نثارابڙو
نائب منتظم

اڄ صبح سان هڪ منحوس خبر ملي، اسانجي ڦوهه جوانيءَ جي دلبر، کلڻي ملڻي/روح ريجهائيندڙ دوست آپگهات ڪري ڇڏيو ...!!!
نماز پڙهيائين، ناشتو ڪيائين، پستول ڪن پٽيءَ تي رکي الله واهي ڪيائين.
انا لله وانا اليه راجعون ...!!!
آپگهات پنهنجو پاڻ کي مارڻ، پنهنجي حياتيءَ جي ڏيئيءَ کي گل ڪري ڇڏڻ آهي .... ڪهڙا به سبب هجن، ڪهڙيون به حالتون هجن ۽ ڪهڙيون به تڪليفون ڇو نه هجن پر آپگهات يا خودڪشي ڪرڻ دنيا جي هر مذهب/فلسفي ۽ فڪر ۾ ڏوهه آهي پر دين اسلام ۾ ته آپگهات گناهه عظيم آهي / حرام آهي ۽ دوزخ جي سزا آهي...!!!
معجزات نبويءَ ۾ هڪ قصو بيان ٿيل آهي ته؛
هڪ غزوه (جنگ ) ۾ الله جي رسول سيمت ڪيترائي اصحابي ۽ لشڪري ۽ ويڙهو سورهيه شامل هيا، انهن سورهين مان هڪ سورهيه اهڙي ته ويڙهه ڪئي جو سڀني اصحابن ان جنگجوءَ طرف اشارو ڪري رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم کي بيان ڪيو ته هي بهادر شخص اڄ ائين وڙهيو آهي جيئن ڪا وڄ ڪري پئي هجي دشمنن تي، دشمن جي سپاهين جي صفن ۾ اهڙا ته ڪوڪرا ڪيائين جو دشمن دهلجي ويا ۽ سندس تلوار ڪيترن ئي ڪافرن کي جهنم رسيد ڪيو آهي.
الله جي رسول صلعم جن جواب ڏنو ته، “ اهو جنگجو جهنمي آهي“ اصحاب حيران ٿي ويا ته غزوه ۾ شريڪ ٿيندڙ جنت جا حقدار هوندا آهن ۽ جهاد افضل عبادت آهي ته پوءِ هي جهنمي ڪيئن ٿيو ..؟؟؟
هڪ اصحابيءَ جي ذهن ۾ خيال آيو ته الله جو رسول ته ڪوڙو ٿي نه ٿو سگهي ڇو نه آءُ جنگ جي ميدان ۾ هن همراه جو پيڇو ڪيان ۽ ڏسان ته هو ڪهڙي حرڪت ٿو ڪري جنهن سبب هو جهنمي آهي ..؟؟؟
جنگ شروع ٿي، هر طرف تلوارون اڀيون هيون، هي بهادر ويڙهو تلوار جا وار ڪندو ٻين کي ڪيرائيندو پنهنجي جسم تي ڌڪ کائيندو اڳتي وڌندو رهيو، پويان اصحابي وڙهندي کيس ڏسندو رهيو، آخر ۾ اهو بهادر ويڙهو ايترو ته زخمي ٿي پيو جو زخمن جي تڪليف ۽ سور کان تنگ اچي زمين ۾ پنهنجي تلوار کپائي پنهنجو پيٽ ان تي رکي زور ڏئي پنهنجي حياتي ختم ڪري ڇڏي ... !!!
اصحابي سمجهي ويو ته اهو ويڙهو جهنمي ڇو ٿيو، ڇاڪاڻ ته دين اسلام ۾ خودڪشي سخت حرام آهي ۽ جنهن جي سزا جهنم آهي.
ڀل ڪيتريون به مصيبتون ڪڙڪي پون، ڀل ڪيترا سور پلئه پون پر هار ناهي مڃڻي، مقابلو ڪرڻو آهي ۽ پنهنجي زندگيءَ کي تيستائين پاڻ ختم ناهي ڪرڻو جيستائين طبعي يا حادثاتي طور پاڻ ختم ٿي نه وڃي.
رب العاليمن اسانجي ان پياري دوست جي مغفرت فرمائي ،،،، آمين