مست
سينيئر رڪن
جي ها! دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ پاسي ۾ جتي به فون ڪالس ٿي رهيون آهن اهي آمريڪا جي سيڪيورٽي ايجنسيءَ جي ڊيٽا ۾ محفوظ ٿي رهيون آهن. نه صرف ايترو پر آمريڪا جي NSA ايجنسي (نيشنل سيڪيورٽي ايجنسي) وٽ اهڙي صلاحيت آهي جنهن سان هو گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهينو اڳ ڪئي ويندڙ ڪال کي ريڪارڊ ڪري انهن کي 100 سيڪڙو روائينڊ يا فارورڊ ڪري سگهي ٿي.
واشنگٽن پوسٽ ۾ ڇپيل ان خبر ۾ چيو ويو آهي ته اهڙو انڪشاف ان ايجنسيءَ جي اڳوڻي ڪانٽريڪٽر ( ايڊورڊ سنائوڊين) ڪيو آهي.
اهو عمل سمجهڻ لاءِ ڀلي ۾ ڀلو مثال ٽائيم مشين جو آهي. وائيس انٽرسيپشن پروگرام (MYSTIC) جي شروعات 2009 ۾ ڪئي وئي. ڪليڪشن سسٽم جي تحت 30 ڏينهن جي هڪ رولنگ (گهمندڙ ) بفر ۾ هر سيڪنڊ جي اندڙ ڪيون وينديون ڪالس ريڪارڊ ٿين ٿيون جنهن کان پوءِ اهو بفر وري زيرو تي اچي وڃي ٿو اهڙي طرح انهن 30 ڏينهن جي اندر ان ملڪ جي اندر ڪيل ڪالن جو سمورو رڪارڊ آمريڪا جي NSA ايجنسي وٽ هجي ٿو. 2011 تائين اهو صرف هڪ مخصوص ملڪ جي اندر آپريشن ڪيو پئي ويو ان کان بعد اهو ٻين ملڪن تائين عام ڪيو ويو.
آمريڪي اختيارين جي درخواست تي واشنگٽن پوسٽ جي انتظاميه ان معاملي سان تعلق رکندڙ اڃان اهڙي گهڻي معلومات کي پبلش نه ڪيو آهي جنهن سان اها خبر پئجي وڃي ها ته ايجنسيءَ جو اهو آپريشن ڪهڙي ڪهڙي ملڪ ۾ هلندڙ آهي