ڇرڪائيندڙ خبر، اوهان جي فون ڪال محفوظ ناهي..

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏18 مارچ 2014۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جي ها! دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ پاسي ۾ جتي به فون ڪالس ٿي رهيون آهن اهي آمريڪا جي سيڪيورٽي ايجنسيءَ جي ڊيٽا ۾ محفوظ ٿي رهيون آهن. نه صرف ايترو پر آمريڪا جي NSA ايجنسي (نيشنل سيڪيورٽي ايجنسي) وٽ اهڙي صلاحيت آهي جنهن سان هو گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهينو اڳ ڪئي ويندڙ ڪال کي ريڪارڊ ڪري انهن کي 100 سيڪڙو روائينڊ يا فارورڊ ڪري سگهي ٿي.
    واشنگٽن پوسٽ ۾ ڇپيل ان خبر ۾ چيو ويو آهي ته اهڙو انڪشاف ان ايجنسيءَ جي اڳوڻي ڪانٽريڪٽر ( ايڊورڊ سنائوڊين) ڪيو آهي.
    اهو عمل سمجهڻ لاءِ ڀلي ۾ ڀلو مثال ٽائيم مشين جو آهي. وائيس انٽرسيپشن پروگرام (MYSTIC) جي شروعات 2009 ۾ ڪئي وئي. ڪليڪشن سسٽم جي تحت 30 ڏينهن جي هڪ رولنگ (گهمندڙ ) بفر ۾ هر سيڪنڊ جي اندڙ ڪيون وينديون ڪالس ريڪارڊ ٿين ٿيون جنهن کان پوءِ اهو بفر وري زيرو تي اچي وڃي ٿو اهڙي طرح انهن 30 ڏينهن جي اندر ان ملڪ جي اندر ڪيل ڪالن جو سمورو رڪارڊ آمريڪا جي NSA ايجنسي وٽ هجي ٿو. 2011 تائين اهو صرف هڪ مخصوص ملڪ جي اندر آپريشن ڪيو پئي ويو ان کان بعد اهو ٻين ملڪن تائين عام ڪيو ويو.
    آمريڪي اختيارين جي درخواست تي واشنگٽن پوسٽ جي انتظاميه ان معاملي سان تعلق رکندڙ اڃان اهڙي گهڻي معلومات کي پبلش نه ڪيو آهي جنهن سان اها خبر پئجي وڃي ها ته ايجنسيءَ جو اهو آپريشن ڪهڙي ڪهڙي ملڪ ۾ هلندڙ آهي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    بس پيا ان خوف ۾ جيئندا سين سائين .
    ڀلي کڻي مرون هان پر موت به جي ڪنهن مقصد جي هجي ها .
    وسلام
     
  3. گلزار احمد

    گلزار احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    313
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ماڳ:
    رحيم يار خان
    ادا سائين ايترڳ ساري ڊيٽا کي محفوظ ڪرڻ، ٽرانسفر ڪرڻ ۽ اسپيشلي ايتري ڊيٽا جو معائنو ڪرڻ ان کي فلٽر ڪرڻ ايترو آسان نه آهي، نه ئي ايتري حد تائين اهو ڪم ٿي رهيو آهي، اگر اهڙي حالت هجي ها ته امريڪا هنڌ هنڌ ناڪام نه ٿئي ها، اسامه جي تلاش ايتري مشڪل نه هجي ها.
    صرف اهو اندازو لڳايو ته صرف پاڪستان جو اهڙو ڊيٽا ئي ڪيترو گهڻو آهي.
    ان ڪري دوستو پريشان نه ٿيو ڪير ڪونه ٿو توهانجون پرسنل ڪالون ٻڌي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سمير عبدالله

    سمير عبدالله
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جنوري 2014
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    63
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    218
    ڌنڌو:
    دليون جوڙڻ
    ماڳ:
    ادا سنڌ جي ٻيون نمبر وڏي شهر جي دل ۾ ٿو رهان.
    مست سائين ائين ناهي
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ڀائرو اهو مان ڪو افواهه ڦهيلائڻ واري جي حيثيت سان نه چيو آهي، مان پاڻ ٽيليڪام جي شعبي ۾ شاگرد رهي چڪو آهيان، توهان شايد ٽيڪنالاجي جي اصل رفتار کان سوين ڪوهه پري آهيو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    اڄوڪي ايڪسپريس اخبار هن خبر جي تصديق ڪئي آهي...
     
  7. گلزار احمد

    گلزار احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    313
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ماڳ:
    رحيم يار خان
    ڪنهن ڪم جي صلاحيت هٍجڻ جو مطلب اهو نه آهي ته اهو ڪم ٿي رهيو آهي.
    باقي اسان جون اخبارون ڪيتريون معتبر حيثيت رکن ٿيون معلومات شيئر ڪرڻ ۾ ان لا ڪجهه چوڻ گهٽ ٿيندو.
    باقي اسين واقعي ٽيڪنالاجي کان هزارين ڪوه پري آهيون.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ايڊورڊ سنائوڊين Edword Snouden جي باري ۾ گوگل تي سرچ ڪريو، توهان کي سندس ڪيل انڪشافن جي خبر پئجي ويندي.
     
  9. نوردين ڏيٿو

    نوردين ڏيٿو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2014
    تحريرون:
    48
    ورتل پسنديدگيون:
    58
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [quote="مست, post: 150804, member: 196"ادا مست جهڙو توهان جو نالو مست ته وري معلومات به مست تا رکو!
    تمام سٺو!
     
  10. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڪهڙي ڳالهه پيا ڪريو اها ڪمپريسڊ سافٽويئر ٽيڪنالاجي آهي، ڪيتري به ڊيٽا هُجي اسٽور ٿي سگهڻ ممڪن آهي ۽ ٿئي به پيو، ان ڪري ڊيٽا کي صدين تائين جمع ڪري ۽ فلٽر به ڪري سگهجي ٿي. ڇا ويب (نيٽ)نه پيا ڏسو پوري دُنيا جو گهڻ زباني مواد اسٽور ٿيل آهي ۽ چند سيڪنڊ لڳن ٿا صرف ڪرڻ ۾. باقر رهي پُهچ جي ڳالهه ته اينگهبي ضرور آهي ۽ گهربل وقت ۾ ئي ڳولي لهبي آهي ۽ اها سوشل سائنس آهي جنهن کي گهرج تحت استعمال ڪبو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. گلزار احمد

    گلزار احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    313
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ماڳ:
    رحيم يار خان
    سائين ميڊيا محترم
    اوهان جي ڳالهه بجا آهي.
    بالڪل انهن ادارن وٽ تمام ڪالز کي ٻڌڻ رڪارڊ ڪرڻ جي صلاحيت آهي. اهي ته ڇڏيو اسانجي خفيه ادارن وٽ پڻ اها صلاحيت آهي.
    اهو منهجو پنهجو مشاهدو آهي.
    باقي هر وقت هر ڪال کي ٻڌڻ، فلٽر ڪرڻ آسان ڪم نه آهي، ان ڪري اگر ضرورت پوندي آهي اهڙن ادارن کي ته پو اهي ڪن مخصوص نمبرن تي ايڪسيز حاصل ڪندا آهن.
    اوهان کي ياد هوندو ته پاڪستان ۾ جڏهن بليڪ بيري سروسز جو آًغاز ٿيو هو ته سال کن کان پو بليڪ بيري سروس حڪومت طرفان معطل ڪيون ويون هيون سبب اهو هيو جو پاڪستان حڪومت کي بليڪ بيري سروسز تي ايڪسيز نه پئي ڏني وڃي، لڳ ڀڳ سال کن سروسز بند هيون جڏهن حڪومتي ادارن کي بليڪ بيري سروسز تي ايڪسيز ملي تڏهن سروسز بحال ٿيون هيون.
    هاڻ اهو ڏسو جيڪڏهن اهو ڪم ايترو ئي عام هجي جو ايرو غيرو جڏهن چاهي جنهن جي چاهي ڪال ٻڌي ته پو پاڪستاني ايجنسيون خصوصا آئي ايس آئي جيڪا دنيا جي ٽاپ جي ايجنسي آهي ان کي بليڪ بيري تي ايڪسز نه هئي.
     طالبان جي ڪالز لا ڇا چوندئو ته پاڪستان کي صلاحيت نه آهي.
    افغانستان ۾ ٿيندڙ آمريڪين سان جٺ نه ٿئي ها.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو