ملوڪ پنهنجي ماءُ سان نيويارڪ امريڪا ۾ رهندو هو پيڊي ملوڪ جي ماءُ جو پاليل ڪُتو هو جنهن کي روڊ تي ڪا ڪار ان وقت چيڀاٽي وئي جڏنهن ملوڪ پيڊي کي وٺي سير ڪرڻ ويو هو . گهر اچي ملوڪ همٿ کان ڪم ورتو ۽ پنهنجي ماءُ کي ٻُڌائڻ لڳو جيڪا ڪچن ۾ ماني ڪُنو ڪري رهي هُئي ملوڪ : ساري ممي ! پيڊيءَ کي ڪار چيڀاڙي وئي ! ماءُ ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪرڻ بجاءِ اڻ ٻُڌو ڪري ٻوڙ جو ديڳڙو گئس چُلهه تان لاهڻ لڳي پوءِ ٻنهين ماءُ پُٽن گڏجي ماني کاڌي. ماني کائڻ کان پوءِ ماءُ ڀر ۾ رهندندڙ ڪنهن پاڪستاني ساهڙيءَ جي گهر هلي وئي جڏنهن واپس آئي ۽ گهر ۾ پيڊيءَ کي ڪونه ڏٺائين ته کيس اهو ڪتو ياد آيو! ماءُ : ملوڪَ ! او ابا ملوڪ َ ! ٻچا پيڊيِ کي وٺي آ ! ڪُجهه کائي وٺي ! ملوڪ : (اچي) ممي ! مون توهنکي لنچ مهل ٻُڌايو ته هو ته پيڊيءَ کي ڪار چيڀاڙي هلي وئي ! ماءُ اهو ٻُڌي اچي رُئڻ ۾ لڳي ۽ هچڪيون بيهنس ئي نه ملوڪ کيس تسلي ڏيڻ لڳو، جڏنهن هچڪيون گهٽ ٿيس ته ملوڪ چيس ملوڪ : تعجب آ ممي ! جڏنهن ٻنپهرن جو مون توهانکي پيڊيءَ جي ايڪسيڊنٽ جو ذڪر ڪيو ته توهان تي اثر ئي ڪونه ٿيو هو! ماءُ : مون سمجهيو ڪون هو ٻچا ! مون سمجهيو تون چين پيو ته ! ممي ! ڊيڊيءَ کي ڪار چيڀاڙي وئي آهي.