يونس ملڪاڻي
سينيئر رڪن

اڳي ڳوٺن جا نيڪ مرد پنهنجي پهچ سارُو ڳوٺ ۾ مسجد جوڙائيندا هئا جن ۾ ڳوٺ جو ڪو نيڪ مرد نماز پڙهائيندو هو پر بعد ۾ مذهب کي منافعي ڪاروبار ۾ بدلجندي ڏسي مختلف “ملٽي نيشنل مذهبي خيراتي ادارا” ميدان ۾ لهي پيا جن پنهنجو ٽارگيٽ مسجدن کي بڻايو ۽ سادين ۽ پرسڪون مسجدن کي ڊاهي پٽ ڪري انهن جي جاءِ تي سنگ مرمر جون مسجدون جوڙائي ڇڏيون اٿن ۽ انهن مسجدن مان بنان لالچ ۽ لوڀ جي نمازون پڙهائيندڙن کي ڊوڙائي ڪڍي انهن جي جاءِ تي “ملٽي نيشنل مذهبي خيراتي ادارن” جا پگهاردار مولوي رکيا اٿن جيڪي ڳوٺن مان مختلف ايونٽن جو چندو گڏ ڪري پنهنجي “باس” تائين پهچائيندا آهن ۽ جيڪر انهن جو “باس” ڪا “جهادي” تنظيم آهي ته انهن ڳوٺن مان نوجوانن جي “شهادت” جو سلسلو به شروع ٿي چڪو آهي. اڄ ورلي ڪا اهڙي مسجد هوندي جتي پگهاردار مولوي نه هجي، اهڙين مسجدن ۾ سڀ ڪجهه نظر ايندو آهي پر الائي ڇو نمازي نظر ناهن ايندا!!!