Sindhi Media
سينيئر رڪن

او سنڌ امان! تو مٿان قرُبان ٿي وڃان! جي ڪو توکي ٽڪڙ ٽڪڙ ڪرڻ جو سوچي به ٿو ته!
حيرت آهي ته علامه طاهرالقادريءَ جو هڪ سنڌ ٽوڙي ڊويزنن کي صوبا ڪرڻ (پاڪستان جا 35 صوبا ٺاهيندُس) جي پلاننگ تي ڪنهن قوم پرست غيور سنڌيءَءَ جو اڃان تائين ڪو احتجاج ۽ غم ڀريو آواز ئي ڪونه ٻُڌڻ ۾آيو آهي.
ڇا واقعي سڀئي قوم پرست ۽ سموري سنڌ جا جوڌا اڃان ننڊ ۾سُتل آهن ۽ سموري سنڌ جا رهواسي سنڌ قوم تي حاڪميت ڪرڻ لا سازشي عنصرن پاران سنڌ جي وڏيرن، ڀوتارن، پيرن، ميرن، شاهن، رئيسن، اُنهن جي پيروڪارن، پاٿاريدارن طرفان گهُتي وڌل سُلفي، چرس، آفيم، ڀنگ، ۽ ٺرو پي پنهنجي قومي غيرت ، وقار ۽ن عزت وڪڻي يا دا تي لڳائڻ لا تيار ٿي چُڪا آهن.
ڇو جو هڪ موالي ۽ نشائي ئي آهي جيڪو هوش وڃائي نشي ۾ پنهنجي عزت ۽ غيرت کي وساري ويهندو آهي. جنهنکي ما ڀيڻ ۽ عورت ۾ ڪا تميز ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي. اُهو سنڌي جيڪو سنڌ جا ٻه حصا (ڪراچي صوبو ۽ سنڌ صوبو) ڪرڻ جو ٻُڌي غيرت ۾ آپي کان نڪريو وڃي سو سنڌ جي ٻين ڊويزنن کي صوبا ڪرڻ تي خاموش ويهندو؟ ممڪن ئي ڪونهين!
سنڌ واسي اڳئي پُراڻي ڊويزنن کي ٽوڙڻ ٻيون ڊويزن ٺاهڻ تي خوش ناهن ۽ ڪمشنري نظام کي بلديات نظام جي مخالفت ۾ سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ لاءِ تيار ويٺا آهن ڇا اُهي غيور ما جا غيرت مند جوڌا، سنڌ جا مزيد ٽڪڙا ٿيڻ ڏيندا !
علامه طاهرالقادريءَ هوش ڪر! جي ان سوچ ته پاڪستان جي سڀني ڊويزنن(35 ڊيزنن جي نالي تي) تون ڪنهن جي مقصد کي پوري ڪرڻ لا سنڌ جي ڊويزنن کي علحده صوبا بڻائيندُي.
سنڌ پرستئو! اها سوچ يقينن طاهرالقادريءَ جي ڪانهين پر اُنهن سنڌ دشمن عنصرن جي آهي جيڪي پُٺيان ويهي علامه طاهراقادريءَ جو ڏوريون هلائين پيا ۽ جن سان علامه 4 مهنن کان اها پلاننگ ملي ڪري رهيو هو! ۽ جي علامه جي تقري جو اڀياس به ڪريو ته علامه اهڙي ڪا به نئي ڳالهه پنهنجي تقرير ۾ نه ڪئي آهي. اهي سڀ ڳالهيون پاڪستان جي ڊڪٽيٽرن ايوب خان، يحيٰ خان، ضياءُ، مشرف جون ۽ انهن جي ڪابينا جون چيل آهن ۽ علامه انهن کي پاڻ ۾ جوڙي هڪ بهترين شاٽ جو پرومو تيار ڪيو آهي ۽ انهن قوتن جي باقيات کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪئي اهي. ڊويزنن کي صوبي بنائڻ خاص طور سنڌ جي ڊويزنن کي جهموريت لاءِ ايم آر ڊي جي موومينٽ کا ناڪام ڪرڻ لاءِ جنرل ضيا ڪي سنڌ جوڌا، (وڏيرا ۽ ڪانڀو خان به ڀاڙي تي وٺي وٺي مهم جوئي ڪئي هُئي. ۽ طاهرالقادري اُها وري پيو ورجائي. ياد رهي ته جهموريت لاءَ هميشه سنڌ جي ماڻهن شروعات ڪئي ۽ اڄ به فقط اُهي اُن جا رکوالا آهن ۽ ايم آر ڊي به خاص سنڌي ماڻهن جي ليڊرشپ ۽ جدوجهد جو نتيجو هو.
مونکي ته يقين نٿو اچي ته جي ڪو! سنڌي هُجي! چاهي اُهو ڪنهن به مذهبي تنظيم ۾ هُجي، عالم هُجي يا ڪنهن به سياسي قومپرست پارٽي جو پيروڪار! ڪنهن به صورت ۾ سنڌ کي ٽڪڙا ٽڪڙا ٿيڻ نه ڏيندو.
ڪائنات جي به اها واحد تهذيب آهي (واديءَ مهراڻ) انڊس سولائيزيشن جيڪا 7000 سال بي سي کان شروع ٿي اڄ تائين هلندي اچي جڏنهن ته ٻيو تهذيبون رڳو تاريخ جو حصو ئي رهيون آهن. ياد رهي ته تڏنهن کان هر ظلم، ستم، مصيبت سهي سنڌ جا ماڻهون سنڌ ٽٽڻ کان بچائيندا ۽ قربانيون ڏيندا آيا آهن ۽ ڪو به غيرت مند سنڌي جنهن جي تخم ۾ پنهنجي والد جو ٻج آهي سنڌ سان ۽ سنڌي مفادن سان غداري هرگز نٿو ڪري سگهي. سنڌ جو هر ڏک سُک، ڪوڙ ،سچ هنجو پنهنجو آهي. ٺلھليون اجرڪون ۽ ٽوپيون پائي هلڻ سان ڪو سنڌي نٿو بڻجي سگهي. ان لا هڪ ٿي سوچڻو پوي ٿو.
اهوئي سبب هو جو سنڌيءَ کي بيغرت بنائڻ لاءِ نشائي ۽ موالي بڻايو ويو ته جيئن هُن جو ذهن ۽ قوت ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏي ڇو جو موالي پنهنجي عزت ۽ وقار جو خيال ۽ حفاّت نٿو ڪري سگهي. تڏنهن ته چوندو آهيان ته جي سنڌ ۽ سنڌي بچائڻو آهي ته صرف ۽ صرف هڪ پهريون ڪم ڪريو ته سنڌ مان موالي ازم جو خاتمون آڻيو، اهي نشن جا اوتارا جيڪي هڪ سازش تحت سنڌ جي ولين، بُزرگن جي مزارن تي جوڙيا ويا آهن انهن کي بند ڪريو ۽ قوم پرست غيور سنڌي ٻاهر نڪري هر اُن موالي سنڌيءَ جو احتصاب ڪن ۽ هُن کان نشو ڇڏائين نه ته اهي سنڌ جا غدار بڻجي ويندا.
پنهنجي سموري ڪوشش اها هُجي ته سنڌ جي ڪنهن به اداري جو سربراه موالي نه هُجي سنڌ جون پوسٽون ڪنهن به نشو ڪندڙ مواليءَ جي حوالي نه ڪجن نه ته هو نشي جي ٻاڙ ۽ علت پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ جا ادارا، تعليمي مرڪز، عزت ۽ غيرت وڪڻي ڇڏيندا ۽ ٻين قومن جا نشائي ان ليڪيج جي وسيلي توهانجي اندر ۾ داخل ٿي توهانکي کوکلو ڪري سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪري ڇڏيندا.ته اي غيور سنڌيو! خدارا اُٿو! نشائي ۽ مواليءَ کان سنڌ جو وڪرو ٿيڻ بچايو! ٻيو ڪو حل ڪونهين، سنڌ موالي ۽ نشائيءَ کان بچي ويندي ته علم به اچي ويندو، ڪاپي ڪلچر ۽ سفارشي ڪلچر به ختم ٿي ويندو.
تنهنڪري موالين ۽ نشائين جي آڙ ۾ سنڌ ٽڪڙ ٽڪر ڪرڻ جي پلاننگ کي ناڪام بڻايو!نه ته پوءِ اهي قوتون جن قوم جي مذهبي مُحبت کي سمجهي ۽ مذهبي رنگ ۾ ريٽي علاما کي تيار ڪيو اهي ته توهان هوش وڃائي نه صرف جهموريت جي خاتمي جو ڪارڻ بڻجو پر پنهنجو صوبو ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرايو ۽ توهانجي پاڻيءَ ۽ زراعت کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ تي ڪالا باث ڊيم ٺاهڻ جي رُڪاوٽ نه بڻجو. جيڪو حقيق مشن آهي انهن قوتن جو جنهن هاڻ ڏور هلائي آهي علامه طاهر قادريءَ جي، شيخ رشيد جي ۽ عمران خان جي ته هوش ڪريو متان پوءِ دير ٿي وڃي.
ته احتجاج ڪريو! علامه جي ان منشور تي ته سنڌ ٽوڙي ڊويزن وارا صوبا ٺاهينداسون ته غيرتمند سنڌيو ته ڇا جنرل ضياءُ واري ان سوچ جنهن کي علاما کڻي اڳتي پيو وڌي توهان تاعيد ڪندا. هرگز نه سنڌ جو ماڻهون ماڻهون ٻچو ٻچو سنڌ ٽوڙڻ نه ڏيندو حتٰي ڪه هر سنڌي مري نه وڃي ۽ اهي حسرتون صرف سنڌين جي لاشن تي ئي ممڪن آهن. ته احتجاج ڪريو! نشا ڇڏي، موالي پڻ ڇڏي! بائڪاٽ ڪريو موالين جو جيسين ڪه هو نشو نٿو ڇڏي. سنڌ بچايو، سنڌي بچايو، عزت ۽ غيرت بچايو!
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: