ڇا سوشل ميڊيا يا فيس بوڪ اسان سنڌين لاء ڪا اميد پيدا ڪئي آهي؟

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,856
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڇا سوشل ميڊيا يا فيس بوڪ اسان سنڌين لاء ڪا اميد پيدا ڪئي آهي؟ يا سوشل ميڊيا اسان لاء ڪو سٺو يا مثبت پليٽ فارم آهي؟ يا فيس بوڪ صرف اسان جو وقت برباد پيو ڪري؟

    اوهان دوستن جا رايا گهرجن.

    ان عنوان سان فيسبوڪ جي هن لنڪ تي دوستن لاء بحث ڇڏيو آهي. ڏسون ته دوستن جا ڪهڙا رايا ٿا اچن.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,856
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سهيل احمد ڪنڀر لکي ٿو :

    فيس بڪ اسانجي لاءَ تمام ڪارائتو ثابت ٿيو آهي. جيڪڏهن اسان فيس بڪ تي واندا ويهي ٽائيم برباد ڪنداسين ته ظاهر آهي ٽائيم ئي برباد ٿيندو پر جيڪڏهن اسان ڪجهه ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته اسان کي ڄاڻ ملندي اهو پنهنجي پاڻ تي آهي.

    اسد الله چانڊيي لکيو آهي:

    سوشل ميڊيا فيس بوڪ اسان کي پاڻ ۾ گهڻو ويجهو ڪري ڇڏيو آهي. اپڊيٽس ۾ خبر پوي ٿي، دوستن بابت خبر پوي ٿي ته ڪٿي آهن، ڪير ڪنهن سان ۽ ڪٿي ملي ٿو اها به خبر پوي ٿي، وڃڙيا مليا آهن اها به خبر پوي ٿي، اويئرنيس وڌي ٿي، ليکڪ ڇا پيا لکن ۽ سندن ڪالم ڪٿي ڇپيا آهن سا به خبر پوي ٿي. ڪٿي سيمينار آهي، ڪٿي ورڪشاپ آهي، ڪٿي گڏجاڻي آهي، ڪٿي ميلو آهي سڀ خبر پوي ٿي. مطلب ته سماجي هلچل جي هر وقت ڄاڻ ملندي رهي ٿي.
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,856
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عبيد الله عبيد ٿهيم لکي ٿو:

    فيسبوڪ تمام بهترين سوشل ويب سائيٽ آهي. جنهن اسان کي نوان دوست، سڃاڻپ ۽ اديب دوست ڏنا ۽ جيڪي نالا اسين صرف ٻڌندا هئاسون ، پڙهندا هئاسون اهي ناليوارا شخص اسان سان فيسبوڪ ذريعي روبرو ڪچهري به ڪن ٿا. معنيٰ ته لاجواب آهي.

    هالار آريجو جي راءِ

    فيس بڪ تمام گھڻو ڪارائتو ثابت ٿيو آهي. فيس بڪ تان مون ته گھڻو ڪجھ سِکيو آهي فيس بڪ تي تمام گھڻيون شيون مون سکيون آهن، سي پڙهڻ لاءِ ادب، ۽ غلطيون ڪرڻ تي سٺن دوستن جو سمجھائڻ ۽ ڪافي سارا پيارا دوست مِليا آهن.
    اديب جِن سان اسان فيس بڪ تي رابطو ڪري سگھون ٿا پڙهڻ لاءِ ڪجھ اهڙا گروپ آهن جتي اوهان کي اديبن جي باري ۾ ڄاڻ مِلي انهن گروپن مان سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام هِڪ گروپ آهي.
    فيس بڪ جا ڪافي فائدا آهن باقي اسان جي استعمال تي آهي جيئن اوهان ڪيبل چينلن کي ڏسو ٽي، وي ۾ ڪافي چينل هلندا آهن پر رِموٽ اسانجي هٿ ۾ هوندو آهي ائين هي فيس بڪ آهي. .

    مير چند اوڏ لکي ٿو :

    فيس بوڪ تي وڏو انگ نوجوانن جو آهي، جيڪي اسٽڊي ۽ فڪر کان وانجهيل آهن جنهن ڪري اهي غير ضروري شيون شيئر ڪندا رهندا آهن. فيس بوڪ جي ذريعي اوهان جهڙا جاکوڙي دوست به مليا آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,856
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    صادق لاشاري جي راءِ :

    فيس بوڪ اسان لاء دل جي ڳالهه عام تائين پڄائڻ جو هڪ تڪڙو ۽ سٺو پليٽ فارم مهيا ڪيو آهي. هاڻ اهو اسان تي آ ته اسان ڪهڙي ڳالهه ٿا شيئر ڪريون، ان جو ڪو مقصد به آهي يا وري صرف بي مقصد ڳالهيون پيا شيئر ڪيون. فيس بڪ تي دل، ڌرتي ۽ سماج جي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي، پنهنجن پراون ۽ اهنجن جي ڳالهه به ڪري سگهجي ٿي.

    محمود سهتو لکي ٿو:

    عقلمند ديوارن تي لکيل لفظن مان به نصيحت حاصل ڪندو آهي، جاهل لاء سڄو ڪتب خانو به بيڪار آهي. فيس بڪ جي ڪري اسان پنهنجي راءِ هڪ ٻئي تائين آسانيءَ سان پڄائي سگھون ٿا، فيس بڪ جي ڪري اسان جن ماڻهن جا صرف نالا ٻڌا هئا انهن سان رابطي ۾ آهيون.

    امر گل لکيو آهي:

    سوشل ميڊيا اظهار جا سولا موقعا ڪيا آهن، اهو هر ماڻهوءَ جي پنهنجي مزاج تي آهي آڌارڪ آهي ته هو ان کي ڪهڙي مقصد لاءِ ڪتب آڻي ٿو. ڇو ته طع آهي ته جيڪو پنهنجي عام زندگيءَ ۾ ناڪاري رويي جو مالڪ آهي ته اهو سوشل ميڊيا جو به ناڪاري استعمال ئي ڪندو. باقي سلجهيل ذهن رکندڙ ماڻهو ان جو سٺو، هاڪاري ۽ ڪارائتو استعمال ڪن پيا ۽ ان جو لاڀ ٻين تائين به پهچي ٿو.

    ثاقب ابڙو لکي ٿو :

    ٽيڪنالاجي جي هر ايجاد جيان فيسبوڪ به مثبت تبديلي ۽ سهولت لاءِ ئي وجود ۾ آيو آهي پر اصل ڳالهه آهي استعمال جي ! فيسبوڪ سان جتي تحقيق ۽ مطالعي کي وڏي هٿي ملي آهي ، تعميري ۽ تخليقي ميدان ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترا ئي املهه ماڻهو سامهون آيا آهن ۽ رابطي جي دنيا کي فرسوده پابندين کان آزادي ملي آهي اُتي ئي شر پسند ماڻهن کي تذليل ۽ تذحيق ڪرڻ جي ڇڙواڳي به ملي آهي. جيئن آزادي ۽ ڇڙواڳي ۾ فرق پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا کي طئه ڪرڻ جي شديد ضرورت آهي تيئن اسان مان هر هڪ کي سوشل ميڊيا لاءِ به ڪو پيمانو ته طئه ڪرڻو پوندو؛ جي نه ته ”جو وڙ جن سين ، سو وڙ سي ئي ڪن“ جي مصداق پيو ڪم هلندو !
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,856
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    منصور ميراڻي لکي ٿو:

    فيس بڪ هڪ ڪارائتو پليٽ فارم آهي ۽ اسان سنڌين لاءِ به هن تمام گهڻيون سهوليتون پيدا ڪيون آهن. جهڙوڪ سموري سنڌ توڙي دنيا ڀر ۾ ويٺل سنڌين تائين آسانيءَ سان رسائي ٿي سگهي آهي ۽ ان کان علاوه جيڪي فيس بڪ تي ئي جيڪي ٻيا پليٽ فارم جڙيا آهن جئين حسام سائين جو انگريزي سکائڻ وارو گروپ يا آن لائن ڪتاب گهر وارو گروپ اهڙي قسم ٻيا ڪيترائي گروپ هوندا جيڪي منهنجي نظر آڏو ناهن گذريا اهي سڀ فيس بڪ جا مثبت پهلو آهن. ٿر ۾ آيل ڏڪار ۾ فيس بڪ فرينڊز سٿ ۽ ارم درس پاران پي ايس ٽي اين ٽي ايس پاس ڪندڙ کي آرڊر نه ڏيڻ خلاف تحريڪ اهو سڀ فيس بڪ جي ڪري ئي آهي. ڪيترائي ماڻهو فيس بڪ جي ڪري هوٽلن تي وقت وڃائڻ واري پاسي کان هٽي ويا آهن، انهن کي اظهار جو موقعو مليو آهي. منهنجي خيال ۾ فيس بڪ جا غير مثبت پهلوئن جي ڀيٽ ۾ مثبت پهلو وڌيڪ آهن ان مان ظاهر آهي ته فيس بڪ فائديمند آهي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,856
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مٺل جسڪاڻي جا خيال:

    فيس بوڪ مان پرائڻ جي ڪوشش ڪندڙ پرائين پيا. جن وٽ وقت جو قدر آهي، اهي فيس بوڪ استعمال ڪرڻ باوجود وقت جو قدر به ڪن پيا. عام صورتحال جو جيڪڏهن جائزو وٺبو، ته مثبت استعام تمام گهٽ ۽ منفي استعمال تمام گهڻو ٿي رهيو آهي. بهرحال، فيس بوڪ جي مثبت پهلو کي رد نه ٿو ڪري سگهجي.

    نويد ناز ڀٽي :

    فيس بوڪ ڪارائتو آهي اها ڳالهه يقينن درست آهي پر فيس بوڪ جو استعمال درست ماڻهن کان ويندي اشتعال انگيز ماڻهن جي ور چڙهيل آهي. وقت ضايع ڪرڻ واري ڳالهه درست ناهي. هر ڪنهن کي اظهار جي آزادي هجڻ گهرجي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ذاتيات ۾ نه پوڻ گهرجي، نفرتن جو ٻج نه پوکڻ گهرجي، سچ پچ فيس بوڪ جو درست استعمال وقت جي ضرورت آهي. منهنجي دوستن کي گذارش آهي ته انصاف جي تقاضائن تي پورو لهن.

    عبد الجبار آزاد لکي ٿو:

    ادا وساڻ صاحب اسان اڪثر ڪري فيس بوڪ کي پنهنجي تعريف لاءِ استعمال ٿا ڪريون. هر طرف واه واه ڇا ته تصوير آهي؟ نائيس، يار ڀلي شاعري، واهيات هجي پر ان کي داد ڏينداسين ته واه واه. دنيا ۾ فيس بوڪ وسيلي تبديليون اچن پيون ۽ اسان سواءِ لفاظي جي ٻيو ڪجهه به نٿا ڪريون سواءِ ڪجهه ماڻهن جي.
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,856
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عباس ڪوريجو لکي ٿو:

    سوشل ميڊيا خاص طور تي فيس بوڪ گونگن کي زبان ڏني آهي، اٻوجهه، لاچار ۽ بي آواز فردن ۽ گروهن کي سڃاڻپ ۽ مڃتا ڏني آهي. سنڌي ماڻهن جي قومي جذبي کي پڻ اڀاريو آهي، پر افسوس اڃا تائين اسان ان مان گهربل لاڀ پرائي نه سگهيا آهيون.

    منير پنهيار :

    فيس بڪ کي هر ماڻهو پنهنجي سوچ جي معيار مطابق استعمال ڪري ٿو پوءِ اها الڳ ڳالهه آهي ته ماڻهن جي سوچ تعميري به آهي ته تخريبي پڻ، باقي تبديلي جي جيتري قدر ڳالهه آهي ته اهڙي تڙپ ياسوچ سنڌين ۾ پڻ شدت سان آهي کوٽ آهي ته فقط ڪنهن اهڙي پليٽ فارم جي.

    سجاد علي:

    فيسبوڪ اسان کي شعور ڏنو آهي، آگاهي ڏني آهي، نوان دوست ڏنا آهن، هم خيال ماڻهون ڏنا آهن، تنهائيءَ کان نجات. ٻيو ڇا کپي؟ ها لاهي پائي فيسبوڪ تي رهڻ، ٻيو ڪو ڪم ئي نه ڪرڻ وارن لاءِ ناڪاري اثر به رکي ٿو. پر گهڻي ڀاڱي فيسبوڪ مفيد رهيو ..

    سيد فدا حسين شاهه :

    wonderful brdige to connect with all kind of people,even u can promote yourself without help of media

    فاروق سومرو:

    فيسبوڪ هڪ رابطي جو ذريعو آهي، جنهن سان اسان جي هڪ ٻئي سان سڃاڻپ ٿئي ٿي، جتي اسين پنهنجي راء جو اظهار ڪريون ٿا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,856
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    آفتاب حسين کوهارو :

    جي سليمان وساڻ صاحب سوشل ميڊيا ئي آهي جنهن وڇوٽيون دور ڪري، سموري دوستن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جو انوکو ڪم سرانجام ڏنو آهي. جيڪڏهن سوشل ميڊيا خاص طور تي فيسبڪ هن جديد دور ۾ نه هجي ها ته ٻيا نيٽ ورڪ ڪي اهڙا لاڀائتا نه آهن جن وسيلي اظهار ڪري سگهجي ها. جيڪڏهن اسان ماضيءَ تي نظر ڊوڙائينداسين ته خبر پوندي، جهڙوڪ : ياهو ميسينجر يا اهڙا ٻيا کوڙ سارا نيٽ ورڪ سپلائيرز ايترا اعتبار جوڳا نه ليکيا ويندا هئا، جيتوڻيڪ فيسبڪ تي به ڪيترائي فيڪ اڪائونٽس موجود آهن، پر تنهن هوندي به اسان سڀني سنڌين کي گڏ ٿيڻ ۽ مختلف اشوز تي آواز اٿارڻ ۽ دوستن سان گڏ ڏک سور ونڊن جو هي نادر موقعو فيسبڪ ئي فراهم ڪري ٿو.

    باقي رهيو استعمال جو طريقيڪار سو استعمال ڪندڙ جي هٿ وس آهي ته هو ان مان ڪيترو فائدو پرائي سگهي ٿو يا فقط پنهنجي وقت جي بربادي جو ذميوار بڻجي ٿو، سو ته سندس ئي سوچ ۽ استعمال جي حد تائين آهي، ٻئي پهلو صاف ظاهر آهن، پوءِ استعمال ڪندڙ انهن جو ڪيترو فائدو وٺي ٿو اهو سندس ذاتي سوچ تي منحصر رهي ٿو.


    گل لاکو جي راءِ :

    هن دنيا ۾ جيڪي شيون ٺهيون آهن انهن جا فائدا به آهن ته نقصان به. رهي ڳالهه فيس بوڪ جي ته اهو هڪ پليٽ فارم آهي جتي سٺا دوست ۽ انهن جا خيال ٻڌڻ ۽ پڙهڻ لاء ملن ٿا. تڪڙي ڄاڻ ملي ٿي، هاڻي هر ماڻهوء تي دارومدار آهي ته اهو فيس بوڪ کي ڪيئن ٿو استعمال ڪري. ان کي نقصان پهاچائيندڙ چوڻ جو مثال ايئن آهي ته هڪ گاڏي روڊ تي سون جي تعداد ۾ مسافر کڻي ٿي ۽ انهن کي منزل تي پهچائي ٿي. جيڪڏهن ان ۾ ڪجهه ڦورو يا ڏوهاري ماڻهو سفر ڪن ته سڄي گاڏيء کي خراب چوڻ مناسب ناهي. سنڌين تي فيس بوڪ ڪهڙو اثر وڌو آهي؟ ان لاءِ آءُ چوندس ته سٺي سجاڳي ملي آ، نقصان کان وڌيڪ فائدو ٿيو آهي. بس الله پاڪ اسان کي وقت جو قدر ڪندي فيس بوڪ استعمال ڪرڻ جي توفيق ڏي .... آمين

    سارنگ جلباڻي

    سائين ڏوهه فيس بوڪ جو ناهي، فيس بوڪ تي اسان سنڌي وقت برباد ڪيون پيا.

    فياض حسين جتوئي

    For Communication Facebook is the best way , but now a days Facebook is used in illegal way which is totally wrong
    عنايت کوسو

    سوشل ميڊيا جس لهڻو سائين.. اگر مان سليمان وساڻ سان گڏ آهيان ته اها ان جي مهرباني آهي.
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,856
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    احمد سومرو:

    جهڙي نيت تهڙي مراد واري چوڻي جو اطلاق ٿئي ٿو هتي به. جيڪو جنهن نيت ۽ ارادي سان فيسبوڪ تي ويهي ٿو, سو اهوئي حاصل ڪري ٿو.

    وفا منور زئور

    فيس بُڪ جي مثبت استعمال جو هڪ پاسو اهو به آهي ته فيس بُڪ ذريعي توهان پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪري سگهو ٿا.

    نور محمد سمون :

    سنڌين سميت سموري دنيا لاءِ آهي، اسان هتي اوهان جي نسبت نوان آهيون پر ڏسون ٿا روز هزارين نوان ماڻهو جُڙي رهيا آهن. اوهان (م س وساڻ) تمام سرگرم آهيو، اوهان جي ويب به سٺي آهي. ڄاڻ جي کاڻ آهي فيس بڪ ۽ سينسر نه اٿس. هي هڪ ذريعو آهي، اسان مان جنهن ۾ جيتري صلاحيت هوندي اهو ايتروئي فائدو وٺي سگهندو.

    عبدالواحد سومرو لکي ٿو :

    اسان سنڌ ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙن سنڌي دوستن ۾ رابطي جو بهترين ۽ سستو ذريعو فيس بڪ آهي. مونکي فيس بڪ تمام گهڻو ڪجهه ڏنو آهي. انسان جو وڏي ۾ وڏو سرمايو دوست هوندو آهي. فيس بڪ مونکي تمام خوبصورت سٺا دوست ڏنا آهن. مون ڪڏهن تصور ۾ به ڪونه سوچيو هيو ته منهنجا هي دوست ٿيندا پر فيس بڪ ذريعي انهن سان دوستي ٿي وئي. اڄ هن فورم تي مان اوهان سان گڏ آهيان ۽ هن پوسٽ تي پنهنجا ڪمينٽس ڏيڻ جي قابل آهيان. اهو به فيس بڪ جو ئي ڪمال آهي.
    فيس بڪ کان اڳ ۾ اسان ڪجهه اديبن کي پرنٽ ميڊيا تي پڙهندا، اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڏسندا هياسين ۽ انهن سان ملڻ جو يا ڏسڻ جو تمام گهڻو اشتياق هوندو هيو. اڄ فيس بڪ تي اهي اديب اسان جون تخليقون پڙهن ٿا ڪمينٽس به ڏين ٿا، اسان سان مخاطب به ٿين ٿا ۽ هن پليٽ فارم ذريعي انهن سان ملاقاتن جو به شرف حاصل ٿيو آهي. منهنجي لاءِ فيس بڪ انتهائي مثبت ۽ ڪارائتو ثابت ٿيو آهي. مونکي اها خبر به نه آهي ته فيس بڪ منفي پهلو کان ڪيئن استعمال ٿئي ٿو.
    فيس بڪ فري ٽائيم ۾ استعمال ٿيندو آهي. ان جي استعمال سان ٽائيم ضايع ٿئي ٿو ان ڳاله تي مان ڪجهه به نه چوندس. ڇو ته فري ٽائيم ۾ فيس بڪ استعمال ٿئي ٿو. جيڪڏهن فيس بڪ نه هجي ته اهو فري ٽائيم ڪافي مشڪل سان گذري ها.
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,856
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاشم شورو :

    سوشل ميڊيا ۾ فيس بڪ ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيو آهي هتي نوان نوان دوست ملن ٿا ، جن جي پنهنجي پنهنجي سوچ آهي انهن جي ويچارن بابت خبر پوي ٿي ، پاڻ پنهنجي صلاحيتن مطابق ڪم ڪري سگهجي ٿو، تمام سٺن اديبن ۽ شاعرن کي پڙهيو ٿو وڃي، هنن سان ڪچهري ڪجي ٿي. سکڻ ۽ سيکارڻ لاءِ فيس بڪ هڪ بهترين چئنل آهي ، باقي جي توهان پنهنجو وقت فضول ڳالهين ۾ بہ پاس ڪري سگهو ٿا، جيئين ڪنهن شاعر چيو آهي تہ ڳن وڍيندڙ هٿ ۾ ۽ لطيف سائين جو هي شعر بہ فيس بڪ لاءِ ٺهڪي اچي ٿو ،
    هلو هلو ڪورئين جتي نينهن اڇل،
    نہ ڪا جهل نہ پل ، سڀڪا پسي پرينءَ کي


    وسيم آڪاش سيتائي :


    جيڪڏهن فيس بوڪ کي ادب جو ادارو سڏجي ته مان سمجھان ٿو ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو...! فيس بوڪ مان گھڻا ئي فائدا آهن ( جيڪڏهن ڪو وٺڻ چاهي). ماڻهو پنهنجن صلاحيتن کي سهڻي نموني اجاگر ڪري سگھي ٿو، فيس بوڪ تان سکڻ لاء به تمام گھڻو ڪجھ ملي ٿو ۽ رابطي جو ذريعو به فيس بوڪ کي چئي سگھجي ٿو. مطلب ته سٺي سوچ رکڻ واري لاء فيسبوڪ سکڻ ۽ سيکارڻ جو بهترين ذريعو آهي....! جي نه ته پو ڪنهن حد تائين فيسبوڪ فضول آهي، وقت جو ذيان آهي.

    Sadiq Bhanbhro

    This is very subjective question, this depends on individual use of fb
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,856
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    الطاف حسين خواجه :

    سائين ، فيس بڪ ڪارائتي شيءِ آھي پوري دنيا ھن مان فائدو حاصل ڪري رھي آھي. ائين پاڻ به فائدو حاصل ڪري رھيا آھيون. باقي رھيو سوال سنڌي قوم جو ته سنڌي قوم ۾ فيس بڪ ذريعي سڌارو نه ٿو اچي سگھي ، جيڪي سنڌي فيس بڪ استعمال ڪن ٿا انھن جي ليول خود به خود ھڪ جھڙي آھي پر سنڌي قوم جو اڪثريتي طبقو جيڪو غريب ۽ اڻپڙھيل آھي ، تبديلي سڌارو اُتان کان نه آڻبو تيسين ڪو فرق نه پوندو. فيس بڪ ته پاڻ لاءِ فقط ھڪ ڏيکاءُ نماءُ ۽ نمائش جي لاءِ آھي، پاڻ سنڌين جي فيس بڪ تي دنيا ٻي آھي ٻاھر جي دنيا بلڪل به ٻي آھي، اسان ٻاھر جي دنيا ۾ عملي طور تي ھڪ به غريب سنڌي ۾ سڌارو نه آندو آھي. پنھنجو سماج خطرناڪ حد تائين بگڙيل آھي، سماج جي تبديلي فيس بڪ ذريعي ممڪن نه آھي البت پنھنجي تعلقاتن کي مظبوط ضرور ڪيو اٿس.

    شاهين سنڌي :

    سائين سوشل ميڊيا اسان لاءِ وڏي فائدي مند رهي آهي. هي سوشل ميڊيا ئي آهي جنهن سدائين سچ تان پردو کنيو آهي ۽ اردو ميڊيا جي بري نيت سڀني جي سامهون آڻڻ ۾ هن جو وڏو ڪردار رهيو آهي ۽ اسان جي سنڌ جا نوان ليکڪ سڀني جي سامهون ۽ هڪ ٻي جي سامهون پيش ڪيا آهن. سوشلميڊيا تان اسان دل کولي هڪ ٻي جي تعريف ۽ تنقيد ڪري دل جو بار هلڪو ڪري سگهون ٿا. ها باقي اجايو پنهنجي تصويرن جي نمائش ڪندي اسان کي الائي ڇو برو نٿو لڳي. انهن تصويرن کان بهتر ناهي ته اسان دل جي ڳالهه سڀني جي سامهون رکي پنهنجي دل جو ٻوجهه هلڪو ڪجي، شاعري يا ڪالمن جي ذريعي اهڙيون ڳالهيون لکڻ گهرجن جن سان پنهنجي ماڻهن جي ڪجهه نه ڪجهه اصلاح ٿي.

    ذوالفقار واهوچو:

    سوشل ميڊيا ڪم جي آهي اتي اسان جو آواز اثرائتو رهي ٿو. اسان هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهون ٿا. هر شيءِ هڪ ٻئي کي وقت تي معلوم ٿئي ٿي.

    جواد حسين شاهه موسوي :

    وقت برباد. ڪجهه ڏينهن مان فيسبڪ بند ڪيو ته اڌ کان مٿي ڪتاب پڙهي ورتو.
     
  12. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,774
    ورتل پسنديدگيون:
    5,822
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هن جو مُختصر جواب ته اهو ٿيندو ته هر تصوير جا ٻه رُخ هر شئي جا ٻه پهلو. جيڪو جنهن کي وٺي.
    پر جيئن ته اوهان اسان (سنڌين) جي لاءِ ڳالهه ڪئي آهي ته افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته هي بهترين پليٽ فارم بهتر استعمال سان گڏوگڏ هاءِ گهوڙا ۽ ڄاڙ هڻڻ لاءِ به استعمال ڪيو پيو وڃي. (جنهن ۾ آئون پاڻ کي قطعي الڳ نه ڪندس. ڇو ته مون کان به اڪثر اُن کان وڌيڪ ڪُجهه ناهي ٿي سگهيو).
    دراصل هن سماجي رابطن جي ذريعي جا مقصد ڪُجهه ٻيا آهن. فيس بُڪ بُنيادي طور ته رُڳو پنهنجي تازه ترين موجودگي جو هنڌ، حالت يا ڪم ٻُڌائڻ لاءِ هو. جنهن کي اسٽيٽس اپڊيٽ چئون. هن ۾ تصوير يا وڊيو رکي سگهبي هئي. جيڪو وڌندو ۽ مقبول ٿيندو ويو ۽ ايستائين جو وڃي طاقتور اڻ وڻندڙ گورنمنٽ ڪيرائڻ جو سبب بڻيو. اهو ئي سبب آهي جو مختلف مُلڪن جي حُڪمرانِ وقت هن تي پابندي به لڳائي.
    اسان وٽ ڇا ٿيو جو ڪو به اشو اچي پوءِ اهو ٻِٽو نطام هُجي، موئن جي دڙي جو نقصان هُجي، ٿر جو ڏُڪار يا وري سنڌ جي شهيدن جو اشو. هر هڪ تي ٻه تي ڏينهن لک لکان هوندي ۽ پوءِ اهي اشو شهيد بينظير جي قتل واري هنڌ جيان نئين اشو جي اچڻ تي ڌوپجي وسري ويندا.
    پر وري به انهيءَ جو فائدو اهو آهي ته هر ماڻهو تائين ڳالهه تڪڙي پُهچي ٿي. هي وندر جو اهڙو نشو آهي جتي هر ڪم وارو توڙي مون جهڙو واندو گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو ته اچي ٿو. کيس پنهنجي وال تان نظر ڦيريندي جتي چار فضول شيئرنگس نظر اچن ٿيون اُتي سندس دلچسپي وٽان يا وري عام سماجي مسئلا ڏسڻ لاءِ مليو وڃن جيڪي سڀ هڪ هنڌ نه ته اخبارن ۾ ٿا ملن نه ٽي وي تي نه ڪنهن ٻي ذريعي سان.
    جيئن ته هي اخبار ٽي وي توڙي فورم کان تيز توڙي هڪ ئي هنڌ سڀ شيون ڏيندڙ پليٽ فارم آهي تنهنڪري اهڙي سؤلي رسائي ڏيندڙ هن جي مالڪن کي هر استعامل ڪندڙ کي ڇوٽ ته ڏيڻي ئي پوي ٿي تنهنڪري اڪثر هي وقت جو زيان به ٿيو پوي. جنهن ۾ وڏي ۾ وڏو ظلم آهي غير ضروري ٽيگنگ جو. انهيءَ کان جان ڇڏائڻ جو سواءي انهيءَ جي ڪو ٻيو حل ناهي ته ٽيگنگ بلاڪ ڪجي. پر انهيءَ سان فيس بُڪ جو مقصد فوت ٿيو وڃي. بهرحال اهو قصو گهڻو ڊگهو آهي.
    قصو ڪوتاهه ته وري به اسان سنڌين لاءِ نُقصان جي ڀيٽ ۾ فائدا فيسبُڪ جي کاتي ۾ وڌيڪ ئي ڳڻپ ۾ اچن ٿا.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,730
    ورتل پسنديدگيون:
    4,287
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ٻيو فائدو ٿيو هُجي يا نه ٿيو هُجي هن سوشل ميڊيا اسان کي هڪ آن لائين اوتاڪڙي ڏئي جمع ضرو ڪري ڇڏيو آهي جتي اسان بغير ڪنهن(ايڊٽ) ڪاٽ ڪوٽ ۽ بغيرڪنهن پابندي ۽ رُڪاوٽ جي پنهنجي سوچن ۽ خيالن جو آزاديءَ سان اظهار ڪري سگهون ٿا. پنهنجا لڪيل ٽيلنٽ ظاهر ڪري اُڀاري سگهون ٿا، پنهنجون نه سمجهندڙ خامين کي پيش ڪري سکي ، سنواري سگهون ٿا ۽ احساسيت جي فروغ کي به سکي ۽ سيکاري سگهون ٿا. رهي ڳالهه ۾ نظرين جي اختلافن جي ته اُها هر مختلف فرد ۾ ان ٽيون سوچ ڪري رهندي ۽ نه ختم ٿيڻ جهڙي آهي، پوءَ ڀلي اسان روزانون فزيڪلي ڪنهن به هنڌ، هوٽل، آفيس، باغ، تي ويهي به ڇو نه ڪريون. مجموعي طور سوشل ميڊيا، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کان گهڻو پاور فُل ٿيندو پيو وڃي جي. اُن کي اڃا به بهتر سببن ۽ لهه وچڙ لاءِ استعمال ڪجي ته فائدي ئي فائدي وارو آهي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏27 مارچ 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. آفتاب احمد سومرو

    آفتاب احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    133
    ورتل پسنديدگيون:
    419
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    ڌنڌو:
    سافٽ ويئر ۽ ويب ڊويلپر
    ماڳ:
    سڪرند
    فيس بڪ جي ذريعي اسان کي ڪافي نوان دوست، انهن جا تجربا، معلومات، وڊيوزمليا آهن، فيس بڪ جو اڪائونٽ نه صرف ڪنهن جي شخصيت جي باري ۾ ڄاڻ ڏئي ٿوبلڪ ان جي دلچسپي ۽ ارادن، خيالات جي باري ۾ معلومات فراهم ڪري ٿو، اسان فيس بڪ تي پيج تيار ڪري ان ۾ ڪنهن خاص موضوع تي پوسٽون ڪري سگهون ٿا، فيس بڪ جتي هڪ طرف فائيديمند آهي ته ٻئي طرف ان جا ڪجه نيگيٽو اثر پڻ آهن، فيس بڪ جي ذريعي ڪافي ڳجها رابطا پڻ ٿين ٿا، دوست لڪايا وڃن ٿا، جيڪي ڪنهن کي خبر نه ٿي پئجي سگهي، منهنجي سروي مطابق ڪافي ڇوڪريون ان کي صرف ۽ صرف پنهنجي ذاتي تعلقات جي لا استمال ڪن ٿيون، ڇوته سيڪيورٽي جي لحاظ کان تمام ڪارائتو آهي، سمپل موبائل تي به فيس بڪ ايپليڪشن انسٽال ڪري رابطا ڪيا وڃن ٿا، جيڪڏهن ڇوڪرو آهي ته اهو فيميل آئي ڊي ٺاهي گرلس سان رابطا ڪري ٿو، انهن جا مائٽ جيڪڏهن ڏسن ته به خير آهي،ڇوته خبر نه ٿي پوي ته پردي جي پويان ڪير آهي؟ ڊائريڪٽ موبائل تي ڪانٽيڪٽ ڪرڻ سان خبر پئجي ويندي آهي، فيس بڪ نوجوانن م تمام مقبول آهي. وڌيڪ دوستن به سٺو لکيو آهي، ضروري ناهي ته منهنجي ڳالهه درست هجي، مون جيڪو ڏٺو آهي ۽ تحقيق ڪئي آهي، اهو لکيو آهي، جيڪڏهن ڪنهن جي دل آزاري ٿي هجي ته ان لا معافي.[​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,774
    ورتل پسنديدگيون:
    5,822
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سليمان وساڻ جي هن اهم سواليه ليک تي هتي توڙي فيس بُڪ تي هڪ وڏو بحث ٿيو جيڪو ڪافي صحتمند رهيو ۽ دوستن جا رايا آيا. سنڌ جي هڪ وڏي ليکڪ ۽ ترجمه نگار شبير سومرو (جنهن اردو جي رسالي غازي ۾ پڻ ايڊيٽر طور ڪم ڪيو) ڪلهه اردو ٻولي جي وڏي اخبار ”نئي بات“ ۾ هڪ ليک لکيو ته اسان جي پنهنجي ذاتي فئملي کان علاوه ورچوئل فئملي (مجازي گهراڻو) پڻ وڌي ويجهي رهيو آهي جنهن جو محرڪ فيس بُڪ آهي. پر جيئن ته هُن اهو لکڻ مهل ان نئين ٺهندڙ حلقي کي گهراڻو لکيو آهي ته ان لاءِ ان گهراني لاءِ به اها ئي تقاضا ٿيندي ته جيڪا اسان سنڌين جي پراڻي روايت آهي. عورتن جي عزت، ننڍن سان شفقت ۽ وڏڙن جي عزت. ۽ ڪو پنهنجو ڀاءُ، ڀيڻ، پُٽ يا ڌي سمجهي پنهنجي گهر پنهنجي ٻچن سان ويهاري ته اُتي پنهنجي پت رکجي. ايئن ئي هي جهان به آهي. هتي نوان ماڻهو ملن ٿا. جيڪي جهڙا آهن آهن انهن سان اُهڙو ئي هلبو ته بهتر ٿيندو. پر اسان وٽ اڪثريت (بد قسمتي سان) پنهنجي نياڻين کي ست پردن ۾ لڪائي پاڻ پراين ننگن جي ڪنهن به فورم تي ڪسر نه ٿي ڇڏي. بس ڇوڪري جو نمبر، اي ميل يا فيس بُڪ نالو هٿ چڙهي ته ڪڍ پئجي وينداسون. جڏهن ته نياڻين سان به عزت احترام وارو رشتو جوڙي سگهجي ٿو. اهڙا ئي مثال شبير سومرو صاحب پڻ پنهنجي ليک ۾ لکيا آهن. ته ڪيئن پرڏيهه ۾ رهندڙ ماڻهن (ڇوڪريون پڻ) سان عزت ۽ احترام جو اُهو رشتو جُڙيو جو جڏهن کيس بيماري سبب مدد گهُربل هُئي ته مٽ ماائٽ يا دوست پوءِ پُهتا پر ٻاهر ويٺل سندس مجازي ڀيڻ ان مهل ئي پنهنجي ڀاءُ کي موڪلي کيس اسپتال پُهچڻ ۾ مدد ڪئي.
    هن ليک ۾ منهنجو سُٺن لفظن ۾ ذڪر هُجڻ ڪري هتي مثال طور پيش ڪرڻ پاڻ وڻائڻ/پڏائڻ پئي لڳو پر هڪ اهڙي شئي هُئي جيڪا مثال طور پيش ڪرڻ ضروري هُئي.

    [​IMG]

    ليک پڙهڻو هُجي ته هتي ڪلڪ ڪري پيج نمبر 10 ۽ 11 ڏسو. ​
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو