مشتاق چنگيزي : سنڌي فلمن جو دليپ ڪمار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,276
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مشتاق چنگيزي : سنڌي فلمن جو دليپ ڪمار

    سيد يار محمد شاهه

    [​IMG]
    گذريل هفتي اچانڪ مشتاق چنگيزي جي انتقال جو اطلاع مليو، ان ڪري ان سنڌ جي واحد فلمي هيرو جي ساروڻين کي ساريندي ٻه چار ڳالهيون ڪرڻ لاءِ دل چاهيو. حالانڪ سندس ڄمڻ ۽ مرڻ جي تاريخ ۽ فلمي سفر تي مشتمل سمورو مواد ان ڏينهن جي مختلف اخبارن ۾ ڇپجي چڪو آھي.
    پاڪستان جي فلمي تاريخ ۾ جيڪي نامور اداڪار نروار رهيا، تن ۾ نذير، سنتوش، درپن، سڌهير، اعجاز، يوسف خان، حبيب، اڪمل،علاؤالدين، نديم، وحيد مراد ۽ محمد علي شامل آهن. انهن سڀني نامور اداڪارن ۾ اداڪار محمدعلي جو دور، پاڪستان جي فلمي تاريخ ۾ نمايان دور آهي. وڏو عروج ماڻيائين؛ عزت، شهرت، دولت جهڙيءَ طرح هندستان ۾ دليپ ڪمار جو نصيب بني، بلڪل ساڳيءَ طرح پاڪستان ۾ محمد علي به دليپ ڪمار جي برابر جو اداڪار به ليکيو ويندو هو. جڏهن پاڪستان جو سپر هيرو محمد علي ليکيو ويندو هو ۽ دليپ ڪمار هندستان جو، ته ان وقت ۾ سنڌي فلمن جو محمد علي ۽ دليپ ڪمار، مرحوم مشتاق چنگيزي هيو.


    هو سنڌي فلم انڊسٽريءَ جو واحد سپر هيرو هو، جنهن تمام گهڻين ڪامياب سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ سندس پهريون سفر فلم ”شهرو فيروز“ کان ٿيو. جيئن ته پاڻ فلم جي ڊائريڪٽر شيخ حسن وٽ فلم ۾ مزاحيه ڪردار حاصل ڪرڻ لاءِ ويو هيو، پر هن نگاهه شناس هدايتڪار کيس پنهنجي فلم ”شهرو فيروز“ ۾ هيرو جو ڪردار ڏئي، مشتاق چنگيزي جي نئين تاريخي سفر جي شروعات ڪرائي. ان کان پوءِ سندس ٻي سپر هٽ فلم ”مٺڙا شال ملن“ هئي، جنهن ۾ سندس ۽ چڪوريءَ جي جوڙي، دليپ ڪمار ۽ مدهو بالا وانگر يا محمد علي ۽ زيبا جي ليول جهڙي جوڙي قبولجڻ لڳي. هر سنڌي فلم ۾، هر ڊائريڪٽر ۽ فلم ساز هنن کي کڻڻ تي مجبور ٿي پيو. ان وقت سنڌي فلمون مسلسل ان جوڙيءَ جون ئي ٺهي ۽ لڳي رهيون هيون. جن مان ڪجهه سپر هٽ ٿيون ته ڪئين بي ڪلاس به ٿيون. پر ڌنڌو پي هليو ۽ فلمون پي ٺهيون.
    جڏهن مشتاق چنگيزي ۽ چڪوريءَ جو ڀاڳ عروج تي هو، ته انساني فطرت مطابق هنن کي به خواهش ٿي ته اسان به لاهور هلي پاڪستان فلم انڊسٽريءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي ڪيش ڪرايون. سو ان وقت ۾ هنن ٻنهي کي پنهنجي ساک ڄمائڻ ۾ جيڪي سک ڏک ڏسڻا پيا، سا هڪ وڏي تاريخ آهي جنهن تي ڪئين ڪتاب لکجي سگهجن ٿا. پر ٻئي سنڌي سپرهٽ اداڪار هينئر ڌڻيءَ در پهتل آهن. هي هڪ ٻئي جا جيون ساٿي نه رهيا ۽ چڪوري هن کي ڇڏي اداڪار ڪيفيءَ سان شادي ڪري ڇڏي. جڏهن ته مشتاق چنگيزي، چڪوريءَ جي وڇوڙي ۾ اڪيلو ٿي ويو ۽ کيس ڪئين مسئلا درپيش آيا. رهڻ لاءِ جاءِ کپي، کائڻ لاءِ ڏوڪڙ کپن، فلمن ۾ ڪردار کپن. جڏهن ته چڪوري پنجابي فلم انڊسٽري ۾ مولا جٽ تائين نمبر ون هيروئن به بنجي ويئي. يقينًا چڪوريءَ ۽ چنگيزيءَ جي اختلافن جي ڪري ۽ چنگيزي جو سنڌي هئڻ جي ڪري، پنجابي ۽ اردو هدايتڪارن جي طرفان ڪو ريسپانس نه پي مليو. تنهن هوندي به هن، مرحوم چڪوريءَ کي واپس حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجو فني ڪيريئر ڄمائڻ لاءِ، راتين جو لوهه جي ڪارخانن ۾ مزدوريون ڪري، ۽ ڏينهن جو لوهه جا چڻا چٻاڙي، پنهنجي چار پنج سالن جو وقت ضايع ڪيو. ان جو نتيجو سنڌي فلم انڊسٽري کي ڀوڳڻو پيو. چنگيزي ۽ چڪوريءَ جي وڃڻ کان پوءِ لاسي برادران عجيب حليه کڻي فلم انڊسٽري ۾ داخل ٿيا ۽ خراب سنڌي ٻوليءَ ۾ خراب سنڌي فلمون ٺاهي، سنڌي فلم انڊسٽريءَ کي تباهه ڪري ڇڏيائون. فلم انڊسٽريءَ جو معيار ختم هئڻ ڪري، ڪير به سنجيده سنڌي فلم ٺاهڻ لاءِ تيار نه هو ۽ نه ڪو ان ڪاروبار ۾ ڪنهن سرمائيڪار کي ڪو فائدو ٿي ڏسڻ ۾ آيو.
    انهن ڏينهن ۾ آئون ۽ شاهه اسد، فلم انڊسٽريءَ ۾ پهچي چڪا هئاسين. مرحوم شاهه اسد جڏهن ”جلال چانڊيو“ فلم ٺاهڻ جون تياريون ڪري رهيو هو، ته ان وقت مرحوم مشتاق چنگيزي لاهور فلم انڊسٽريءَ مان هميشه لاءِ مايوس ۽ ناڪام ٿي، اداس ۽ ويران اسٽوڊيوز ۾ اچي ويهڻ لڳو. چڪوريءَ جي هٿان کاڌل آخري چماٽ جي نالي سان سنڌي فلم ”چماٽ“ ٺاهڻ جو اعلان به ڪيائين، پر ان کان پوءِ جن بليڪ اينڊ وائيٽ فلمن ۾ ڪم ڪيائين يا ٺاهيائين تن ۾ ”اچ ته ڀاڪر پايون“ ۽ ٿر تي ٺهيل فلم ”پڪار“ قابل ذڪر آهن. جيڪي غريب پروڊيوسرن جي سرمائي سان غريبانه انداز ۾ ٺاهي، مڙئي فلمون ٺاهيون ويون هيون. ٻين فلمن ۾ ”بي وس“ ۽ ڪجهه ٻيون فلمون ٺاهڻ جون بيٺڪون شروع ٿي ويون هيون. تن ڏينهن ۾ شاهه اسد کي ”جلال چانڊيو“ لاءِ شهناز ڀٽي جي سامهون هيرو لاءِ مشتاق چنگيزي کي کڻڻو پئجي ويو. شاهه اسد جي، بحيثيت هدايت ڪار جي، پهرين فلم هئي. جڏهن ته مرحوم چنگيزيءَ کي فلم ٺاهڻ جي هر شعبي جي مڪمل ڄاڻ هوندي هئي. ان ڪري جيئن ئي شاهه اسد ۽ مشتاق چنگيزي، هڪ ٻئي جي ويجهو ٿيا، ته ٻئي هڪ ٻئي لاءِ بهترين مددگار ثابت ٿيا. شاهه اسد فلم جي شوٽنگ، ايڊيٽنگ، ڊبنگ، مڪسنگ مطلب ته هر شعبي ۾ مشتاق چنگيزي کان رهنمائي حاصل ڪئي. اهڙيءَ طرح اها فلم سپر هٽ ٿي ته شاهه اسد وري سنڌي فلم ”پرو“ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. جنهن ۾ به مشتاق چنگيزيءَ جي صلاحيتن سان ئي، اها فلم هڪ ڪامياب فلم ثابت ٿي. اها حقيقت آئون ان ڪري وثوق سان ٿو چوان ته جو آئون انهن جي قريب ترين ۽ ساٿي صلاحڪارن ۾ هر وقت شامل هوندو هوس.
    ان کان پوءِ شاهه اسد جي ٽين فلم ”شهيد“ جون حر جي نالي سان تياريون ٿيون، ته مشتاق چنگيزي ان وقت ڪجهه ٻين دوستن سان گڏ وري پاڻ مرادو فلمون ٺاهڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو، ته شاهه اسد به کائنس پاسيرو ٿيڻ لڳو. پر مون منٿ ڪري ٻنهي کي وري ويجهو ڪري، ”شهيد“ جي پروجيڪٽ کي مڪمل ڪرائڻ تائين سندن ويجهو رهيس. ”شهيد“ به سپر هٽ ٿي، جنهن ۾ مشتاق چنگيزي جي اداڪاري جي معراج هئي. سندس سنڌي باغي ليڊر جي حيثيت ۾ ڪيل ڪردار هميشه ياد رهندو. ان کان پوءِ شاهه اسد جڏهن ”جيئي لطيف“ ٺاهي ته ساڳيون صلاحيتون کيس اسد قريشيءَ مان مليون، جنهن کي هيرو کڻي، ڊبل پارٽ ڏيئي، پهرين سنڌي فڪشن فلم ٺاهي، زبردست ڏوڪڙ ڪمايا. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته شاهه اسد جي مڪمل انڊپينڊنٽ صلاحيتن جي اها پهرين فلم هئي، جنهن ۾ هو سڀني شعبن ۾ مهارت حاصل ڪري چڪو هو.
    مشتاق چنگيزي، سنڌي فلم جي زوال سان وري زوال پذير ٿي ويو ۽ ڪراچي ٽيليويزن جا چڪر لڳائڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن سنڌي پروڊيوسر رحم کائ،ي هن عظيم فنڪار کي ڪو ننڍو سنڍو ڪردار ڏيئي ڇڏيندا هئا، جنهن سان نه هن جي فن جي تسڪين ٿيندي هئي ۽ نه چلهه چڙهندي هئي. ان کان پوءِ سنڌي چينلن تي به ڪجهه پروگرام ٺاهي ڏنائين، پر موٽ سٺي نه مليس. ماٺ ڪري حيدرآباد اچي ويو ۽ ساڻس گسين پنڌين ملاقاتون پيون ٿينديون هيون. جڏهن آئون چيئرمين پاڪستان فلم پروڊيوسرز ايسوسي ايشن هوس، تڏهن هن مونکي صدارتي ايوارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي سمري موڪلي. جنهن تي مون ڀرپور حمايتي نوٽ هڻي، پريزيڊنٽ هائوس ۽ ڪلچرل منسٽري ڏانهن موڪليو. جتان ڪا موٽ نه ملي. جنهن جو کيس هميشه ارمان هيو. هڪ ڏينهن ويٺي ڪچهري ڪئيسون ته مون کيس منٿ ڪئي ته؛ تون پنهنجي بايو گرافي لکي ڇڏ، ته پوين کي سنڌي فلم جي ۽ تنهنجي جدوجهد جي ۽ حيثيت جي ڄاڻ ملي. منهنجي چوڻ تي هن لکيو ۽ ”سنڌي ساهت گهر“ طرفان ادي ناز سنائيءَ سندس آپ بيتيءَ جو ڪتاب ”مان ڪير آهيان...؟“ سندس حياتيءَ ۾ ئي مارڪيٽ ۾ آندو.
    ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هو هڪ مستقل مزاج، سچو ۽ کرو انسان هو، ۽ عشق ۾ سڀ حدون پار ڪرڻ وارو هو. پنهنجي انهن ٻنهي صفتن جي ڪري، هن پنهنجي مستقل مزاجيءَ سان پنهنجو مقام قائم رکيو. پاڻ کي ڪيرائڻ کان هميشه بچائيندو رهيو. حيدرآباد يا ڪراچيءَ جا سڀ سنڌي فنڪار ۽ فنڪارائون، سندس بي انتها عزت ۽ احترام ڪندا رهيا. پاڻ پنهنجي صلاحيتن سان فنون لطيفه جي هر شعبي سان وابستگي ۽ جدوجهد جي ڪري سٺو مقام پيدا ڪيائين. اسٽيج تي مزاحيه خاڪا پيش ڪرڻ سان فني سفر شروع ڪيائين. فوٽوگرافر ٿيو، سنڌي فلمي هيرو ٿيو، اردو فلمن جو سائيڊ هيرو به رهيو ۽ وري سنڌي فلمن جو ڪامياب هدايتڪار ۽ اداڪار به رهيو. وري ٽي وي ۽ پرائيويٽ پروڊڪشن ۾ به پنهنجي قد ڪاٺ سان قائم رهيو.
    مون سان سندس وابستگي تڏهن وڌيڪ ويجهي ٿي، جڏهن منهنجو قانون تي لکيل ڊرامه سيريز ”قلم نمبر“ سپر هٽ وڃي رهيو هو. پاڻ اچي مونکي ان ۾ ڪردار ڏيڻ جو چيائين. مون فورًا پروڊيوسر کي چئي، کيس ڊي ايس پي جو ڪردار ڏنو، ۽ آئون سندس انڊر ۾ صوبيدار جو ڪردار ڪري رهيو هوس. آخري ٽن قسطن ۾ هن کي مون ڀرپور موقعو ڏنو. ان کان پوءِ هو اڪثر اسڪرپٽ کڻي مون وٽ ايندو هو ۽ آئون سندس زندگيءَ جون اهي ڪٿائون ٻڌي، سبق پرائيندو هوس، جيڪي ايمانداريءَ سان آئون لکي به نٿو سگهان.
    هو هڪ غيرتمند، طاقتور ۽ مستقل مزاج نفسيات جو مالڪ هو. جيتوڻيڪ علمي طرح ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي ڄاڻ کان پري رهڻ جي ڪري، هو موجوده ساٿين ۾ پراڻو پاپي لڳندو هيو. ان ڪري سنڌي چينل وارن سندس صلاحيتن مان ڪو فائدو نه ورتو. جڏهن ته هو پاڻ پنهنجي واتان فلم انڊسٽريءَ جي تاريخ تي پروگرام ڪري ها، ته اهي سالن جا سال پيا هلن ها. حالانڪ هر سنڌي چينل تي مشتاق چنگيزيءَ جا کوڙ سارا گانا به هلن پيا، سندس فلمون به هلن پيون. مون ڪي ٽي اين جي پروگرام ” فلمي دنيا“ ۾ کيس بطور مهمان گهرايو ۽ ساڻس سمجهه ڀريون ڳالهيون پڻ ٿيون. ان کان پوءِ هو مسلسل مون سان رابطي ۾ رهيو. جڏهن آئون مهراڻ ٽي وي تي هوس ته هو ڪجهه پراجيڪٽ کڻي اتي به آيو ۽ شايد منهنجي ڇڏڻ کان پوءِ مهراڻ جا ڪجهه پروگرام به ڪيائين. پر سندس فني ۽ ذاتي زندگيءَ جو آخري سفر، حيدرآباد ۾ گمنام ۽ گوشائتي حيثيت ۾ گذارڻ سان ئي ختم ٿئي ٿو. هو فن جي پارکو ۽ پراڻين بيٺڪن ۽ جهونن دوست فنڪارن وٽ ڪڏهن ڪڏهن اچانڪ اهڙي انٽري ڏيندو هو، جو لڳندو هو ته اجهو ٿو وري مشتاق چنگيزي جوان ٿئي، ۽ وري ٿو سندس دور شروع ٿئي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,783
    ورتل پسنديدگيون:
    4,293
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,276
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مشتاق چنگيزي جي ورسي جي مناسبت سان سندس سار
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو