هڪ شخص ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هو ۽ ڪافي شهرت حاصل ڪيائين. هڪ ڏينهن هڪ بدصورت پوڙهي عورت کيس ڪنهن شادي جي تقريب ۾ ملي جنهن کي عورتن ٻُڌايو ته شهر جو مشهور ڪوڙو به هتي آيل آهي. هو اڇي ان ڪوڙي شخص سان ملي ۽ پُچڻ لڳيس پوڙهي : ابا ! الله ڀلو ڪنئي ! هتي هال ۾ ته سڀئي تُهنجو چرچو پيا ڪن ته تون ڪاپاڙي ڪوڙو آهين ! شخص : (ادب سان) اي قابل احترام حسين عورت ! حيرت آ توهان به دُنيا وارن جو عجيب وغريب ڳالهيون پيا ڪريو ! جنهنتي مان ڌيان ئي ڪونه ڏيان ! ها البته توهانکي ڏسي حيرت جو شڪار ضرور ٿيان پيون! پوڙهي : اهو ڪيئن ! شخص : اهو ائين ته اوهان جي ايتر عمر ۽ هي خوبصورتي ! قسم کائي چئي سگهان ٿو ۽ جُرات سانم ٻُڌائي سگهان ٿو هن محفل وارن کي ته مان شايد ئي ڪا توهان جهڙي حسين عورت ڏٺي هُجي ! عورت پاڻ پڏجي مُسڪرائي ٿي پوڙهي : ها ابا ! هي دُنيا وارا به ڏاڍا ظالم، ڪوڙا ۽ سنگدل آهن ! جو ڪنهن چڱي ڀلي سچي ماڻهون کي خوامخواه بدنام ڪندا وتن ! هاڻ ته مُهنجو به ايمان آ ته درحقيقت ! ٻين کي ڪوڙا چوڻ وارا درحقيقت پاڻ ئي ڪوڙا هوندا آهن.