• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبردار! موالي ڪلچر وسيلي اتحاد بهاني درين ۽ درزن مان غير سنڌي قومن جي سنڌي وسيلن تي اشتراڪيت؟

Sindhi Media

سينيئر رڪن
موالي ڪلچر جي وسيلي کلندڙ درن ۽ درين جي درزن مان غير سنڌي قومون به داخل ٿي سنڌي وسيلن تي اشتراڪيت ڪري رهيون اهن
10296565_10203518310179196_7165103804482589074_n.jpg
1975071_10203518296338850_502337211805347121_n.jpg
1609711_10203518298338900_36439532274011016_n.jpg

ڏاتي ڏاهن ، سچن قلم ڪارن، حقيقي قوم پرستن، پائدار جهموريت جي دائين، حلال ۽ محنتي سرمايا ڪارن ، ميرٽ ڪامورن ۽ غير تعصبيت وارن عالمن ۽ عملي علم حاصل ڪرڻ وارن سنڌيت جي دعويدارن ، صحت ڏيندڙ مصيحن، روحي فنڪارن، پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا وسيلي کي استعمال ڪري قوم کي جهل مان ڪڍڻ وارن همدردن ۽ سنڌ جو حقيقي درد محسوس ڪري اڳتي وڌي اچڻ وارن کي اپيل :

صد افسوس جو گذسشته ٻن ڏهائين دوران وڏيرڪي، جاگيرداري، پيري مُريدي، رٿيل ڪامورا شاهي سازشن جي ڪري سنڌ ،مٿين پيشن ۾ اڃا تائين ڪو اهڙو سپوت پئدا نه ڪري سگهي آهي جنهن تي فخر ۽ مان ڪيو وڃي. سنڌ جي 90 سيڪڙو عوام کي زبردستي مُفلسي، لاچاري، بدبختي، بيوقوفي، بي علمي ۾ غرق ڪيو ويو اهي. سنڌ جا تعليمي ادارا پرائمريءَ کان يونيورسٽين تائين غير محنت ۽ ڪاپي ڪلچر جي عادت وجهي ، علم کان ميلن جا ميل ڏور ڪيو ويو آهي. اڄ ڪنهن به غريب يا وائيٽ ڪالر سنڌيءَ جو ٻار بمُشڪل پرائمريءَ کان وڌ تعليم نٿو حاصل ڪري سگهي جن ۾ نه صرف ڪتاب، پٽيون، سليٽون، ڪاپيون، اسٽيشنري، پينون، پينسلون مهنگيون ڪيو ويون آهن پر هن ۾ وڏيرن جي منشا ۽ مرضيءَ سان گوسڙو اُستاد ۽ ڪمدار به گهُسيڙيا ويا آهن جتي علم بجاءِ سُلفي، سگريٽ ،چرس، ڀنگ پيئڻ جي سکيا ڏني وڃي ٿي. سيڪنڊري، هاءِ ۽ پروفيشنل تعليم اول ته آهي ڪانه پر جي آهي به ته ايڏي ته مهنگي ڪئي وئي آهي جو صرف ڪنهن وڏيري، جاگيردار، راشي ڪاموري، سرمايا ڪار جو اولاد ئي پڙهي سگهي ٿو. هڪ سازش ڪامورا شاهي ۽ وڏيرا شاهي تحت ڪاپي ڪلچر اپنائي انهن کي ئي اي گريڊن ۾ پاس ڪيو وڃي ٿو ته جيئن اُهي ئي ادارن جا حاڪم بڻجن نه ڪه ڪنهن غريب ۽ وائيٽ ڪالر جو ڪو ٻار ۽ کين مُڪمل غلام رکيو وڃي.

سفارشي ڪلچر ۽ ميرٽ جو استحصال بلڪل عام آهي ۽ تمام صوبن جون نوڪريون ، ڪوڙا ڊوميسائل ڏئي ڪري به انهن ئي اولاد، رشتيدارن ۽ ڪاپي ڪلچر اي گريڊ ڊگريون وٺڻ وارن کي ئي ملن ٿيون ۽ علائقن لا بچيل نوڪرين کي علائقي جي ڪنهن ميرٽ غريب کي ڏيڻ بجاءِ انهن جي ئي ڇاڙتن ، نوڪرن ۽ مُنشين هٿان ڪامورن يا ڌارين قومن ۾ لکن ۾ وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. حيرت آهي ته مُفت جو مليل فارين اسڪالرون ۽ پوسٽون به واپس ٿين ٿيون پر هڪ حسد ۽ ساڙ ۽ احساس ڪمتريءَ تحت اهي راشي ڪامورا ، وڏيرا ۽ جاگيردار، ايم . اين. اي. ايم. پي اي. ۽ منسٽر، سيڪريٽريٽ جو راشي اسٽاف بجاءِ جو ميرٽ سنڌيءَ کي ڏياري، بيڪار يا واپس ڪريو ڇڏي. نتيجن انهن جو ادارن ۾ ڪاپي ڪلچر ۽ سفارشي ڪلچر تحت داخل ٿيندڙ غير ميرٽ آفيسرن ۽ ملازمن جي ڪري سنڌ جو نڪ ڪپايو وڃي ٿو جو هو ان پوسٽ تحت فنڪشن ڪرڻ جي قابل ئي ناهن. اهي پوسٽ گريجوئيٽ جيڪي ميرٽ جو استحصال ڪري کنيا ويا هڪ پرائمري شاگرد کان به لکت، پڙهت ۾ گهٽ آهن ۽ سنڌي قوم کي شرمسار ٿيڻو پوي ٿو.

خدارا پنهنجون سڀ ڪرتون، ڪاوشون، مصروفيتون ۽ اڇا ڪارا ڪم ڇڏي هاڻ سنڌي قوم جي بقا ۽ معاشري جو فڪر ۽ جانچ ڪري اُپاءَ وٺو جنهن کي مُڪمل تباهيءَ طرف پُهچائڻ جون بين الاقوامي سازشون تيار ٿي عمل پذير ٿي رهيون آهن ۽ توهانجي قوم کي علمي، سماجي، معاشي ۽ طبي طور مُڪمل اپاهج بڻايو ويو آهي. ۽ سنڌ جي وسيلن ، ادارن، بهترين پروفيشنل ڪاليجن، يونيورسٽين، ميڊيا چينلن، اخبارن، رسالن ۽ سڻنڀين، نوڪرين تي ميرٽ جو استحصال ڪري آساني سان قبضو ڪيو ويو آهي. توهانجي نئين نسل تي هڪ پلاننگ تحت هر طرح سان ڪاري ضرب پُهچائي پئي وڃي. ۽ موالي ڪلچر انهن سڀني ادارن تي مُڪمل قابض آهي جنهن سان مذهبي تفريقي جي بدبوءَ به ڦهلجي رهي آهي ۽ موالي ڪلچر جي وسيلي کلندڙ درن ۽ درين جي درزن مان غير سنڌي قومون به داخل ٿي سنڌي وسيلن تي اشتراڪيت ڪري رهيون اهن ۽ عام سنڌي تاڙيون پيو وڄائي.

دوستو! جيئن ته ٻُنيادي طور سنڌي معاشرو ٽن حصن ۾ پکڙيل آهي جهڙوڪ 80 سيڪڙو مُفلس غريب ۽ لاچار 10 سيڪڙو ڪامورا ۽ 10 سيڪڙو وڏيرا ۽ جاگيردار. غريبن جو 80 سيڪڙو وري وڌيڪ ٽن وڌيڪ حصن ۾ تقسيم ڪيل آهي 60 سيڪڙو انتهائي مُفلس ۽ لاچار وڏيرن جا غلام ۽ پير چٽي اڳتي وڌندڙ، وڏيرن لاءِ جُرم ڪندڙ، چرس، ڀنگ ۽ هيروئن جا موالي ۽ نشن جا عادي اوتارُن ۾ پوريل ،30 سيڪڙو وائيٽ ڪالر جنهن ۾ 25 سيڪڙو وڏيرن جي بقا لاءِ ڪم ڪن ٿا. اُهي به نشائي شراب و شباب ۾ غرق ٿي اهي ڪوڌا ڪم ڪن پيا. خدارا پنهنجي قوم ۽ موالي ٿيندڙ جنريشن کي کي مزيد 7000 سالن جي غلاميءَ کان بچايو. ڪاپي ڪلچر، سفارشي ڪلچر ۽ بلخصوص موالي ڪلچر کان جان ڇڏرايو ۽ سنڌ بچايو.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
SAVE SINDH & SINDHI, SINDHI INSTITUTIONS FROM MAWALI IZM & CULTURE DOMINATING NOW FULLY & SINDHI YOUTH ARE INDULGED BADLY.
سنڌي وڏيري ، جاگيردار، پير، مير شاهه، رئيس، ڪانڀو خان، ۽ ڀوتارن کا اپيل :
ٺيڪ آ !جي پئسي ۽اثر رُسوخ جي آڌار تي ،علائقي جي ميرٽ سنڌيءَ جو استحصال ڪري، ڪاپي ڪلچر، اثر رسوخ ۽ سفارشي ڪلچر تحت توهان پنهنجي اولادن کي ڊاڪٽر، انجنيئر، وغيره ڪرايو ٿا ته هو اهو ڪم به ته ڪن! نه ڪي انهن ٺليون ڊگريون رکي آفيسريءَ جا شوق پورا ڪن. پوليس ۾ ايس.پي ، سي. ايس آفيسر ٿي ڪرائيم تي منٽرول ڪن نه ڪه ڪرمنل ۽ ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪري رُشوت، ڏاڍ ۽ ظلم سان رُڳو پئسو ڪمائين. ايترو پئسو ڪيڏانهن ڪندئو جنهن کي ڳڻي به نٿا سگهو ۽ توهان جا پير چٽيندڙ غريب عوام بُک ۽ بيروزگاريءَ ۾ ڪوڌا ڪم پيو ڪري. يا ڪسٽم، ۾ ڪمشنر، اي.سي. ڊي سي. ٿي يا ننڍين ڪورٽن ۾ جج يا ايئرلائين ۽ بهترين اداري ۾ اعليءِ تعليم وٺرائي، سڻڀي نوڪري ڏياري حاصل ڪري به آڱوٺي ڇاپ ڇو ؟ گهُسيا آهيو نوڪري ڪرڻ ته هو ڪرت ۽ ڪم سکو به ته ۽ انهن پيشي جي شان موجب ڪم به ته ڪن ته جيئن سنڌ جو ڳاٽ اوچو ٿئي .پر هو ته اُتي ڪرپشن، نا انصافي، پيشي اپنائڻ بجاءِ ٺلي آفيسري ، ڪري سنڌي قوم جو نڪ پيا وڍائين. خدارا اُنهن کي ان پروفيشن ۾ گهڙي ڪم ڪرڻ جي اجازت به ڏيو! نه ڪه اُتي به وڏيرڪي ڪيو ويٺا آهن ، ڊاڪٽر آهن ته اهو پيشو ڪن نه ڪه ليڊر يا ٻني ٻاري ۾ پاڻ استعمال ٿي اهڙيون اهم پوسٽون وڃائين ته وڃي پنهنجي علائقي ۾ خدمت به ڪن. جي وڏيرڪي ۽ ليڊري ڪرڻي آهي ته پوءِ اهي پروفيشنل ڊگريون حقدارن لاءِ ڇڏيو ته سنڌ امڙ جي خدمت ڪن جي توهان کان نٿو پُڄي ته. سياست يا ٻني ٻارا سنڀالڻا آهن ته يار وڃي پرائيويٽ بي. اي. ايم اي ڪريو .
 
موالي ڪلچر جي وسيلي کلندڙ درن ۽ درين جي درزن مان غير سنڌي قومون به داخل ٿي سنڌي وسيلن تي اشتراڪيت ڪري رهيون اهن
10296565_10203518310179196_7165103804482589074_n.jpg
1975071_10203518296338850_502337211805347121_n.jpg
1609711_10203518298338900_36439532274011016_n.jpg

ڏاتي ڏاهن ، سچن قلم ڪارن، حقيقي قوم پرستن، پائدار جهموريت جي دائين، حلال ۽ محنتي سرمايا ڪارن ، ميرٽ ڪامورن ۽ غير تعصبيت وارن عالمن ۽ عملي علم حاصل ڪرڻ وارن سنڌيت جي دعويدارن ، صحت ڏيندڙ مصيحن، روحي فنڪارن، پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا وسيلي کي استعمال ڪري قوم کي جهل مان ڪڍڻ وارن همدردن ۽ سنڌ جو حقيقي درد محسوس ڪري اڳتي وڌي اچڻ وارن کي اپيل :

صد افسوس جو گذسشته ٻن ڏهائين دوران وڏيرڪي، جاگيرداري، پيري مُريدي، رٿيل ڪامورا شاهي سازشن جي ڪري سنڌ ،مٿين پيشن ۾ اڃا تائين ڪو اهڙو سپوت پئدا نه ڪري سگهي آهي جنهن تي فخر ۽ مان ڪيو وڃي. سنڌ جي 90 سيڪڙو عوام کي زبردستي مُفلسي، لاچاري، بدبختي، بيوقوفي، بي علمي ۾ غرق ڪيو ويو اهي. سنڌ جا تعليمي ادارا پرائمريءَ کان يونيورسٽين تائين غير محنت ۽ ڪاپي ڪلچر جي عادت وجهي ، علم کان ميلن جا ميل ڏور ڪيو ويو آهي. اڄ ڪنهن به غريب يا وائيٽ ڪالر سنڌيءَ جو ٻار بمُشڪل پرائمريءَ کان وڌ تعليم نٿو حاصل ڪري سگهي جن ۾ نه صرف ڪتاب، پٽيون، سليٽون، ڪاپيون، اسٽيشنري، پينون، پينسلون مهنگيون ڪيو ويون آهن پر هن ۾ وڏيرن جي منشا ۽ مرضيءَ سان گوسڙو اُستاد ۽ ڪمدار به گهُسيڙيا ويا آهن جتي علم بجاءِ سُلفي، سگريٽ ،چرس، ڀنگ پيئڻ جي سکيا ڏني وڃي ٿي. سيڪنڊري، هاءِ ۽ پروفيشنل تعليم اول ته آهي ڪانه پر جي آهي به ته ايڏي ته مهنگي ڪئي وئي آهي جو صرف ڪنهن وڏيري، جاگيردار، راشي ڪاموري، سرمايا ڪار جو اولاد ئي پڙهي سگهي ٿو. هڪ سازش ڪامورا شاهي ۽ وڏيرا شاهي تحت ڪاپي ڪلچر اپنائي انهن کي ئي اي گريڊن ۾ پاس ڪيو وڃي ٿو ته جيئن اُهي ئي ادارن جا حاڪم بڻجن نه ڪه ڪنهن غريب ۽ وائيٽ ڪالر جو ڪو ٻار ۽ کين مُڪمل غلام رکيو وڃي.

سفارشي ڪلچر ۽ ميرٽ جو استحصال بلڪل عام آهي ۽ تمام صوبن جون نوڪريون ، ڪوڙا ڊوميسائل ڏئي ڪري به انهن ئي اولاد، رشتيدارن ۽ ڪاپي ڪلچر اي گريڊ ڊگريون وٺڻ وارن کي ئي ملن ٿيون ۽ علائقن لا بچيل نوڪرين کي علائقي جي ڪنهن ميرٽ غريب کي ڏيڻ بجاءِ انهن جي ئي ڇاڙتن ، نوڪرن ۽ مُنشين هٿان ڪامورن يا ڌارين قومن ۾ لکن ۾ وڪرو ڪيون وڃن ٿيون. حيرت آهي ته مُفت جو مليل فارين اسڪالرون ۽ پوسٽون به واپس ٿين ٿيون پر هڪ حسد ۽ ساڙ ۽ احساس ڪمتريءَ تحت اهي راشي ڪامورا ، وڏيرا ۽ جاگيردار، ايم . اين. اي. ايم. پي اي. ۽ منسٽر، سيڪريٽريٽ جو راشي اسٽاف بجاءِ جو ميرٽ سنڌيءَ کي ڏياري، بيڪار يا واپس ڪريو ڇڏي. نتيجن انهن جو ادارن ۾ ڪاپي ڪلچر ۽ سفارشي ڪلچر تحت داخل ٿيندڙ غير ميرٽ آفيسرن ۽ ملازمن جي ڪري سنڌ جو نڪ ڪپايو وڃي ٿو جو هو ان پوسٽ تحت فنڪشن ڪرڻ جي قابل ئي ناهن. اهي پوسٽ گريجوئيٽ جيڪي ميرٽ جو استحصال ڪري کنيا ويا هڪ پرائمري شاگرد کان به لکت، پڙهت ۾ گهٽ آهن ۽ سنڌي قوم کي شرمسار ٿيڻو پوي ٿو.

خدارا پنهنجون سڀ ڪرتون، ڪاوشون، مصروفيتون ۽ اڇا ڪارا ڪم ڇڏي هاڻ سنڌي قوم جي بقا ۽ معاشري جو فڪر ۽ جانچ ڪري اُپاءَ وٺو جنهن کي مُڪمل تباهيءَ طرف پُهچائڻ جون بين الاقوامي سازشون تيار ٿي عمل پذير ٿي رهيون آهن ۽ توهانجي قوم کي علمي، سماجي، معاشي ۽ طبي طور مُڪمل اپاهج بڻايو ويو آهي. ۽ سنڌ جي وسيلن ، ادارن، بهترين پروفيشنل ڪاليجن، يونيورسٽين، ميڊيا چينلن، اخبارن، رسالن ۽ سڻنڀين، نوڪرين تي ميرٽ جو استحصال ڪري آساني سان قبضو ڪيو ويو آهي. توهانجي نئين نسل تي هڪ پلاننگ تحت هر طرح سان ڪاري ضرب پُهچائي پئي وڃي. ۽ موالي ڪلچر انهن سڀني ادارن تي مُڪمل قابض آهي جنهن سان مذهبي تفريقي جي بدبوءَ به ڦهلجي رهي آهي ۽ موالي ڪلچر جي وسيلي کلندڙ درن ۽ درين جي درزن مان غير سنڌي قومون به داخل ٿي سنڌي وسيلن تي اشتراڪيت ڪري رهيون اهن ۽ عام سنڌي تاڙيون پيو وڄائي.

دوستو! جيئن ته ٻُنيادي طور سنڌي معاشرو ٽن حصن ۾ پکڙيل آهي جهڙوڪ 80 سيڪڙو مُفلس غريب ۽ لاچار 10 سيڪڙو ڪامورا ۽ 10 سيڪڙو وڏيرا ۽ جاگيردار. غريبن جو 80 سيڪڙو وري وڌيڪ ٽن وڌيڪ حصن ۾ تقسيم ڪيل آهي 60 سيڪڙو انتهائي مُفلس ۽ لاچار وڏيرن جا غلام ۽ پير چٽي اڳتي وڌندڙ، وڏيرن لاءِ جُرم ڪندڙ، چرس، ڀنگ ۽ هيروئن جا موالي ۽ نشن جا عادي اوتارُن ۾ پوريل ،30 سيڪڙو وائيٽ ڪالر جنهن ۾ 25 سيڪڙو وڏيرن جي بقا لاءِ ڪم ڪن ٿا. اُهي به نشائي شراب و شباب ۾ غرق ٿي اهي ڪوڌا ڪم ڪن پيا. خدارا پنهنجي قوم ۽ موالي ٿيندڙ جنريشن کي کي مزيد 7000 سالن جي غلاميءَ کان بچايو. ڪاپي ڪلچر، سفارشي ڪلچر ۽ بلخصوص موالي ڪلچر کان جان ڇڏرايو ۽ سنڌ بچايو.

جنگ جنگ جنگ آ،
منهنجي توسان جنگ آ،
پليت پير ڪر پري،
هيءَ ڌرتي منهنجي ننگ آ....!

سُتا اُٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري....!!!

سنڌيو سجاڳ ٿيو، پنهنجي دنگن جي حفاظ پـــاڻ ڪريو....!

الله ايئن مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هئي ســـــنـــڌ ۽ ســـــنـــڌ وارن جي ٻولي......!!!

جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ، پوء منهنجي توکان دوري آ.......

منهنجي محبت يا نفرت جو مَحَوَر صرف ۽ صرف سنڌ آهي(سائين جي ايم سيد)

Back
Top