• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هي ڪير پيو دانهون ڪري ؟

Sindhi Media

سينيئر رڪن
ڪراچي جي ڪنهن اداري جي ڪنهن هڪ آفيس ۾ هڪ ڪم ڪرڻ واري ڪلرڪ جو ڳالهائڻ جو آواز ڪافي بُلند هوندو هو ۽ جڏنهن به هو فون تي ڪنهن سان ڳالهائيندو هو يا ناراضگي ظاهر ڪندو هو يا ڪنهن بحث ۾ الجهي پوندو هو ته اڃا زور زور سان رڙ يا دانهون ڪري ڳالهائڻ لڳندو هو.

هڪ ڏينهن به موسوف ائين ئي رڙ يا دانهون ڪري ڳالهائي رهيو هو ته سندس آواز جنرل مئنيجر جي ڪمري تائين اچڻ لڳو هُن گهنٽي وڄائي پٽيوالي کي سڏائي پُڇڻ لڳو (هي ڪير آهي جو ايتريون رڙيون ڪري پيو ڳالهائي) سر ! قربان آهي لاڙڪاڻي ڪنهن عزيز سان پيو ڳالهائي (پٽيوالي ورندي ڏني)

پو بيوقوف فون ڇو نٿو استعمال ڪري؟ آخر اسان آفيسن ۾ فون ڇا لا لڳاري ڏنا آهن ! جي ايم ڪاوڙ ۾ چوڻ لڳو!
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
هاهاهاها .... ها يار ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي فون تي وڏي آواز ۾ ڳالهائي سڀني کي ڊسٽرب ڪندا آهن.
 
Back
Top