪنهن سماجي تحريڪ جي شڪل اختيار نه ڪري سگهيو. اهو ئي سبب آهي جو هن وقت سنڌ ۾ هر چوٿون سرڪاري پرائمري اسڪول بند آهي، پر اهو مسئلو ڪنهن به عوامي جدوجهد جي اهم نڪتن ۾ شامل ناهي. سنڌ ۾ هفتن جا هفتا يونيورسٽيون وري بند ٿيڻ لڳيون آهن، پر سول سوسائٽي عملي طور خاموش آهي. سنڌ ۾ ماحولياتي بربادي عروج تي آهي، يا ٽيهه چاليهه لک ماڻهو هيپاٽائيٽس جو شڪار آهن.
هتي ڪلڪ ڪري فيس بوڪ جي وڊيو ڏسو
سنڌ ۾ وڏيرا ڪيئن پيا ڀينگ ڪن، سنڌ ۾ صنعت ڇو نٿي لڳي
مان پنهجين تحريرُن ۾ پوءِ ڍائيي وڏيرو جو لفظ ان لاءِ استعمال ڪندو آهيان جو وڏيرو لفظ اسان جي تهذيب ۾ عزت وارو آهي معني وڏو يا چڱيرو ۽ هن لاءِ امير يا پئسي وارو هُجڻ لازمي ناهي. اڳ جو سڏايل وڏيرو همدرد ۽ عوامي درد رکندڙ هو، اڇو پٽڪو لازمي پائيندو هو، جيڪا دستبنداريءَ ۾ ملي هوندس، ڪن ڪن وٽ ته هٿ ۾ عصا هوند هُئي جيڪا انصاف ڪرڻ جي علامت هُئي ۽ اڪثر نبي سائين جن به کڻي هلندا هُئا.
۽ اڄ جو سڏجندڙ وڏيرو يا جاگيردار اُهو جيڪو ڌاڙيل ۽ پوليس جا ڪي ڪرندا گڏ رکي پالي ٿو، ڪلف جا ڪپڙا پائي فخر سان مُٺُ تي سگريٽ يا سگار ۽ هٿ ۾ ڪو هاءِ ڪلاس برانڊ سيگريٽ جو پاڪيٽ هڪ مهنگي ۽ مُختلف رنگ جي سنڌي ٽوپي، گڏ نوڪر ٽي چار موبائل کڻي هلن ۽ ٽوپي کسڪائي نرڙ تي رکي پجارو ۽ مُبائلن ۾ نمائش ڪندو وتي ٿو اها نشاني آهي. ظاهر آهي حرام جي ڪمائي حرام ئي ٿيندي نه؟ اُن ڪري اهڙن لاءِ مان پوءءِ ڍائي وڏيري يا ڪاموري جيڪو ڪلرڪ مان رشوت وٺي آفيسر ۽ پوءَ جاگيردار ٿي پوندو آهي اُن جي ڳالهه ڪندو آهيان