هن جي ايمانداري جي گواهي ته عدالت ڏئي سگهي ٿي

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏25 اپريل 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڪنهن ڪمپني ۾ هڪ صاحب اسٽور ڪيپر جي نوڪري لاِ درخوست ڏني ۽ کيس انٽرويو ڪال به ٿي. پر انٽرويو ۾ سوالن جواب دوران انٽرويو وٺڻ وارن کي ان صاحب جي ڪُجهه ڳالهن ڪري شڪ ٿيڻ لڳو ۽ هنن کائس پچيو:
    انٽرويو : اسانجي ڪمپني ۾ ڪو آهي تُهنجو سڃاڻون ! جيڪو تُهنجي ايمانداري جي شاهدي ڏئي سگهي !
    اميدوار : (سوچي) ها سائين ! کُدو ڊرائيور آهي نه !
    انٽرويو : اهو جيڪو سپلا ٽرڪ هلائي ٿو !
    اميدوار : جي ! جي ! اُن ئي ته! مونکي ٻُڌايو هو ته هن ڪمپني ۾ اسٽور ڪيپر جي جا خالي آهي ! ٻاهر مونسان گڏ آيل آهي چئو ته ضمانت لا گهُريانس !
    پو بورڊ پٽيوالي کي ڪمپني جي ٽرڪ ڊرائيور کي سڏڻ لاِ موڪليو جيڪو آيو ۽ چوڻ لڳو !
    ٽرڪ ڊرائيور : صاحب ! مُهنجي مُهنجي گواهي جي ڪهڙي ضرورت آهي ! هن جي ايمانداري جي گواهي ته عدالت سڳوري به ڏئي سگهي ٿي !
    انٽرويو : عدالت ڇو !
    ٽرڪ ڊرائيور : صاحب ان ڪري جو هن تي نَون دفعا چوري ڪرڻ جو الزام لڳو ۽ گرفتار به ٿي ويو ! پر جُرم ثابت نه ٿيڻ تي هر ڀيري عدالت کيس بري ڪندي وئي ! ڀلا ان کان وڌيڪ کان وڌيڪ ڪا ايمانداري جي گواهي هوندي!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو