• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اچو ملي سنڌ کي موالي ڪلچر کان آزاد ڪرايون! ايوارڊ يافته سنڌي ڏاهن کي اپيل

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
اپيل اُنهن سنڌي سپوتن کي جيڪي سنڌيت نالي پنهنجي ڪاوشن تي انعام، ايوارڊ، واڌايون، سرٽيفڪيٽ وٺي نالي وارا ٿي چُڪا آهن.
402404_301181279931415_439246532_n.jpg


اي سنڌ جا ايوارڊ يافته جوڌئو! سنڌيت جي نالي تي انعام اڪرام وٺندڙئو! سنڌيت جي پروموشن تي نالي وارا ٿيندڙو! هاڻ وقت اچي ويو آهي ته سنڌيت جو قرض لاهيو! هڪ لائين، هڪ نظم، هڪ ايڪٽ، هڪ ڪتاب، هڪ پروگرام تي سنڌ توهانکي ناليوارو ڪيو ۽ توهانجون سموريون خواهشون پوريون ڪيون! توهان جا پيٽ ڀريا، پبلسٽي ٿي ته اڄ اها سنڌ مصيبت ۾ آهي توهانکي پُڪاري ٿي ۽ توهان بند گلين ۾ اڃان هڪ ڪاوش وسيلي ايوارڊ وٺي رُڳو پنهنجي واکاڻ لاءِ وڌندا پيا وڃو. اڄ سنڌ سڳوري توهان جي مُحبت، وفا، سچائيءَ جو انعام ٿي گهُري. جتي به آهيو، ڇا به آهيو، سنڌ ڪري آهيو ته ڪڻو ڪڻو ٿي واپس مڙو اڄ ڪي سازشي، چالاڪ ماڻهون، پنهنجي اهڙي علت جي پروموشن ڪندڙ وڏيرن، ڪامورن، پيرن، ميرن، شاهن، ريسن، جاگيردارن، توهان جي سنڌ جي نئين نسل ۽ جنريشن کي موالي بڻائڻ جي پلاننگ رٿي آهي ۽ سموري سنڌ نشائي بڻائي اپاهج، سست ڪاهل، ڪم چور ڪري رهيا آهن. اڄ توهانجو اهو پڙهيل لکيل ڊگري يافتا نسل به نشي جي علت کان بچيل ناهي .اڄ ادارن ۾ سنڌي چنلن ۾، محفلن ۾، ٻين پروگرامن جي لالچن ۾ اچي سنڌي نشاي بڻايو پيو وڃي ته جيئن هو علم، عقل، فهم کان ڏور هلي هنن وڏيرن جي غلاميءَ ۾ اچي. اڄ هي سنڌ ۽ سنڌي دشمن توهانجي نسل کي پهرين مفت نشائي ڪرائي، پوءِ نشي جي ڪري کين هر پروگرام ۾ ترقي ڏئي اڳيان پيا آڻين. اڄ توهانجو مڪمل نسل بلڪل جاهل موالي بڻايو پيو وڃي. جنهنکي سڀاڻ هي ضرور ڪنهن مذهبي جنگ ۾ جهوٽي ڇڏيندا ۽ موالي بغير سوچ، سمجهه، عقل فهم ۾ لبيڪ چئي گهڙي پوندا. اڄ توهان جي اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ، ادارن، انسٽيٽيوٽن ۾، ميڊيا ۾ گهڻي ڀاڱي ۽ سنڌي چئنلن تي خاص. نشائي ۽ مواليءَ جي پروموشن ڪري اڳتي آندو پيو وڃي. اڄ توهان ۾ ڪاپي ڪلچر، سفارشي ڪلچر کي گهٽي ڏئي وڌو ويو آهي ته جيئن توهان هميشه ڀوتارن جا غلام ٿي انهن جا پير چٽيو ۽ سندن درباري اديب، شاعر ليکڪ، ڏاها بڻجي انهن جي ڍال بڻجو. ته نڪرو ۽ خدارا هوش ڪريو! پنهنجي چوڌاري واري نشائي ماحول کان سنڌ جي جان آجي ڪرايو هن سنڌ جي جنهن توهانکي اڄ اها حيثيت ڏني آهي. جو اوهان نالي وارا بڻيا آهيو. اچو ته سنڌي قوم ۾ ٻارڙن ۾ بغير ڪاپي ڪلچر، سفارشي ڪلچر اڊاپت ڪرائي علم ۽ عمل وڌايون ته هو مستقبل ۾ اسانجي ايندڙ نسلن کي ليڊ ڪري خوشحال سنڌ بڻائي سگهي. موالي ڪلچر الاهي تيزيءَ، شان شوڪت، بغير حيا ۽ شرم جي هر اسٽيثٽس نارو اپنائيندو پيو وڃي ته هُن جي اڳتي ترقي ٿئي جو هن جو آقا موالي ۽ نشائي رکيو ويو آهي. ان جي رزلٽ سنڌ لاءِ ڇا نڪرندي! سمجهو ۽ گندن نالن ۽ ڍوڍن، اوتارن، گهٽين، رستن روڊن تي تي هيرونچي، آفيمي، چرسي موالين کي ڏسو ۽ پاڻ کي ان ۾ رکي مستقبل سنڌ ۽ سنڌي بچايو! اٿو سنڌ پُڪاري ٿي جنهن اوهان کي ايوارڊ ڏئي نالي وارو بڻايو صرف هڪ جملي تي. ته حق ادا ڪريو! سنڌ نشائي پئي ٿئي بچايو! علم وڌايو!
 
Back
Top