فيس بوڪ اسان لاء دل جي ڳالهه عام تائين پڄائڻ جو هڪ تڪڙو ۽ سٺو پليٽ فارم مهيا ڪيو آهي. هاڻ اهو اسان تي آ ته اسان ڪهڙي ڳالهه ٿا شيئر ڪريون، ان جو ڪو مقصد به آهي يا وري صرف بي مقصد ڳالهيون پيا شيئر ڪيون. فيس بڪ تي دل، ڌرتي ۽ سماج جي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي، پنهنجن پراون ۽ اهنجن جي ڳالهه به ڪري سگهجي ٿي.
محمود سهتو لکي ٿو:
عقلمند ديوارن تي لکيل لفظن مان به نصيحت حاصل ڪندو آهي، جاهل لاء سڄو ڪتب خانو به بيڪار آهي. فيس بڪ جي ڪري اسان پنهنجي راءِ هڪ ٻئي تائين آسانيءَ سان پڄائي سگھون ٿا، فيس بڪ جي ڪري اسان جن ماڻهن جا صرف نالا ٻڌا هئا انهن سان رابطي ۾ آهيون.
امر گل لکيو آهي:
سوشل ميڊيا اظهار جا سولا موقعا ڪيا آهن، اهو هر ماڻهوءَ جي پنهنجي مزاج تي آهي آڌارڪ آهي ته هو ان کي ڪهڙي مقصد لاءِ ڪتب آڻي ٿو. ڇو ته طع آهي ته جيڪو پنهنجي عام زندگيءَ ۾ ناڪاري رويي جو مالڪ آهي ته اهو سوشل ميڊيا جو به ناڪاري استعمال ئي ڪندو. باقي سلجهيل ذهن رکندڙ ماڻهو ان جو سٺو، هاڪاري ۽ ڪارائتو استعمال ڪن پيا ۽ ان جو لاڀ ٻين تائين به پهچي ٿو.
ثاقب ابڙو لکي ٿو :
ٽيڪنالاجي جي هر ايجاد جيان فيسبوڪ به مثبت تبديلي ۽ سهولت لاءِ ئي وجود ۾ آيو آهي پر اصل ڳالهه آهي استعمال جي ! فيسبوڪ سان جتي تحقيق ۽ مطالعي کي وڏي هٿي ملي آهي ، تعميري ۽ تخليقي ميدان ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترا ئي املهه ماڻهو سامهون آيا آهن ۽ رابطي جي دنيا کي فرسوده پابندين کان آزادي ملي آهي اُتي ئي شر پسند ماڻهن کي تذليل ۽ تذحيق ڪرڻ جي ڇڙواڳي به ملي آهي. جيئن آزادي ۽ ڇڙواڳي ۾ فرق پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا کي طئه ڪرڻ جي شديد ضرورت آهي تيئن اسان مان هر هڪ کي سوشل ميڊيا لاءِ به ڪو پيمانو ته طئه ڪرڻو پوندو؛ جي نه ته ”جو وڙ جن سين ، سو وڙ سي ئي ڪن“ جي مصداق پيو ڪم هلندو !
فيس بوڪ مان پرائڻ جي ڪوشش ڪندڙ پرائين پيا. جن وٽ وقت جو قدر آهي، اهي فيس بوڪ استعمال ڪرڻ باوجود وقت جو قدر به ڪن پيا. عام صورتحال جو جيڪڏهن جائزو وٺبو، ته مثبت استعام تمام گهٽ ۽ منفي استعمال تمام گهڻو ٿي رهيو آهي. بهرحال، فيس بوڪ جي مثبت پهلو کي رد نه ٿو ڪري سگهجي.
نويد ناز ڀٽي :
فيس بوڪ ڪارائتو آهي اها ڳالهه يقينن درست آهي پر فيس بوڪ جو استعمال درست ماڻهن کان ويندي اشتعال انگيز ماڻهن جي ور چڙهيل آهي. وقت ضايع ڪرڻ واري ڳالهه درست ناهي. هر ڪنهن کي اظهار جي آزادي هجڻ گهرجي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ذاتيات ۾ نه پوڻ گهرجي، نفرتن جو ٻج نه پوکڻ گهرجي، سچ پچ فيس بوڪ جو درست استعمال وقت جي ضرورت آهي. منهنجي دوستن کي گذارش آهي ته انصاف جي تقاضائن تي پورو لهن.
عبد الجبار آزاد لکي ٿو:
ادا وساڻ صاحب اسان اڪثر ڪري فيس بوڪ کي پنهنجي تعريف لاءِ استعمال ٿا ڪريون. هر طرف واه واه ڇا ته تصوير آهي؟ نائيس، يار ڀلي شاعري، واهيات هجي پر ان کي داد ڏينداسين ته واه واه. دنيا ۾ فيس بوڪ وسيلي تبديليون اچن پيون ۽ اسان سواءِ لفاظي جي ٻيو ڪجهه به نٿا ڪريون سواءِ ڪجهه ماڻهن جي.
سوشل ميڊيا خاص طور تي فيس بوڪ گونگن کي زبان ڏني آهي، اٻوجهه، لاچار ۽ بي آواز فردن ۽ گروهن کي سڃاڻپ ۽ مڃتا ڏني آهي. سنڌي ماڻهن جي قومي جذبي کي پڻ اڀاريو آهي، پر افسوس اڃا تائين اسان ان مان گهربل لاڀ پرائي نه سگهيا آهيون.
منير پنهيار :
فيس بڪ کي هر ماڻهو پنهنجي سوچ جي معيار مطابق استعمال ڪري ٿو پوءِ اها الڳ ڳالهه آهي ته ماڻهن جي سوچ تعميري به آهي ته تخريبي پڻ، باقي تبديلي جي جيتري قدر ڳالهه آهي ته اهڙي تڙپ ياسوچ سنڌين ۾ پڻ شدت سان آهي کوٽ آهي ته فقط ڪنهن اهڙي پليٽ فارم جي.
سجاد علي:
فيسبوڪ اسان کي شعور ڏنو آهي، آگاهي ڏني آهي، نوان دوست ڏنا آهن، هم خيال ماڻهون ڏنا آهن، تنهائيءَ کان نجات. ٻيو ڇا کپي؟ ها لاهي پائي فيسبوڪ تي رهڻ، ٻيو ڪو ڪم ئي نه ڪرڻ وارن لاءِ ناڪاري اثر به رکي ٿو. پر گهڻي ڀاڱي فيسبوڪ مفيد رهيو ..
سيد فدا حسين شاهه :
wonderful brdige to connect with all kind of people,even u can promote yourself without help of media
فاروق سومرو:
فيسبوڪ هڪ رابطي جو ذريعو آهي، جنهن سان اسان جي هڪ ٻئي سان سڃاڻپ ٿئي ٿي، جتي اسين پنهنجي راء جو اظهار ڪريون ٿا.
جي سليمان وساڻ صاحب سوشل ميڊيا ئي آهي جنهن وڇوٽيون دور ڪري، سموري دوستن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جو انوکو ڪم سرانجام ڏنو آهي. جيڪڏهن سوشل ميڊيا خاص طور تي فيسبڪ هن جديد دور ۾ نه هجي ها ته ٻيا نيٽ ورڪ ڪي اهڙا لاڀائتا نه آهن جن وسيلي اظهار ڪري سگهجي ها. جيڪڏهن اسان ماضيءَ تي نظر ڊوڙائينداسين ته خبر پوندي، جهڙوڪ : ياهو ميسينجر يا اهڙا ٻيا کوڙ سارا نيٽ ورڪ سپلائيرز ايترا اعتبار جوڳا نه ليکيا ويندا هئا، جيتوڻيڪ فيسبڪ تي به ڪيترائي فيڪ اڪائونٽس موجود آهن، پر تنهن هوندي به اسان سڀني سنڌين کي گڏ ٿيڻ ۽ مختلف اشوز تي آواز اٿارڻ ۽ دوستن سان گڏ ڏک سور ونڊن جو هي نادر موقعو فيسبڪ ئي فراهم ڪري ٿو.
باقي رهيو استعمال جو طريقيڪار سو استعمال ڪندڙ جي هٿ وس آهي ته هو ان مان ڪيترو فائدو پرائي سگهي ٿو يا فقط پنهنجي وقت جي بربادي جو ذميوار بڻجي ٿو، سو ته سندس ئي سوچ ۽ استعمال جي حد تائين آهي، ٻئي پهلو صاف ظاهر آهن، پوءِ استعمال ڪندڙ انهن جو ڪيترو فائدو وٺي ٿو اهو سندس ذاتي سوچ تي منحصر رهي ٿو.
گل لاکو جي راءِ :
هن دنيا ۾ جيڪي شيون ٺهيون آهن انهن جا فائدا به آهن ته نقصان به. رهي ڳالهه فيس بوڪ جي ته اهو هڪ پليٽ فارم آهي جتي سٺا دوست ۽ انهن جا خيال ٻڌڻ ۽ پڙهڻ لاء ملن ٿا. تڪڙي ڄاڻ ملي ٿي، هاڻي هر ماڻهوء تي دارومدار آهي ته اهو فيس بوڪ کي ڪيئن ٿو استعمال ڪري. ان کي نقصان پهاچائيندڙ چوڻ جو مثال ايئن آهي ته هڪ گاڏي روڊ تي سون جي تعداد ۾ مسافر کڻي ٿي ۽ انهن کي منزل تي پهچائي ٿي. جيڪڏهن ان ۾ ڪجهه ڦورو يا ڏوهاري ماڻهو سفر ڪن ته سڄي گاڏيء کي خراب چوڻ مناسب ناهي. سنڌين تي فيس بوڪ ڪهڙو اثر وڌو آهي؟ ان لاءِ آءُ چوندس ته سٺي سجاڳي ملي آ، نقصان کان وڌيڪ فائدو ٿيو آهي. بس الله پاڪ اسان کي وقت جو قدر ڪندي فيس بوڪ استعمال ڪرڻ جي توفيق ڏي .... آمين
سارنگ جلباڻي
سائين ڏوهه فيس بوڪ جو ناهي، فيس بوڪ تي اسان سنڌي وقت برباد ڪيون پيا.
فياض حسين جتوئي
For Communication Facebook is the best way , but now a days Facebook is used in illegal way which is totally wrong
عنايت کوسو
سوشل ميڊيا جس لهڻو سائين.. اگر مان سليمان وساڻ سان گڏ آهيان ته اها ان جي مهرباني آهي.
جهڙي نيت تهڙي مراد واري چوڻي جو اطلاق ٿئي ٿو هتي به. جيڪو جنهن نيت ۽ ارادي سان فيسبوڪ تي ويهي ٿو, سو اهوئي حاصل ڪري ٿو.
وفا منور زئور
فيس بُڪ جي مثبت استعمال جو هڪ پاسو اهو به آهي ته فيس بُڪ ذريعي توهان پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪري سگهو ٿا.
نور محمد سمون :
سنڌين سميت سموري دنيا لاءِ آهي، اسان هتي اوهان جي نسبت نوان آهيون پر ڏسون ٿا روز هزارين نوان ماڻهو جُڙي رهيا آهن. اوهان (م س وساڻ) تمام سرگرم آهيو، اوهان جي ويب به سٺي آهي. ڄاڻ جي کاڻ آهي فيس بڪ ۽ سينسر نه اٿس. هي هڪ ذريعو آهي، اسان مان جنهن ۾ جيتري صلاحيت هوندي اهو ايتروئي فائدو وٺي سگهندو.
عبدالواحد سومرو لکي ٿو :
اسان سنڌ ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙن سنڌي دوستن ۾ رابطي جو بهترين ۽ سستو ذريعو فيس بڪ آهي. مونکي فيس بڪ تمام گهڻو ڪجهه ڏنو آهي. انسان جو وڏي ۾ وڏو سرمايو دوست هوندو آهي. فيس بڪ مونکي تمام خوبصورت سٺا دوست ڏنا آهن. مون ڪڏهن تصور ۾ به ڪونه سوچيو هيو ته منهنجا هي دوست ٿيندا پر فيس بڪ ذريعي انهن سان دوستي ٿي وئي. اڄ هن فورم تي مان اوهان سان گڏ آهيان ۽ هن پوسٽ تي پنهنجا ڪمينٽس ڏيڻ جي قابل آهيان. اهو به فيس بڪ جو ئي ڪمال آهي.
فيس بڪ کان اڳ ۾ اسان ڪجهه اديبن کي پرنٽ ميڊيا تي پڙهندا، اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڏسندا هياسين ۽ انهن سان ملڻ جو يا ڏسڻ جو تمام گهڻو اشتياق هوندو هيو. اڄ فيس بڪ تي اهي اديب اسان جون تخليقون پڙهن ٿا ڪمينٽس به ڏين ٿا، اسان سان مخاطب به ٿين ٿا ۽ هن پليٽ فارم ذريعي انهن سان ملاقاتن جو به شرف حاصل ٿيو آهي. منهنجي لاءِ فيس بڪ انتهائي مثبت ۽ ڪارائتو ثابت ٿيو آهي. مونکي اها خبر به نه آهي ته فيس بڪ منفي پهلو کان ڪيئن استعمال ٿئي ٿو.
فيس بڪ فري ٽائيم ۾ استعمال ٿيندو آهي. ان جي استعمال سان ٽائيم ضايع ٿئي ٿو ان ڳاله تي مان ڪجهه به نه چوندس. ڇو ته فري ٽائيم ۾ فيس بڪ استعمال ٿئي ٿو. جيڪڏهن فيس بڪ نه هجي ته اهو فري ٽائيم ڪافي مشڪل سان گذري ها.
سائين ، فيس بڪ ڪارائتي شيءِ آھي پوري دنيا ھن مان فائدو حاصل ڪري رھي آھي. ائين پاڻ به فائدو حاصل ڪري رھيا آھيون. باقي رھيو سوال سنڌي قوم جو ته سنڌي قوم ۾ فيس بڪ ذريعي سڌارو نه ٿو اچي سگھي ، جيڪي سنڌي فيس بڪ استعمال ڪن ٿا انھن جي ليول خود به خود ھڪ جھڙي آھي پر سنڌي قوم جو اڪثريتي طبقو جيڪو غريب ۽ اڻپڙھيل آھي ، تبديلي سڌارو اُتان کان نه آڻبو تيسين ڪو فرق نه پوندو. فيس بڪ ته پاڻ لاءِ فقط ھڪ ڏيکاءُ نماءُ ۽ نمائش جي لاءِ آھي، پاڻ سنڌين جي فيس بڪ تي دنيا ٻي آھي ٻاھر جي دنيا بلڪل به ٻي آھي، اسان ٻاھر جي دنيا ۾ عملي طور تي ھڪ به غريب سنڌي ۾ سڌارو نه آندو آھي. پنھنجو سماج خطرناڪ حد تائين بگڙيل آھي، سماج جي تبديلي فيس بڪ ذريعي ممڪن نه آھي البت پنھنجي تعلقاتن کي مظبوط ضرور ڪيو اٿس.
شاهين سنڌي :
سائين سوشل ميڊيا اسان لاءِ وڏي فائدي مند رهي آهي. هي سوشل ميڊيا ئي آهي جنهن سدائين سچ تان پردو کنيو آهي ۽ اردو ميڊيا جي بري نيت سڀني جي سامهون آڻڻ ۾ هن جو وڏو ڪردار رهيو آهي ۽ اسان جي سنڌ جا نوان ليکڪ سڀني جي سامهون ۽ هڪ ٻي جي سامهون پيش ڪيا آهن. سوشلميڊيا تان اسان دل کولي هڪ ٻي جي تعريف ۽ تنقيد ڪري دل جو بار هلڪو ڪري سگهون ٿا. ها باقي اجايو پنهنجي تصويرن جي نمائش ڪندي اسان کي الائي ڇو برو نٿو لڳي. انهن تصويرن کان بهتر ناهي ته اسان دل جي ڳالهه سڀني جي سامهون رکي پنهنجي دل جو ٻوجهه هلڪو ڪجي، شاعري يا ڪالمن جي ذريعي اهڙيون ڳالهيون لکڻ گهرجن جن سان پنهنجي ماڻهن جي ڪجهه نه ڪجهه اصلاح ٿي.
ذوالفقار واهوچو:
سوشل ميڊيا ڪم جي آهي اتي اسان جو آواز اثرائتو رهي ٿو. اسان هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهون ٿا. هر شيءِ هڪ ٻئي کي وقت تي معلوم ٿئي ٿي.
هن جو مُختصر جواب ته اهو ٿيندو ته هر تصوير جا ٻه رُخ هر شئي جا ٻه پهلو. جيڪو جنهن کي وٺي.
پر جيئن ته اوهان اسان (سنڌين) جي لاءِ ڳالهه ڪئي آهي ته افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته هي بهترين پليٽ فارم بهتر استعمال سان گڏوگڏ هاءِ گهوڙا ۽ ڄاڙ هڻڻ لاءِ به استعمال ڪيو پيو وڃي. (جنهن ۾ آئون پاڻ کي قطعي الڳ نه ڪندس. ڇو ته مون کان به اڪثر اُن کان وڌيڪ ڪُجهه ناهي ٿي سگهيو).
دراصل هن سماجي رابطن جي ذريعي جا مقصد ڪُجهه ٻيا آهن. فيس بُڪ بُنيادي طور ته رُڳو پنهنجي تازه ترين موجودگي جو هنڌ، حالت يا ڪم ٻُڌائڻ لاءِ هو. جنهن کي اسٽيٽس اپڊيٽ چئون. هن ۾ تصوير يا وڊيو رکي سگهبي هئي. جيڪو وڌندو ۽ مقبول ٿيندو ويو ۽ ايستائين جو وڃي طاقتور اڻ وڻندڙ گورنمنٽ ڪيرائڻ جو سبب بڻيو. اهو ئي سبب آهي جو مختلف مُلڪن جي حُڪمرانِ وقت هن تي پابندي به لڳائي.
اسان وٽ ڇا ٿيو جو ڪو به اشو اچي پوءِ اهو ٻِٽو نطام هُجي، موئن جي دڙي جو نقصان هُجي، ٿر جو ڏُڪار يا وري سنڌ جي شهيدن جو اشو. هر هڪ تي ٻه تي ڏينهن لک لکان هوندي ۽ پوءِ اهي اشو شهيد بينظير جي قتل واري هنڌ جيان نئين اشو جي اچڻ تي ڌوپجي وسري ويندا.
پر وري به انهيءَ جو فائدو اهو آهي ته هر ماڻهو تائين ڳالهه تڪڙي پُهچي ٿي. هي وندر جو اهڙو نشو آهي جتي هر ڪم وارو توڙي مون جهڙو واندو گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو ته اچي ٿو. کيس پنهنجي وال تان نظر ڦيريندي جتي چار فضول شيئرنگس نظر اچن ٿيون اُتي سندس دلچسپي وٽان يا وري عام سماجي مسئلا ڏسڻ لاءِ مليو وڃن جيڪي سڀ هڪ هنڌ نه ته اخبارن ۾ ٿا ملن نه ٽي وي تي نه ڪنهن ٻي ذريعي سان.
جيئن ته هي اخبار ٽي وي توڙي فورم کان تيز توڙي هڪ ئي هنڌ سڀ شيون ڏيندڙ پليٽ فارم آهي تنهنڪري اهڙي سؤلي رسائي ڏيندڙ هن جي مالڪن کي هر استعامل ڪندڙ کي ڇوٽ ته ڏيڻي ئي پوي ٿي تنهنڪري اڪثر هي وقت جو زيان به ٿيو پوي. جنهن ۾ وڏي ۾ وڏو ظلم آهي غير ضروري ٽيگنگ جو. انهيءَ کان جان ڇڏائڻ جو سواءي انهيءَ جي ڪو ٻيو حل ناهي ته ٽيگنگ بلاڪ ڪجي. پر انهيءَ سان فيس بُڪ جو مقصد فوت ٿيو وڃي. بهرحال اهو قصو گهڻو ڊگهو آهي.
قصو ڪوتاهه ته وري به اسان سنڌين لاءِ نُقصان جي ڀيٽ ۾ فائدا فيسبُڪ جي کاتي ۾ وڌيڪ ئي ڳڻپ ۾ اچن ٿا.
فيس بڪ جي ذريعي اسان کي ڪافي نوان دوست، انهن جا تجربا، معلومات، وڊيوزمليا آهن، فيس بڪ جو اڪائونٽ نه صرف ڪنهن جي شخصيت جي باري ۾ ڄاڻ ڏئي ٿوبلڪ ان جي دلچسپي ۽ ارادن، خيالات جي باري ۾ معلومات فراهم ڪري ٿو، اسان فيس بڪ تي پيج تيار ڪري ان ۾ ڪنهن خاص موضوع تي پوسٽون ڪري سگهون ٿا، فيس بڪ جتي هڪ طرف فائيديمند آهي ته ٻئي طرف ان جا ڪجه نيگيٽو اثر پڻ آهن، فيس بڪ جي ذريعي ڪافي ڳجها رابطا پڻ ٿين ٿا، دوست لڪايا وڃن ٿا، جيڪي ڪنهن کي خبر نه ٿي پئجي سگهي، منهنجي سروي مطابق ڪافي ڇوڪريون ان کي صرف ۽ صرف پنهنجي ذاتي تعلقات جي لا استمال ڪن ٿيون، ڇوته سيڪيورٽي جي لحاظ کان تمام ڪارائتو آهي، سمپل موبائل تي به فيس بڪ ايپليڪشن انسٽال ڪري رابطا ڪيا وڃن ٿا، جيڪڏهن ڇوڪرو آهي ته اهو فيميل آئي ڊي ٺاهي گرلس سان رابطا ڪري ٿو، انهن جا مائٽ جيڪڏهن ڏسن ته به خير آهي،ڇوته خبر نه ٿي پوي ته پردي جي پويان ڪير آهي؟ ڊائريڪٽ موبائل تي ڪانٽيڪٽ ڪرڻ سان خبر پئجي ويندي آهي، فيس بڪ نوجوانن م تمام مقبول آهي. وڌيڪ دوستن به سٺو لکيو آهي، ضروري ناهي ته منهنجي ڳالهه درست هجي، مون جيڪو ڏٺو آهي ۽ تحقيق ڪئي آهي، اهو لکيو آهي، جيڪڏهن ڪنهن جي دل آزاري ٿي هجي ته ان لا معافي.