ڪافي ۽ ڪَپَ۔۔۔۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    هڪ شاگردن جو گروپ جيڪي پنهنجي مستقبل جو ڪيريئر بهترين بڻائڻ لاءِ جستجو ڪري رهيا هئا ۔۔ هڪ ڏينهن پنهنجي يونيورسٽي جي پروفيسر سان ملاقات ڪرڻ جو فيصلو ڪيو۔۔۔ پروفيسر سان ملاقات ٿي ته ڪچهري ٿيندي ٿيندي ”زندگي ۽ ڪم ڪار ۾ مشڪلات “ جي موضوع تي اچي پهتي۔۔
    کين کان ڪافي جي پڇا ڪندي پروفيسر ڪچن ۾ ويو ۽ واپسي تي ڪافي سان گڏ مختلف قسم جي ڪوپن سان واپس موٽيو۔۔۔ ڪجهه ڪپ قيمتي ته ڪجهه خوبصورت ۽ ڪي ننڍا ته ڪي وڏا ٿي لڳا۔۔۔ پروفيسر شاگردن کي ڪافي ڪپن ۾ خود لاهڻ لاءِ چيو۔۔۔
    جڏهن سمورن شاگردن ڪافي جا ڪپ هٿن ۾ کڻي ورتا ته پروفيسر چيو۔۔۔ ”توهان نوٽ ڪيو ته جيڪي ڪپ توهان جي هٿن ۾ آهن اهي پٺتي رهجي ويل ڪپن کان وڌيڪ خوبصورت ۽ قيمتي آهن۔۔۔ اها عام ڳالهه آهي ته توهان پنهنجي لاءِ بهترين ڪپن جي چونڊ ڪئي ۔۔ ۽ منهنجي نظر ۾ اهو ئي توهان جي زندگي ۾ مشڪلات جو سبب آهي۔۔۔ حالانڪه توهان سڀني جو مقصد ڪافي پيئڻ هو پر توهان ڪپن جي چونڊ ۾ هڪ ٻئي کان بهتر ڪپ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي۔۔۔
    هاڻي جيڪڏهن ڪافي کي زندگي سمجهجي ۽ نوڪري، دولت ۽ معاشري ۾ بهتر مقام ڪپ سمجهجن ته ياد رکو ته ڪپ (نوڪري، دولت ۽ بهتر مقام) دراصل ڪافي (زندگي) کي سنڀالڻ جو ڪم ڏيندا آهن جنهن سان ڪافي (زندگي) جي ڪوالٽي ۾ ڪو فرق نه ٿو اچي ۔۔۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو بهترين ڪپ (نوڪري، دولت ۽ بهتر مقام) چونڊيندي ڪڏهن ڪڏهن اسان کان ڪافي (زندگي) جو مزو ڇڏائجي وڃي ٿو۔۔۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪافي ۽ ڪَپَ۔۔۔۔۔

    سهڻا سائين رشيد، اوهانجو هي ليک منطقي آهي، جنهنکي سمجهڻ لئه انسان جي اندر جي اک کليل هجڻ کپي ۔۔۔ ۽ ڳوڙهي سوچ رکندڙ هجي ته هن موضوع کي سمجهي به سگهندو ۽ ان مان لاڀ به حاصل ڪري سگهندو، ٻي ڳالهه ته زندگي ۽ زندگيءَ جون ضرورتن وارو مضمون ايترو ته وسيع آهي جو هوند پنهنجي عمر گذري وڃي پر بحث ختم نه ٿئي ۔۔۔

    اوهانجو هي ليک ۽ ان ۾ ڏنل سمجهاڻي سمنڊ کي ڪوزي به بند ڪرڻ جي مثال جيئان آهي ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪافي ۽ ڪَپَ۔۔۔۔۔

    لاجواب سمجهاڻي آهي ان پروفيسر جي

    واقعي ائين ئي آهي

    سدائين گڏ
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: ڪافي ۽ ڪَپَ۔۔۔۔۔

    ادا رشيد سمون واقعي اوهان جاودگر آهيو۔۔۔ جهڙا پاڻ آهيو تهڙا ئي سهڻا ليک لکندا آهيو۔۔۔۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪافي ۽ ڪَپَ۔۔۔۔۔

    مٺا زاهد سومرا توهان آهيو ڪٿي ڪافي ڏينهن کان پوٌءِ وري رشيد سمي کي جادوگر چئي مخاطب ٿيا آهيو، ڀلا جادوگر رشيد کان توهان ڪجهه جادو ۽ ڍاري هڻڻ وارا گُر سکيا آهيو يا اڃان جادوگر جِي جيم ۾ ڦاٿا پيا آهيو، اها ڳالهه ان ڪري لکي اٿم ته شايد ، شايد نه پر پڪ سان رشيد سمي جي سڀ کان ويجها ترين توهان هوندا آهيو، باقي رشيد سمي جو هي مضمون واقعي لاجواب آهي، اهو زندگي جو سڀ کان سچو سچ آهي ته هرڪو ماڻهو چاهي اهو امير هُجي يا غريب هُجي ڪوشش ڪري پنهنجي لاءِ سواءِ ڪڙي ٽُوهه کان بهترين شيءَ جو تلاش ڪندڙ يا حاصل ڪندڙ هوندو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو