هي ڊائريڪٽر گلوڪاره کي ڏنڊي سان اشارا ڪري ڇو پيو ڊيڄاري !

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏25 اپريل 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ جڏنهن حميد ڀُٽي هڪ محفل موسيقي جو انتظام ڪيو ۽ سچل ڳوٺ ۾ سُليمان وساڻ کي سنڌ سلامت جي ميمبرن لا دعوتي ڪارڊن جو بنڊل تقسيم ڪرڻ لا ڏنو ته اُن موقعي تي لاڙڪاڻي جي هڪ ڳوٺ مان به سچو نالي ڪو مهمان جيڪو ڪراچي پهريون ڀيرو آيل هو، سنڌ سلامت هوٽل جي مشهوري ٻُڌي اچي پُهتو ۽ هُن به سُليمان وساڻ کان جيڪو ڪارڊ تقسيم ڪري رهيو هو ڪارڊ جي گهُر ڪئي ۽ سليمان کيس ٻه ڪارڊ ڏنا ۽ هو خوش ٿي ويو!
    سچو! شايد ڪنهن ايڏي وڏي موسيقي جي محفل ۾ پهريون ڀيرو ويو جنهن ۾ هندستان کان به ڪي فنڪار آيل هُئا جن ۾ هڪ هندستاني ميوزڪ ڊائريڪٽر به هو جيڪو پنهنجي مخصوص انداز ۾ هڪ ڇڙي کي گهمائي مخصوص اشارن سان آڪسٽرا کي هدايتون ڏئي رهيو هو ۽ سامهون هڪ فنڪاره پنهنجي فن جو مظاهريو ڪري رهي هُئي ! سچو کي اهو عجيب لڳو ۽ پاڻ سان گڏ ايندڙ ميزبان کان زور سان ڪاوڙ ۾ پُڇڻ لڳو:
    سچو :يار نثار ! هي ماڻهون هن ڳائڻي کي ڏنڊي ڏيکاري ڇو پيو ڊيڄاري !
    نثار : (سندس وات تي هٿ رک) شش ! رڙيون ڪري ڇو پيو ڳالهائين ! آهستي !
    نثار شرمسار ٿي اڳيان پويان ڏسي ٿو ته ڪنهن سندس مهمان جي هن بي ادبي کي ڪنهن ڏٺو ته ڪونهين پو سرگوشي ۾)
    نثار : (وضاحت ڪندي) نه سچو يار ! هي گلوڪاره کي ته ڪونه پيو ڊيڄاري!
    ان کان پهرئين جو نثار ٻي ڪا وضاحت ڪري وري سچو زوردار آواز ۾ اُٿي بهي ٻيو سوال ڪري ورتو !
    سچو : جي هو ڏنڊي سان گلوڪاره کي ڪون پيو ڊيڄاري ته پو هو ايڏيون رڙيو ڇو پئي ڪري !
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏26 اپريل 2014
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاهاهاهاهاها
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سچوءَ کي گهرجي ها ته لطيف مني جي ڀرسان ويهي ها.. کيس هر سوال جو جواب تسلي سان ملي ها... ;)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو