• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هاءِ ڙي غريب سنڌي! توسان هي پنهنجن جا ڪيس! حالانڪ تون غلام رهي به خدمت ڪندو رهئين!

Sindhi Media

سينيئر رڪن
EDUCATE SINDH (YOU SHOULD HAVE ONLY THIS CAUSE TODAY)
10277367_10203542897633867_6557314110179643779_n.jpg

سنڌ جي تاريخ ۾ شايد اهو تعليمي منسٽر به دادوءَ جو هو جنهن آخري ڪاريءَ وارو وار ڪري سنڌ ۾ تعليمي نظام کي مُڪمل تباه و برباد ڪري سنڌي قوم کي جهالت جي اونداهين ۾ ڌڪيلي موالي ڪري ڇڏيو. خبر ناهي ته ان منسٽر کي سنڌ جي ماڻهن کان ڪهڙو انتقام وٺڻو هو. جيڪي ويچارا اڳ ۾ ئي پيري مُريديءَ جي سحر هيٺ صدين کان سندن غلام بڻندا آيا آهن. تن سنڌي قوم ۾ اهو غلام ڪرڻ جو سحر ڦوڪڻ لاءِ اهڙا درباري ڏاها، اديب، ليکڪ، شاعر، قلم ڪار به پي رول تي رکيا آهن ته هو غريب ۽ معصوم سنڌيءَ کي اهو ئي پيري مُريديءَ جو درس ڏئي وڏيرن جو غلام بڻائي رکي. ونگار تي پورهو ڪرائي. حالانڪه اسلامي اعتبار ۽ فنڊامينٽل رائيٽس تحت به سڀ انسان آزاد ۽ برابر آهن.نبي سائين صلي الله عليه وسلم جي آخري خطبي تحت نه ڪنهن عرب کي عجم تي ، نه ڪنهن عجم کي عرب تي، نه ڪاري کي گوري تي، نه گوري کي ڪاري تي ڏات آهي. ڏات آهي ته صرف پرهيزگار کي. ۽ ڪو پرهيزگار موالي، چرسي، ڀنگ، شراب، آفيم کائندڙ ته نٿو ٿي سگهي. سنڌ باب الاسلام رهي آهي ۽ اسلام جو مرڪز مڪو ۽ مدينو رهيو آهي ۽ مُسلمانن جو به رُڳو اهيو ئي مرڪز آهي. ته سائين ڏهائين کان سنڌي مُسلمانن کي ان مرڪز کان ٿيڙن جي بيروني سازش ٿي رهي آهي ۽ اهو ته تڏنهن ئي ممڪن هو جڏنهن انهن کي مُفت نشو واپرائڻ جي ترغيب ڏئي موالي ڪيو وڃي. ۽ سازشن تحت الله جي نيڪ بندن ۽ پاڪ جڳهين، بُزرگن، درويشن، اوليائن جي مزارن تي موالين جا آستانا پڻ ٺاهيا ويا. جيڪي اڄ به ڏسي سگهجن ٿا. ڇو جو سنڌي ماڻهون جن وٽان پوري دُنيا ۾ اسلام ڦهليو ورغلائڻ جو ٻيو ڪو آسان طريقو ڪونه هو ۽ اُنهن کي جيڪي هڪ مُحمد عربي صلي الله عليه وسلم ۽ اُنهن جي اصحاب سڳورن سان مُحبت ۽ عقيدت رکندڙ هُئا سي اُن سائينءَ جي انهن ولين، بُزرگن، درويشن جي حوالن سان ئي گهيري سگهجن ها. ته سائين هُنن اهڙن نالي ماتر گهوسڙو اُستادن ۽ ڇاڙتن جي سرپرستيءَ ۾ پرائمري اسڪولن کي (سرڪاري خرچ تي ٺهيل وڏيرن جون اوطاقون يا مينهن جا وٿاڻان) وڏيرن جي مڪمل اوطاق ۾ بدلائي ڇڏيو. جنهن ۾ يا ته تالا آهن، يا گڏهه ٻڌل يا موالين جون آرام گاهون پر غريب سنڌي لاءِ نه تعليم ۽ نه ئي اُستاد ها موالي ڏسي سگهجن ٿا. . ارباب غلام رحيم جي دئور ۾ شروع ٿيندڙ اهو ظلم جتي پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ ڀنگ ، چرس ۽ موالي ڪلچر جي وڌيڪ ترغيب ٿي ڇو جو مارشلائي حڪومتون سنڌيءَ کي ناڪاره، ڄٽ، جاهل، اڻ پڙهيل ۽ ڪمزور غلام بڻائڻ جي مشن تي هُيون . هن منسٽر به ان جي مشن کي ختم ڪرڻ بجاءِ پايه تڪميل پُهچائي ڇڏيو. نتيجن ان ڏهائيءَ کان شروع ٿيندڙ نئين سنڌي جنريشن کي ڏسو! موالي ڪلچر ڪري گهڻي ڀاڱي فرد بي ادب، بي لحاظ، سُست، ڪاهل، ڪم چور، آرام پسند، ٻٽاڪي، ٽرڙا، شوشي باز، راشي،چور، ادارن ۾ چوري ڪري کائيوڌن پيا ڇو جو نشي لت لاءِ هاڻ پئسا گهرجن ۽ اُهي ڪير محنت ڪري ڪمائي، وڏيرو ته شروع ۾ مفت ورهائي عادت وجهي هليو ويو. ته سنڌ وارن کي موالي ڪلچر واري تعليم ڏئي غريب سنڌين کي مفلوج ۽ اپاهج ڪيو ويو آهي. نه صرف اهو پر هڪ رٿيل سازش تحت اعليٰ تعليم به ايتري ته مهنگي ڪري ڇڏي جو اڄ جو غريب سنڌي عوام ۽ غريب سنڌي شايد ئي هاڻ پنج درجا تعليم حاصل ڪري سگهي. جڏنهن ته سيڪنڊري ۽ اڳتي واري پروفيشنل تعليم جهڙوڪ ميڊيڪل، انجنيئرنگ، قانون وغيره جهڙين پروفيشلن تعليمن کي مهنگو ڪيو ويو جيئن عام غريب سنڌيءَ جي اُن تي رسائي نه ٿئي ۽ صرف اُها راشي ڪامورن، سرمايادارن ، جاگيردارن، وڏيرن، پيرن، ميرن شاهن جي اولد لاءِ ئي مخصوص ڪئي وئي ، ظاهر آهي ته سنڌ جو عام ماڻهون مهنگائي، مفلسيءَ جي ڪري ٻه ويلا ماني ۽ پنجن سالن ۾ به هڪ وڳو نٿو وٺي سگهي سو اها لکن جي داخلا ۽ ماهانا في (اُها به سال جي اڳواٽ) ۽ ڪتاب، پوشاڪ واري تعليم ڪيئن ٿو حاصل ڪري سگهي. ۽ اها ته وياجي، ذخيرا اندوزي ڪرڻ وارا، وڏيرو ئي يا راشي عملدار، ڪامورا ئي پرائي سگهن ٿا، جيڪي پئيسي ڏوڪڙ ۽ ڪاپي ڪلچرجي آڌار تي ۽ اثر روسوخ تي ميرٽ سنڌيءَ کي ڌڪيلي، اُها تعليم اي گريڊ نالي تي حاصل ڪري ٿو پر تنهن هوندي به ڪنهن به سبجيڪٽ جي ڏات کيس ٻُڙي هُجي ٿي ۽ پوءِ انهن ٻُڙي ڏات سرمائيدارن جي اولد لاءِ ئي سنڌ ۽ فيڊرل جون سڻڀيون نوڪريون ۽ ترقيون هُجن ٿيون ۽ اهڙي طرح ميرٽ جو خاتمون ڪري ان دادوءَ جي منسٽر سنڌي قوم جي 80 سيڪڙو غريب آباديءَ کي جاهل ۽ موالي بڻائڻ ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي ۽ کين وڏيرن جي پُڇ ۾ لٽڪڻ تي مجبور، پيرن ، شاهن ۽ ميرن جو غلام ٿي انهن جي سفارش سان ئي اڳتي وڌڻ جو درس ڏنو. ٻاهر جون مليل اسڪالرون اجايون ڪيون پيون وڃن پر ميرٽ ۽ غريب سنڌيءَ کي نه پيون ڏنيون وڃن متان هو وڏيرن کان ڪنڌ اوچو ڪري هلي. شايد سنڌ جي ايندڙ تاريخ ۽ جاهل عوام جي پروڊڪشن ڪرڻ تي، ارباب غلام رحيم ۽ ان دادوءَ جي تعليمي منسٽر کي ڪڏنهن به معاف نه ڪري. هُئڻ ته ائين کپي ها ته ايمرجنسي نافذ ڪري انٽر تائين سنڌ جي تعليم لازمي ۽ بلڪل مُفتڪئي وڃي ها ۽ مهنگا درسي درسي ڪتاب به يا مُفت ڏئي سگهجن ها يا لائبرين ۾ وڌا وڃن ها. سنڌي ٻولي جو نئون سيلبس سنڌ کي تباهه ڪري ويو، سليس سنڌي ۽ سنڌي پٽي ۽ ٻوليءَ کي بدلايو ويو. اها سنڌي جيڪا ايتري آسان ڪئي وئي ته انگريز سنڌي سکي ڪم آڻي مُشڪل ڪئي وئي. گهرجي ها ته سنڌين کي موالي ڪلچر کان ڌڪيلي علمي ماحول پُهچائجي ها پر سنڌ جو وڏيرو، پير، شاه اهو ڇو چاهيندو، جنهن غريب سنڌين کي نشي جي علت ڏياري موالي ۽ صدين لاءِ اپاهج مُريد ڪري پنهنجو غلام بڻائي رکيو آهي. اُهو اهو ڇو چاهيندو ته 80 سيڪڙو غريب سنڌي سنڌ جي وسيلن تي قابض رهي. هو ته چاهيندو ته ڀلي سنڌي يا موالي رهي يا ڌاڙيل ۽ چور يا راشي رهي ۽ سندس حفاظت ڪري. بحر حال اڃا به وقت ناهي ويو! سنڌي قوم کي نثار کهڙي جي شڪل ۾ تعليمي منسٽر مليو آهي جنهنجي صلاحيتن سان سنڌي قوم کي اونداهيءَ مان ڪڍي سگهجي ٿو. ايمرجنسي لڳائي سنڌي ۾ لازمي انٽر تائين تعليم مُفت ڪتابن ۽ ٻين مُفت سهولتن سانعام ڪري سگهجي ٿي. لازمي تعليم ئي سنڌ ۽ سنڌي قوم کي بچائي سگهجي ٿو. ميرٽ ۽ غريبن لاءِ پروفيشنل تعليم به مُفت يا سستي ڪري کين دُنيا سان مُقابلي لاءِ اڳتي آني هڪ باشعور تعليمي معاشرو ڏئي سگهجي ٿو. هن وقت صرف ۽ صرف تعليم جي گهڻي ۾ گهڻي بجٽ رکي سنڌ ۽ سنڌيءَ کي بچائي سگهجي ٿو. جي بجٽ جو پرابلم هُجي ته سنڌي وڏيرن، پيرن، ميرن، ڪامورن ۽ بيروڪريٽس، واپارين، سرمايا دارن تي اسپيشل تعليمي ٽيڪس هڻي.سگهجي ٿو. اچو ته ملي سنڌ مان موالي ڪلچر جو خاتمون آڻيون ڇو جو ان کان سواءِ ٻي ڪا به واهه ڪانهين ۽ ڇو جو جنريشن تيزيءَ سان مولائي يا موالي ڪلچر پئي اپنائي. ادارن، چئنلن ۾ به اُنهن کي اڳيان پيو آندو وڃي جيڪي موالي يا پيالي ڀائي آهن ۽ اهو سڀ تڏنهن ممڪن آهي جو اسان سنڌ ۾ بزرگن، اوليائن ۽ ولين جي مزارن وٽ قائم موالين جا مرڪز ۽ اوتارا بند ڪريون ۽ سنڌي قوم ۽ آئينده نسل، ۾ ميرٽ اديب، شاعر، ليکڪ، قلم ڪار، فنڪار، بيوروڪريٽ بچايون ته هو سنڌ جي بقا جا مشن ۽ پلاننگ تيز ڪري سنڌي قوم جي رهنمائي ڪري اڳتي کڻي هلي ۽ قوم کي جبر، ظلم، ڏاڍ ۽ موالي ڪلچر کان مڪمل نجات ڏياري.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سُتا اُٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري....!!!

سنڌيو سجاڳ ٿيو، پنهنجي دنگن جي حفاظ پـــاڻ ڪريو....!

الله ايئن مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هئي سـنڌ ۽ سـنڌ وارن جي ٻولي......!!!

جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ، پوء منهنجي توکان دوري آ.......

منهنجي محبت يا نفرت جو مَحَوَر صرف ۽ صرف سـنـڌ آهي(سائين جي ايم سيد)

ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي،
نـــوجــوان سـاٿـيو، ســـنڌ جـا وارثو!
 
Back
Top