آسان سوالن جا ڏُکيا جواب

Sindhi Media

سينيئر رڪن
سوال : جي ڪا زال پهرئين تاريخ جو پنهنجي ڄم جي 40 سالگره 18 سالگره طور منائڻ ته ضد ڪري ته ڇا ڪجي ؟
جواب : منائڻ ڏيوس ! توهانجو ڪهڙو نقصان ! پُرسُڪون زندگي لا مُڙس جو ٻوڙو ٿيڻ ضروري آهي !

سوال : جنهن جي هر ڳالهه سُٺي لڳي ! اُن کي ڇا چئبو ؟
جواب : اکين جا انڌا اُن کي محبوبه چون ٿا ۽ جيڪڏنهن اهائي محبوبه زال جو روپ وٺي وڃي ته سندس هر ڳالهه زهر لڳندي آهي.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سوال : صحيح جواب ڏيو! ڇوڪرين کي ڇوڪرن طرف راغب ڪرڻ وارو سبب مُحبت هوندي آ، دولت هوندي آ، جا مخالف جنسيت جي ڪشش ؟
جواب : دولت ۽ صرف دولت !

هڪ ڇوڪري پنهنجي ساهيڙي کي ٻُڌايو ته مُهنجي ڀيڻ شادي لا هڪ ڊاڪٽر کي پسند ڪيو آهي!
ڇا ڊاڪٽر دولت مند آهي ؟ سهيلي پُڇيس !
ته تُهنجو ڇا خيال آهي ! مُهنجي ڀيڻ صرف پنهنجي صحت جي ضمانت لا ڊاڪٽر سان شادي ڪئي هوندي ! ڇوڪريوراندي ڏنيس !

سوال : مايون معمولي معمولي ڳالهين تيروئينديون ڇو آهن ؟
جواب : اهو ئي هٿيار آهي جنهن جي ڪاٽ هوشمند ۽ عقلمند انسان کي مُڙس (سرتاج) بڻائي ٿي ڇڏي.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سوال : ماڻهون ساوا باغ ڇو ٿا ڏيکارين ! ڪارا (ڪالا) ، ڦڪا ۽ بلو باغ به ته ڏيکاري سگهن ٿا نه آ
جواب : ڀوڪ ! ڪالا باغ جو(ڊيم جي حوالي سان)ڪيترو چرچو آ ! وسري ويئي ڇا !

سوال : اڄ ڪلهه توهانجي خوابن ۾ ڪير پيو اچي ؟ ريما ! راني مُڪرجي ! ميڊونا ! يا مونيڪا !
جواب : آئون خواب گهٽ ! عمل ۾ گهڻو يقين ڪندو آهيان !

سوال : ڪارن زُلفُن کي ناگڻ سان تشبيهه ڇو ٿي ملي ؟
جواب : عورت ۽ ناگڻ ۾گهڻيون ڳالهيون هڪ جهڙيون آهن. اهوئي سبب آهي جو عورت جي ڪارن زُلفن کي ناگڻ سان تشبيهه ڏبي آهي ! نه ته پُڇ ته گهوڙي کي به ٿئي ٿو !
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سوال : توهان عورتن جي معاملي ۾ ڪاٽو خيال ڇو ٿا رکو! ڇا اهو سبب ته ڪونهين جو ڪنهن توهان سان بيوفائي ڪئي هُجي جنهنجو بدلو اوهان هر عورت کان پيا وٺو !
جواب : ڳالهه رُڳو بيوفائي جي ڪانهين ! سچائي جي به آهي ! ان سچائي جو اعتراف ته هر مظلوم شخص ٿو ڪري جنهن کي دُنيا (مُڙس) مٿي جو تاج (سرتاج) ٿي سڏي !

سوال : توهان ڪڏنهن ڪنهن ڇوڪري سان پيار ڪيو آهي يا نه سچ سچ ٻُڌايو؟
جواب : ڇوڪري جو پيار سلو پوائيزن زهر جيان آهي! جيڪو آهستي آهستي مرد کي قبر گهلي وڃي ٿو! اڃان ته مُهنجي جواني جي شروعات آهي ! ۽ آئون زندگي سان پيار ڪريان ٿو !
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سوال : ڪنهن سان دوستي ڪرڻي هُجي ته پهرئين ڇا ڪرڻ گهُرجي ؟
جواب : سندس نظرن (نگاهن) کي سڌو رکڻ جي ڪوشش ڪجي ! جيڪي هڪ ئي وقت ۾ ٻن ماڻهن کي غلط فهمي ۾ مُبتلا ڪري ڇڏيندي آهي.
ٽيڏي نظر جي تير جو ! زخم آ جگر تي جو پيو !
ڪنهن کان وڃي پو ، ڪرائجي اها مسيحائي دوستو !
 
سوال : جي توکي عاشقن جو سردار بڻايو وڃي ته پهريون ڪهڙو حُڪم صادر ڪندين !
جواب : اهو ته پاڻ کان سوا سڀني عاشقن کي ڀت ۾ چُڻائي ڇڏيان.

سوال : مرد کي جنت مان ڪڍائڻ واري به عورت ! انسان ذات جي پهرئين قتل جي ذميوار به عورت ! مرد پو به عورت سان پيار ڇو ٿو ڪري ؟
جواب : جيئن ڪهاڻي ۾ ديوانگي جي شروعات (انٽرو) ائين ئي ٿينوي آهي . ۽ اختتام (آخر ۾) بي لغام مرد ئي عورت جي هٿان انجام کي پُهچندو آهي !

رات جو آ وقت ! ۽ آ هي مسجد به ويجهي !
اُٿي پئو جلدي ! جو عملي پيغام آيو آهيان کڻي !
گهر ۾ فلحال آهن ! جيڪي به جوتا پُراڻا پيا !
وڃ بدلا اچ اُهي ! جو آئون به آيو آهيان بدلائي پنهنجو !

ڪم بخت دل به نه ٿي جو مڃي ! جوتا جو کڻي لڪايان !
ڊپ اٿم جو ايترو ! ته ڪٿي غائب ڪري تون به ڀڄي نه وڃين !
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سوال : خوش رهڻ جو آسان طريقو ٻُڌايو ؟
جواب : ٻين کي خوش رکو ! اوهان هميشه خوش رهندا !

سوال : خوشي ڪڏنهن ڏکن ۽ غمن ۾ تبديل ٿيڻ لڳندي آهي ؟
جواب : جڏنهن اُپت گهٽ ۽ ٻارن جو تعداد وڌڻ لڳندو آهي .

هڪ ڇوڪري چاهيو پئي ته پنهنجي گرل فرينڊ کي سندس سالگرهه تي ڪو خوبصورت تُحفو ڏي پر هُن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڪهڙو تحفو وٺي ! ان مسئلي جو هُن حل ائين ڳوليو ته پنهنجي ما کي پُڇي ته
ڇوڪرو : امان ! امان ! مثال تو 16 سالن جي ڇوڪري هُجين ته آئون توکي ڪهڙو تُحفو ڏيڻي ڪيان !
ما : (خوش ٿي ٿڌو ساهه کنيو) 16 سالن جي ٿيڻ کان وڌ مون لا ڪهڙو تحفو هوندو!
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سوال : آخر تون پاڻ کي ڪنوارو ڇو پيو ظاهر ڪرين ؟
جواب : ۽ تون مُهنجي ڪنواري پن کي وقت کان پهرئين مڙسيت (سرتاجيت) ۾ ڇو تبديل ڪرڻ تي زور پيو ڀرين !

سوال : سگريٽ، پان، تماڪ، نسوار ۽ چانهه ! الله جي پناهه توهان مردن جا ڪيترا فالتو خرچ آهن ؟
جواب : ان حقيقت جي مُنڪر ڇو آهي ته زيور ، نين ڊزائنن جا ڪپڙا، ٻُوٿن تي ليپڻ لا ڪاسميٽڪلس ! اهو بار به ويچارن مردن جي کيسي تي ٿو پوي!
 
Back
Top