سج لهڻ جو منظر ڏسي توهانجي وات ۾ لئاب ڇو ڀرجي آيو آ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
سوال : ڇا اهو سچ آهي ته جي دُنيا ۾ سڀ بيوقوف هُجن ها ته تون اُنهن جو سردار هُجين ها !
جواب : تُهنجي هوندي مُهنجي اها مجال !

ايبسٽريڪٽ آرٽ جي هڪ تصوري نمائش ۾ هڪ شخص ڪافي دير تائين هڪ تصوير جي سامهون بهي کيس ڏسندو رهيو ته مصور خوش ٿي ويجهو پُهتس
شخص : واهه ! خُوب واهه جي جاندار تصوير ٺاهي آهي توهان ! ڏسي وات ۾ پاڻي اچي ويو آهي !
مصور : (حيرت) سج لهڻ جو منظر ڏسي توهانجي وات ۾ لُئاب ڇو ڀرجي آيو آ !
شخص : اڇا ! الله جي پناهه ! هي سج لهڻ جو منظر آ ! مون سمجهيو ته بيدو (بيضو) بُوائل پيو ٿئي !
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
هڪ سرڪاري عمارت جون ڇت ويجهو دريون (روشندان) صاف ڪرڻ تي مامور شخص کان ڪنهن ٽي وي شو ۾ پُڇيو ويو ته اهي روشندان صاف ڪندي تو يقينن ڪي حيرت انگيز ۽ ناقابل يقين منظر به ڏٺا هوندا ؟
يقيناََ ! ان شخص جواب ڏنو ! اڄ جڏنهن سنڌ سيڪريٽريٽ جي پنجين منزل تي روشندان صاف ڪري رهيو هوس ته پريان هڪ اهڙي آفيس تي نظر پئي جنهن ۾ تقريباََ سڀئي ملازم ڪم ۾ رچل هُئا .
 
زال ۽ مڙس ڪنهن ڪار ۾ وڃي رهيا هُئا رستي ۾ هڪ گڏهه سامهون اچي بهي رهين ۽ کين بريڪ هڻڻي پئي بيٺل نظر آيل گڏهه کي ڏسي ! مُڙس مذاق ۾ زال کي چيو ته ڏس سامهون تُنهنجو ڪو مائٽ بيٺو آهي ! سلام ڪريس ته پاسي تي ٿئي !
پهرئين ته زال کي گهڻي بُڇان لڳي ۽ سندس چهري ته غضب ۽ ڪاوڙ جا آثار تري آيا لڳو پئي ته هاڻ وچ رستي تي ڪو تماشو ٿيڻ وارو آهي. پر پو عجيب منظر ٿيو ۽ زال ڪاوڙ کائي گڏهه طرف ڏسي چوڻ لڳي
ڏير صاحب ! سلام ! هاڻ جا ڏي ته لهي سينڊل سان نه ڪُٽيئين.
 
Back
Top