• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مسجد

يونس ملڪاڻي

سينيئر رڪن
1981867_691349124220879_1330398898_n.jpg

اڳي ڳوٺن جا نيڪ مرد پنهنجي پهچ سارُو ڳوٺ ۾ مسجد جوڙائيندا هئا جن ۾ ڳوٺ جو ڪو نيڪ مرد نماز پڙهائيندو هو پر بعد ۾ مذهب کي منافعي ڪاروبار ۾ بدلجندي ڏسي مختلف “ملٽي نيشنل مذهبي خيراتي ادارا” ميدان ۾ لهي پيا جن پنهنجو ٽارگيٽ مسجدن کي بڻايو ۽ سادين ۽ پرسڪون مسجدن کي ڊاهي پٽ ڪري انهن جي جاءِ تي سنگ مرمر جون مسجدون جوڙائي ڇڏيون اٿن ۽ انهن مسجدن مان بنان لالچ ۽ لوڀ جي نمازون پڙهائيندڙن کي ڊوڙائي ڪڍي انهن جي جاءِ تي “ملٽي نيشنل مذهبي خيراتي ادارن” جا پگهاردار مولوي رکيا اٿن جيڪي ڳوٺن مان مختلف ايونٽن جو چندو گڏ ڪري پنهنجي “باس” تائين پهچائيندا آهن ۽ جيڪر انهن جو “باس” ڪا “جهادي” تنظيم آهي ته انهن ڳوٺن مان نوجوانن جي “شهادت” جو سلسلو به شروع ٿي چڪو آهي. اڄ ورلي ڪا اهڙي مسجد هوندي جتي پگهاردار مولوي نه هجي، اهڙين مسجدن ۾ سڀ ڪجهه نظر ايندو آهي پر الائي ڇو نمازي نظر ناهن ايندا!!!
 
اڙي ادا يونس ... ڇو پنهنجي پويان پيو آهين ... ادا ڪا فتوا جاري ڪري توهان سان گڏ سنڌ سلامت لاء به مسئلا پيدا ٿيندا ....

مسجد الله جو گهر آهي ... اها ته ڪکائين به ڀلي .... ڪروڙين روپين جي خرڇن سان تيار ڪيل مسجندن عيوض جيڪڏهن ٻن غريبن جو گهر جوڙايو وڃي ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خدمت هوندي .... !!!! پر يار ڪڇان تان ڪافر ٿيان
 
غريب ۽ يتيم۽ پاڙيسري مسڪين وتن ٿا بيماريون ۽ بڪون ڪاٽيندا اسان جي اميرن جو مسجدون تهرايڻ، نفلي حج ۽ عمرن تي زور آهي. مقصد اهو هو وساڻ صاحب.
 
Back
Top