آپگهات يا خودڪشي

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2014۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    اڄ صبح سان هڪ منحوس خبر ملي، اسانجي ڦوهه جوانيءَ جي دلبر، کلڻي ملڻي/روح ريجهائيندڙ دوست آپگهات ڪري ڇڏيو ...!!!

    نماز پڙهيائين، ناشتو ڪيائين، پستول ڪن پٽيءَ تي رکي الله واهي ڪيائين.
    انا لله وانا اليه راجعون ...!!!

    آپگهات پنهنجو پاڻ کي مارڻ، پنهنجي حياتيءَ جي ڏيئيءَ کي گل ڪري ڇڏڻ آهي .... ڪهڙا به سبب هجن، ڪهڙيون به حالتون هجن ۽ ڪهڙيون به تڪليفون ڇو نه هجن پر آپگهات يا خودڪشي ڪرڻ دنيا جي هر مذهب/فلسفي ۽ فڪر ۾ ڏوهه آهي پر دين اسلام ۾ ته آپگهات گناهه عظيم آهي / حرام آهي ۽ دوزخ جي سزا آهي...!!!

    معجزات نبويءَ ۾ هڪ قصو بيان ٿيل آهي ته؛

    هڪ غزوه (جنگ ) ۾ الله جي رسول سيمت ڪيترائي اصحابي ۽ لشڪري ۽ ويڙهو سورهيه شامل هيا، انهن سورهين مان هڪ سورهيه اهڙي ته ويڙهه ڪئي جو سڀني اصحابن ان جنگجوءَ طرف اشارو ڪري رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم کي بيان ڪيو ته هي بهادر شخص اڄ ائين وڙهيو آهي جيئن ڪا وڄ ڪري پئي هجي دشمنن تي، دشمن جي سپاهين جي صفن ۾ اهڙا ته ڪوڪرا ڪيائين جو دشمن دهلجي ويا ۽ سندس تلوار ڪيترن ئي ڪافرن کي جهنم رسيد ڪيو آهي.

    الله جي رسول صلعم جن جواب ڏنو ته، “ اهو جنگجو جهنمي آهي“ اصحاب حيران ٿي ويا ته غزوه ۾ شريڪ ٿيندڙ جنت جا حقدار هوندا آهن ۽ جهاد افضل عبادت آهي ته پوءِ هي جهنمي ڪيئن ٿيو ..؟؟؟

    هڪ اصحابيءَ جي ذهن ۾ خيال آيو ته الله جو رسول ته ڪوڙو ٿي نه ٿو سگهي ڇو نه آءُ جنگ جي ميدان ۾ هن همراه جو پيڇو ڪيان ۽ ڏسان ته هو ڪهڙي حرڪت ٿو ڪري جنهن سبب هو جهنمي آهي ..؟؟؟

    جنگ شروع ٿي، هر طرف تلوارون اڀيون هيون، هي بهادر ويڙهو تلوار جا وار ڪندو ٻين کي ڪيرائيندو پنهنجي جسم تي ڌڪ کائيندو اڳتي وڌندو رهيو، پويان اصحابي وڙهندي کيس ڏسندو رهيو، آخر ۾ اهو بهادر ويڙهو ايترو ته زخمي ٿي پيو جو زخمن جي تڪليف ۽ سور کان تنگ اچي زمين ۾ پنهنجي تلوار کپائي پنهنجو پيٽ ان تي رکي زور ڏئي پنهنجي حياتي ختم ڪري ڇڏي ... !!!

    اصحابي سمجهي ويو ته اهو ويڙهو جهنمي ڇو ٿيو، ڇاڪاڻ ته دين اسلام ۾ خودڪشي سخت حرام آهي ۽ جنهن جي سزا جهنم آهي.

    ڀل ڪيتريون به مصيبتون ڪڙڪي پون، ڀل ڪيترا سور پلئه پون پر هار ناهي مڃڻي، مقابلو ڪرڻو آهي ۽ پنهنجي زندگيءَ کي تيستائين پاڻ ختم ناهي ڪرڻو جيستائين طبعي يا حادثاتي طور پاڻ ختم ٿي نه وڃي.

    رب العاليمن اسانجي ان پياري دوست جي مغفرت فرمائي ،،،، آمين​
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    نا اميدي ۽ مايوسي ذهن تي سوار ٿي وڃي ته اهڙا واقعا پيش اچن ٿا

    سبق آموز
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جيڪا حياتي رب ڏني آهي، ماءُ پيءُ اسان کي پالي وڏو ڪيو، ان حياتيءَ کي اسان پنهنجي هٿن سان ختم ڪرڻ وارا ڪير ٿيندا آهيون.....
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    آپگهات يا خودڪشي سڀ کان وڏو ڏوهه آهي. ڊاڪٽر برڪت نوناري جي ڪتاب ”موت کان موٽيل ماڻهن جا مشاهدا“ ۾ هڪ شخص پنهنجو مشاهدو ٻڌائيندي چئي ٿو ته ” مون خودڪشي ڪئي ان لا ته آئون دنيا وارن کان تنگ هئس پر مرڻ کان پو به مونسان ساڳي حالت هئي“. يعني خودڪشي ڪن ٿا دنيا مان جان آجي ڪرڻ لا پر اُهو صرف جسم ٿڌو ٿيندو آهي روح ته ناهي مرندو...
    ٻئي شخص جو مشاهدو لکيل آهي ، مفهوم آهي ته قتل ڪرڻ کان پو مقتول هر روز منهنجي روح کي ايذا پهچائيندو رهندو هو.
    الله پاڪ جي ڏنل نعمت (زندگي) کي هٿ سان ختم ڪرڻ ! الله پاڪ جي قدرت جو انڪار ڪرڻ آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
    الله پاڪ ان عمل کان محفوظ فرمائي.
     
  6. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    الامان ، الله پاڪ پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي
     
  7. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    [​IMG]
    بيشڪ اسان (صرف) الله جا آهيون ۽ بيشڪ اسان ان ڏانهن موٽندڙ آهيون (سورت البقره 156)
    انا لله يعني اسان الله جا آهيون، هن جي تفسير ۾ علامه جلال الدين سيوطي رحمته الله عليه فرمائين ٿا ته اسان الله پاڪ جي ملڪيت ۽ غلام آهيون. اهو جيڪو چاهي اسان سان ڪري سگهي ٿو. علامه احمد بن محمد صادي رحمته الله عليه ساڳي آيت جي تفسير ۾ فرمائين ٿا ته اسان هن جا (الله عزوجل جا) غلام ۽ خلقيل آهيون. هو جيئن چاهي اسان سان سلوڪ ڪري سگهي ٿو.
    هن آيت جي ترجمي ۽ تفسير مان اها ڳالهه واضح آهي ته اسان پنهنجي جسم جا مالڪ ئي نه آهيون. اسان جي جسم جو حقيقي مالڪ الله پاڪ آهي. اسان کي هن جسم جو اختيار صرف انڪري ڏنو ويو آهي ته جيئن اسان هن جسم کي هڪ وسيلو سمجهون ۽ هن وسيلي جي مدد سان الله ۽ محبوبن ڪريمن جي حڪمن تي عمل ڪري آخرت جي تياري ڪريون. مطلب ته هي جسم الله جي امانت آهي، شريعت مطابق هن جو استعمال جائز آهي پر شريعت جي دائري کان ٻاهر رهي ڪو ڪم ڪنداسين ته اها امانت ۾ خيانت ٿيندي ۽ امانت ۾ خيانت حرام آهي. خودڪشي ڪرڻ اصل ۾ جسم جي امانت ۾ خيانت ڪرڻ آهي ۽ مختلف حديثن موجب خودڪشي ڪرڻ وارو اهو ئي ساڳيو عذاب جهنم ۾ به ڀوڳيندو جيڪو هن مرڻ لا پاڻ چونڊيو هوندو.
    الله پاڪ اسان سڀني کي پنهنجي حفظِ امان ۾ رکي ۽ زندگي جي مصيبتن کي برداشت ڪرڻ جي همت ۽ صبر جميل عطا ڪري. آمين.
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    خبر ناهي ڇو دوستن ۾ ايڏي مايوسي آهي... پر ڪڏهن ڪڏهن جڏهن انسان جي سوچن تي مايوسي غالب ٿي وڃي ته اهڙا فيصلا ڪري ويهن ٿا. مون ته ڪجهه اهڙن ماڻهن کي به ڏٺو اهي جيڪي بهادر، دل جا سچا ۽ مضبوط ارادن جا مالڪ هوندي به اهڙو ڪم ڪن ٿا.

    الله پنهنجي پناهه ۾ رکي.... آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو