
هڪ شاگردن جو گروپ جيڪي پنهنجي مستقبل جو ڪيريئر بهترين بڻائڻ لاءِ جستجو ڪري رهيا هئا ۔۔ هڪ ڏينهن پنهنجي يونيورسٽي جي پروفيسر سان ملاقات ڪرڻ جو فيصلو ڪيو۔۔۔ پروفيسر سان ملاقات ٿي ته ڪچهري ٿيندي ٿيندي ”زندگي ۽ ڪم ڪار ۾ مشڪلات “ جي موضوع تي اچي پهتي۔۔
کين کان ڪافي جي پڇا ڪندي پروفيسر ڪچن ۾ ويو ۽ واپسي تي ڪافي سان گڏ مختلف قسم جي ڪوپن سان واپس موٽيو۔۔۔ ڪجهه ڪپ قيمتي ته ڪجهه خوبصورت ۽ ڪي ننڍا ته ڪي وڏا ٿي لڳا۔۔۔ پروفيسر شاگردن کي ڪافي ڪپن ۾ خود لاهڻ لاءِ چيو۔۔۔
جڏهن سمورن شاگردن ڪافي جا ڪپ هٿن ۾ کڻي ورتا ته پروفيسر چيو۔۔۔ ”توهان نوٽ ڪيو ته جيڪي ڪپ توهان جي هٿن ۾ آهن اهي پٺتي رهجي ويل ڪپن کان وڌيڪ خوبصورت ۽ قيمتي آهن۔۔۔ اها عام ڳالهه آهي ته توهان پنهنجي لاءِ بهترين ڪپن جي چونڊ ڪئي ۔۔ ۽ منهنجي نظر ۾ اهو ئي توهان جي زندگي ۾ مشڪلات جو سبب آهي۔۔۔ حالانڪه توهان سڀني جو مقصد ڪافي پيئڻ هو پر توهان ڪپن جي چونڊ ۾ هڪ ٻئي کان بهتر ڪپ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي۔۔۔
هاڻي جيڪڏهن ڪافي کي زندگي سمجهجي ۽ نوڪري، دولت ۽ معاشري ۾ بهتر مقام ڪپ سمجهجن ته ياد رکو ته ڪپ (نوڪري، دولت ۽ بهتر مقام) دراصل ڪافي (زندگي) کي سنڀالڻ جو ڪم ڏيندا آهن جنهن سان ڪافي (زندگي) جي ڪوالٽي ۾ ڪو فرق نه ٿو اچي ۔۔۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو بهترين ڪپ (نوڪري، دولت ۽ بهتر مقام) چونڊيندي ڪڏهن ڪڏهن اسان کان ڪافي (زندگي) جو مزو ڇڏائجي وڃي ٿو۔۔۔