• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پوري سنڌي قوم ۽ بلخصوص سنڌي ميڊيا، جرنلسٽ، اين جي اوز ۽ ويلفيئر ادارن کي اپيل.

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ
نڌڻڪي سنڌ جي شاندار تاريخ، ٻولي ۽ ثقافت تي ان وقت تائين بهتر ڪم ٿي نٿو سگهي، جيستائين علمي ۽ قلمي دنيا سان لاڳاپيل اسان جي افرادي قوت ان ڏس ۾ پنهنجي ذميوارين کي محسوس نه ٿي ڪري. ڇو ته عوام جي روين بدلائڻ کان اڳ اهو ضروري آهي ته علم ڌڻي پنهنجي روين کي بدلائين.اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن تاريخ ۽ تحقيق کي به اسان جي علمي ۽ قلمي ماحول ۾ معتبر ۽ با مقصد قلمي پورهيو ڄاتو وڃي.
 
1606973_10203265861148128_1632226960_n.jpg

فارميٽ تبديل ڪيوسون جو دوستن کي مٿئين رنگن جي سيلڪشن مان ايم ڪيو ايم جي جهنڊي جي تشبيه پئي ڏسجي جيڪا اڻ خيالي هُئي.
 
هي ته اوهانجي وس ۾ آهي گهٽ ۾ گهٽ ان لاءِ ته تحرڪ آڻيو!
خدارا سنڌ جي وڏيرن ته نه ڀاڙيو اهي به هن جُرم ۾ برابر جا شريڪ آهن، جيڪي به نوڪريون ۽ داخلائون آهن سڀ اُنهن پنهنجي اولاد کي يا پنهنجي پاٿاريءَ جي حفاظت ڪندڙن مُنشين، بورچين، گهر جي نوڪرن، ڊرائيورن کي ڪوڙيون ڊگريون هٿ ڪرائي ڏنيون آهن ۽ اُهي ئي سنڌ جون نوڪريون ڌارين سميت لکن رُپين ۾ وڪرو ڪن ٿا ۽ مٿي پئسا پُهچائين ٿاهر آفيس ۾ سندن ڇاڙتا ويٺا آهن پوءِ اهي وڏيرا اسانجي ووٽ سان ڪامورا ۽ ايم اين اي، ايم پي ٿي اسان مٿان ستم ۽ ستم لڳاتار ڍائيندا اچن .۽ سنڌ جو 95سيڪڙو غريب تبقو مجبور ۽ محروم اهي مجموعي طور تي سنڌ جاهل ترين پئي ٿئي ۽ نئين جنريشن ڌاڙيل گيري، چوري، لوفر پائي، سُلفي،۽ ٺري ۽ ڀنگ پيئڻ ۾ مگن آهي ۽ انهن ڪرتن کي ئي فخر ٿي سمجهي. سنڌ سماج مُڪمل تباهيءَ ۾ پُهچي ويو اهي. ۽ جيڪي ڏاها، سماجون تنظيمون هلائينڊڙ ۽ اين.جو .اوز به شام جو انهن بُراين ۾ شامل آهن ۽ وڃي ڏسو هتقريب جي اختطام تي شام جو انهن وڏيرن جي اوطاقن ۾ ئي اُنهن سان گڏ سُلفي ، ٺري، بنگ جي نشي ۾ مگن آهن ۽ توهان انهن موالي نما ڏاهن جي انتظار ۾ آهيو ته توهانجي وڏيرا ازم کان جان ڇڏائيندا. جيڪي پنهنجي سروائيول لاءِ انهن وڏيرن سان گڏ تقريبون به انهن وٽ وڃي ڪن ٿا.

او! سنڌ جا 95 سيڪڙئو غريب ۽ وائيٽ ڪالر هاڻ ته اُٿو انهن وڏيرن جو پُڇڙين ڇڏيو ۽ سنڌ بچايو جيڪا وري اڌو اڌ ٿيڻ واري پئي ڏسجي انهن وڏيرن جي مرهون منت سان. انهن جي ڊاڙن ۽ ٺڪائن تي انتظار نه ڪريو اها باقي ڪسر به هي وڏيرا ملي پوري ڪري ڇڏيندا.

ڇو مُمڪن ناهي ته هاڻ ڊوميسائل، پي آر سي به شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جيان نادرا ٺاهي ڏي ته ڪوڙن ۽ ڊبل ڊوميسائل ۽ پي آر سي کان جان ڇُٽي ويندي .جڏنهن ته اصلي ايڊريس ۽ ٻيا حقيقي ڊٽيلس نادرا جي رڪارڊ تي به هوندا آهن. ائين ڪرڻ سان هر ماڻهون پنهنجي علائقي جو ڊوميسائل رکندو ۽ آون ايريا جي ڪوٽا تي نوڪري به وٺندو ته ڪنهن ڪاليج، يونيورسٽيءَ ۾ داخلا به. ڪوڙن ڊوميسائل ۽ پي آر سي جو گهڻو ڪري نقصان سنڌ ۽ بلوچستان وارن کي آهي ۽ اصلي ريزيڊنٽس کي نه ته ڪوٽا تحت نوڪريون ٿيون ملن ۽ نه داخلائون. اڄ به سنڌ جا ڪوڙا ڊوميسائل پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي ماڻهن وٽ آهن جيڪي ڊبل ڊوميسائل سان سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪوٽا به کڻي وڃن ٿا. ۽ سنڌي ۽ بلوچي تعليم ۽ بهتر نوڪرين کان محروم رهجي وڃي ٿو. ياد رهي ته 100 سيڪڙو ڪوٽا ۾ 62 سيڪڙو پنجاب، 10 سيڪڙو مليٽري (اُها به پنجاب ۽ ڪي پي ڪي يا ڪراچيءَ جي پناهگيرن لاءِ)، 10 سيڪڙو فاٽا ، 10 سيڪڙو ڪشمير ۽ شمالي جات باقي سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن لاءِ اُن تي به ڪوڙن ڊوميسائل ۽ شناختي ڪارڊن تي نوڪريون به انهن جي حوالي ٿين ٿيون. اها سنڌ ۽ بلوچستان جي شهرين سان زيادتي آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي سرڪار اها ويساگهاتي ختم ڪرڻ لاءِ اُپاءَ وٺي ۽ قوم پرست ۽ سياسي تنظيمون، سماجي تنظيمون، سنڌ جا ڏاها اڳتي وڌي احتجاج ڪن ۽ حق ڏيارين.
 
Back
Top