ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ جڏنهن حميد ڀُٽي هڪ محفل موسيقي جو انتظام ڪيو ۽ سچل ڳوٺ ۾ سُليمان وساڻ کي سنڌ سلامت جي ميمبرن لا دعوتي ڪارڊن جو بنڊل تقسيم ڪرڻ لا ڏنو ته اُن موقعي تي لاڙڪاڻي جي هڪ ڳوٺ مان به سچو نالي ڪو مهمان جيڪو ڪراچي پهريون ڀيرو آيل هو، سنڌ سلامت هوٽل جي مشهوري ٻُڌي اچي پُهتو ۽ هُن به سُليمان وساڻ کان جيڪو ڪارڊ تقسيم ڪري رهيو هو ڪارڊ جي گهُر ڪئي ۽ سليمان کيس ٻه ڪارڊ ڏنا ۽ هو خوش ٿي ويو! سچو! شايد ڪنهن ايڏي وڏي موسيقي جي محفل ۾ پهريون ڀيرو ويو جنهن ۾ هندستان کان به ڪي فنڪار آيل هُئا جن ۾ هڪ هندستاني ميوزڪ ڊائريڪٽر به هو جيڪو پنهنجي مخصوص انداز ۾ هڪ ڇڙي کي گهمائي مخصوص اشارن سان آڪسٽرا کي هدايتون ڏئي رهيو هو ۽ سامهون هڪ فنڪاره پنهنجي فن جو مظاهريو ڪري رهي هُئي ! سچو کي اهو عجيب لڳو ۽ پاڻ سان گڏ ايندڙ ميزبان کان زور سان ڪاوڙ ۾ پُڇڻ لڳو: سچو :يار نثار ! هي ماڻهون هن ڳائڻي کي ڏنڊي ڏيکاري ڇو پيو ڊيڄاري ! نثار : (سندس وات تي هٿ رک) شش ! رڙيون ڪري ڇو پيو ڳالهائين ! آهستي ! نثار شرمسار ٿي اڳيان پويان ڏسي ٿو ته ڪنهن سندس مهمان جي هن بي ادبي کي ڪنهن ڏٺو ته ڪونهين پو سرگوشي ۾) نثار : (وضاحت ڪندي) نه سچو يار ! هي گلوڪاره کي ته ڪونه پيو ڊيڄاري! ان کان پهرئين جو نثار ٻي ڪا وضاحت ڪري وري سچو زوردار آواز ۾ اُٿي بهي ٻيو سوال ڪري ورتو ! سچو : جي هو ڏنڊي سان گلوڪاره کي ڪون پيو ڊيڄاري ته پو هو ايڏيون رڙيو ڇو پئي ڪري !