• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

او سنڌ امان!تو مٿان قرُبان ٿي وڃان!جي ڪو توکي ٽڪڙ ٽڪڙ ڪرڻ جو سوچي به ٿو ته!

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن

او سنڌ امان! تو مٿان قرُبان ٿي وڃان! جي ڪو توکي ٽڪڙ ٽڪڙ ڪرڻ جو سوچي به ٿو ته!
حيرت آهي ته علامه طاهرالقادريءَ جو هڪ سنڌ ٽوڙي ڊويزنن کي صوبا ڪرڻ (پاڪستان جا 35 صوبا ٺاهيندُس) جي پلاننگ تي ڪنهن قوم پرست غيور سنڌيءَءَ جو اڃان تائين ڪو احتجاج ۽ غم ڀريو آواز ئي ڪونه ٻُڌڻ ۾آيو آهي.

ڇا واقعي سڀئي قوم پرست ۽ سموري سنڌ جا جوڌا اڃان ننڊ ۾سُتل آهن ۽ سموري سنڌ جا رهواسي سنڌ قوم تي حاڪميت ڪرڻ لا سازشي عنصرن پاران سنڌ جي وڏيرن، ڀوتارن، پيرن، ميرن، شاهن، رئيسن، اُنهن جي پيروڪارن، پاٿاريدارن طرفان گهُتي وڌل سُلفي، چرس، آفيم، ڀنگ، ۽ ٺرو پي پنهنجي قومي غيرت ، وقار ۽ن عزت وڪڻي يا دا تي لڳائڻ لا تيار ٿي چُڪا آهن.

ڇو جو هڪ موالي ۽ نشائي ئي آهي جيڪو هوش وڃائي نشي ۾ پنهنجي عزت ۽ غيرت کي وساري ويهندو آهي. جنهنکي ما ڀيڻ ۽ عورت ۾ ڪا تميز ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي. اُهو سنڌي جيڪو سنڌ جا ٻه حصا (ڪراچي صوبو ۽ سنڌ صوبو) ڪرڻ جو ٻُڌي غيرت ۾ آپي کان نڪريو وڃي سو سنڌ جي ٻين ڊويزنن کي صوبا ڪرڻ تي خاموش ويهندو؟ ممڪن ئي ڪونهين!

سنڌ واسي اڳئي پُراڻي ڊويزنن کي ٽوڙڻ ٻيون ڊويزن ٺاهڻ تي خوش ناهن ۽ ڪمشنري نظام کي بلديات نظام جي مخالفت ۾ سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ لاءِ تيار ويٺا آهن ڇا اُهي غيور ما جا غيرت مند جوڌا، سنڌ جا مزيد ٽڪڙا ٿيڻ ڏيندا !

علامه طاهرالقادريءَ هوش ڪر! جي ان سوچ ته پاڪستان جي سڀني ڊويزنن(35 ڊيزنن جي نالي تي) تون ڪنهن جي مقصد کي پوري ڪرڻ لا سنڌ جي ڊويزنن کي علحده صوبا بڻائيندُي.

سنڌ پرستئو! اها سوچ يقينن طاهرالقادريءَ جي ڪانهين پر اُنهن سنڌ دشمن عنصرن جي آهي جيڪي پُٺيان ويهي علامه طاهراقادريءَ جو ڏوريون هلائين پيا ۽ جن سان علامه 4 مهنن کان اها پلاننگ ملي ڪري رهيو هو! ۽ جي علامه جي تقري جو اڀياس به ڪريو ته علامه اهڙي ڪا به نئي ڳالهه پنهنجي تقرير ۾ نه ڪئي آهي. اهي سڀ ڳالهيون پاڪستان جي ڊڪٽيٽرن ايوب خان، يحيٰ خان، ضياءُ، مشرف جون ۽ انهن جي ڪابينا جون چيل آهن ۽ علامه انهن کي پاڻ ۾ جوڙي هڪ بهترين شاٽ جو پرومو تيار ڪيو آهي ۽ انهن قوتن جي باقيات کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪئي اهي. ڊويزنن کي صوبي بنائڻ خاص طور سنڌ جي ڊويزنن کي جهموريت لاءِ ايم آر ڊي جي موومينٽ کا ناڪام ڪرڻ لاءِ جنرل ضيا ڪي سنڌ جوڌا، (وڏيرا ۽ ڪانڀو خان به ڀاڙي تي وٺي وٺي مهم جوئي ڪئي هُئي. ۽ طاهرالقادري اُها وري پيو ورجائي. ياد رهي ته جهموريت لاءَ هميشه سنڌ جي ماڻهن شروعات ڪئي ۽ اڄ به فقط اُهي اُن جا رکوالا آهن ۽ ايم آر ڊي به خاص سنڌي ماڻهن جي ليڊرشپ ۽ جدوجهد جو نتيجو هو.

مونکي ته يقين نٿو اچي ته جي ڪو! سنڌي هُجي! چاهي اُهو ڪنهن به مذهبي تنظيم ۾ هُجي، عالم هُجي يا ڪنهن به سياسي قومپرست پارٽي جو پيروڪار! ڪنهن به صورت ۾ سنڌ کي ٽڪڙا ٽڪڙا ٿيڻ نه ڏيندو.

ڪائنات جي به اها واحد تهذيب آهي (واديءَ مهراڻ) انڊس سولائيزيشن جيڪا 7000 سال بي سي کان شروع ٿي اڄ تائين هلندي اچي جڏنهن ته ٻيو تهذيبون رڳو تاريخ جو حصو ئي رهيون آهن. ياد رهي ته تڏنهن کان هر ظلم، ستم، مصيبت سهي سنڌ جا ماڻهون سنڌ ٽٽڻ کان بچائيندا ۽ قربانيون ڏيندا آيا آهن ۽ ڪو به غيرت مند سنڌي جنهن جي تخم ۾ پنهنجي والد جو ٻج آهي سنڌ سان ۽ سنڌي مفادن سان غداري هرگز نٿو ڪري سگهي. سنڌ جو هر ڏک سُک، ڪوڙ ،سچ هنجو پنهنجو آهي. ٺلھليون اجرڪون ۽ ٽوپيون پائي هلڻ سان ڪو سنڌي نٿو بڻجي سگهي. ان لا هڪ ٿي سوچڻو پوي ٿو.

اهوئي سبب هو جو سنڌيءَ کي بيغرت بنائڻ لاءِ نشائي ۽ موالي بڻايو ويو ته جيئن هُن جو ذهن ۽ قوت ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏي ڇو جو موالي پنهنجي عزت ۽ وقار جو خيال ۽ حفاّت نٿو ڪري سگهي. تڏنهن ته چوندو آهيان ته جي سنڌ ۽ سنڌي بچائڻو آهي ته صرف ۽ صرف هڪ پهريون ڪم ڪريو ته سنڌ مان موالي ازم جو خاتمون آڻيو، اهي نشن جا اوتارا جيڪي هڪ سازش تحت سنڌ جي ولين، بُزرگن جي مزارن تي جوڙيا ويا آهن انهن کي بند ڪريو ۽ قوم پرست غيور سنڌي ٻاهر نڪري هر اُن موالي سنڌيءَ جو احتصاب ڪن ۽ هُن کان نشو ڇڏائين نه ته اهي سنڌ جا غدار بڻجي ويندا.

پنهنجي سموري ڪوشش اها هُجي ته سنڌ جي ڪنهن به اداري جو سربراه موالي نه هُجي سنڌ جون پوسٽون ڪنهن به نشو ڪندڙ مواليءَ جي حوالي نه ڪجن نه ته هو نشي جي ٻاڙ ۽ علت پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ جا ادارا، تعليمي مرڪز، عزت ۽ غيرت وڪڻي ڇڏيندا ۽ ٻين قومن جا نشائي ان ليڪيج جي وسيلي توهانجي اندر ۾ داخل ٿي توهانکي کوکلو ڪري سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪري ڇڏيندا.ته اي غيور سنڌيو! خدارا اُٿو! نشائي ۽ مواليءَ کان سنڌ جو وڪرو ٿيڻ بچايو! ٻيو ڪو حل ڪونهين، سنڌ موالي ۽ نشائيءَ کان بچي ويندي ته علم به اچي ويندو، ڪاپي ڪلچر ۽ سفارشي ڪلچر به ختم ٿي ويندو.

تنهنڪري موالين ۽ نشائين جي آڙ ۾ سنڌ ٽڪڙ ٽڪر ڪرڻ جي پلاننگ کي ناڪام بڻايو!نه ته پوءِ اهي قوتون جن قوم جي مذهبي مُحبت کي سمجهي ۽ مذهبي رنگ ۾ ريٽي علاما کي تيار ڪيو اهي ته توهان هوش وڃائي نه صرف جهموريت جي خاتمي جو ڪارڻ بڻجو پر پنهنجو صوبو ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرايو ۽ توهانجي پاڻيءَ ۽ زراعت کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ تي ڪالا باث ڊيم ٺاهڻ جي رُڪاوٽ نه بڻجو. جيڪو حقيق مشن آهي انهن قوتن جو جنهن هاڻ ڏور هلائي آهي علامه طاهر قادريءَ جي، شيخ رشيد جي ۽ عمران خان جي ته هوش ڪريو متان پوءِ دير ٿي وڃي.

ته احتجاج ڪريو! علامه جي ان منشور تي ته سنڌ ٽوڙي ڊويزن وارا صوبا ٺاهينداسون ته غيرتمند سنڌيو ته ڇا جنرل ضياءُ واري ان سوچ جنهن کي علاما کڻي اڳتي پيو وڌي توهان تاعيد ڪندا. هرگز نه سنڌ جو ماڻهون ماڻهون ٻچو ٻچو سنڌ ٽوڙڻ نه ڏيندو حتٰي ڪه هر سنڌي مري نه وڃي ۽ اهي حسرتون صرف سنڌين جي لاشن تي ئي ممڪن آهن. ته احتجاج ڪريو! نشا ڇڏي، موالي پڻ ڇڏي! بائڪاٽ ڪريو موالين جو جيسين ڪه هو نشو نٿو ڇڏي. سنڌ بچايو، سنڌي بچايو، عزت ۽ غيرت بچايو!
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
EDUCATE SINDH WITH A SINGLE TREATMENT
سنڌ کي ايجيوڪيٽ بڻائڻ جو واحد علاج.
The One & Only one resolution of SINDH REVIVAL & it is Social boycott of DRUG ADDICTS (How much power full addicts are). Very hard & Complicated issue because of indulgent of Majority sindhi's in drug addiction. It is now cancer being merged and flown in Sindh youths blood injected with with conspiracy
wanted to hold Sindh, sindhi resources, shall be treated first out come will be Educated Sindh
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
سنڌ کي ايجيوڪيٽ بڻائڻ جو واحد علاج.
هڪ سازش تحت سموري سنڌ ۽ (نئون نسل گهڻي قدر) نشي واپرائڻ وارين سازشن جي ڪري اپاهج بڻجي چُڪو اهي سازشي ٽولن سنڌ جي وسيلن کي هڙپ ڪرڻ ڪري قوم کي نشائي بڻائڻ جي رٿا بندي ڪئي آهي. تقريبن هر وڏو ڏاهو، ليکڪ، شاعر، اديب، اداري جو مالڪ ان بيماريءَ ۾ گهرجي چُڪو اهي ۽ اهڙيءَ طرح هو ميرٽ جو استحصال ڪري نشائين جي فروغ پيو ڪري. ته جي ايجيوڪيٽ سنڌ چاهيو ٿا ته هر انهي مواليءَ جو سوشل بائڪاٽ ڪريو انهن جي سائڪو ٿراڦي ڪري کين نشي واپرائڻ ۽ فروغ کان بچايو ته سنڌ بچائي سگهجي. بس هڪ علاج ۽ تريٽ مينٽ سان سنڌ پاڻهي روائيو ٿي ويندي.
 

او سنڌ امان! تو مٿان قرُبان ٿي وڃان! جي ڪو توکي ٽڪڙ ٽڪڙ ڪرڻ جو سوچي به ٿو ته!
حيرت آهي ته علامه طاهرالقادريءَ جو هڪ سنڌ ٽوڙي ڊويزنن کي صوبا ڪرڻ (پاڪستان جا 35 صوبا ٺاهيندُس) جي پلاننگ تي ڪنهن قوم پرست غيور سنڌيءَءَ جو اڃان تائين ڪو احتجاج ۽ غم ڀريو آواز ئي ڪونه ٻُڌڻ ۾آيو آهي.

ڇا واقعي سڀئي قوم پرست ۽ سموري سنڌ جا جوڌا اڃان ننڊ ۾سُتل آهن ۽ سموري سنڌ جا رهواسي سنڌ قوم تي حاڪميت ڪرڻ لا سازشي عنصرن پاران سنڌ جي وڏيرن، ڀوتارن، پيرن، ميرن، شاهن، رئيسن، اُنهن جي پيروڪارن، پاٿاريدارن طرفان گهُتي وڌل سُلفي، چرس، آفيم، ڀنگ، ۽ ٺرو پي پنهنجي قومي غيرت ، وقار ۽ن عزت وڪڻي يا دا تي لڳائڻ لا تيار ٿي چُڪا آهن.

ڇو جو هڪ موالي ۽ نشائي ئي آهي جيڪو هوش وڃائي نشي ۾ پنهنجي عزت ۽ غيرت کي وساري ويهندو آهي. جنهنکي ما ڀيڻ ۽ عورت ۾ ڪا تميز ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي. اُهو سنڌي جيڪو سنڌ جا ٻه حصا (ڪراچي صوبو ۽ سنڌ صوبو) ڪرڻ جو ٻُڌي غيرت ۾ آپي کان نڪريو وڃي سو سنڌ جي ٻين ڊويزنن کي صوبا ڪرڻ تي خاموش ويهندو؟ ممڪن ئي ڪونهين!

سنڌ واسي اڳئي پُراڻي ڊويزنن کي ٽوڙڻ ٻيون ڊويزن ٺاهڻ تي خوش ناهن ۽ ڪمشنري نظام کي بلديات نظام جي مخالفت ۾ سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ لاءِ تيار ويٺا آهن ڇا اُهي غيور ما جا غيرت مند جوڌا، سنڌ جا مزيد ٽڪڙا ٿيڻ ڏيندا !

علامه طاهرالقادريءَ هوش ڪر! جي ان سوچ ته پاڪستان جي سڀني ڊويزنن(35 ڊيزنن جي نالي تي) تون ڪنهن جي مقصد کي پوري ڪرڻ لا سنڌ جي ڊويزنن کي علحده صوبا بڻائيندُي.

سنڌ پرستئو! اها سوچ يقينن طاهرالقادريءَ جي ڪانهين پر اُنهن سنڌ دشمن عنصرن جي آهي جيڪي پُٺيان ويهي علامه طاهراقادريءَ جو ڏوريون هلائين پيا ۽ جن سان علامه 4 مهنن کان اها پلاننگ ملي ڪري رهيو هو! ۽ جي علامه جي تقري جو اڀياس به ڪريو ته علامه اهڙي ڪا به نئي ڳالهه پنهنجي تقرير ۾ نه ڪئي آهي. اهي سڀ ڳالهيون پاڪستان جي ڊڪٽيٽرن ايوب خان، يحيٰ خان، ضياءُ، مشرف جون ۽ انهن جي ڪابينا جون چيل آهن ۽ علامه انهن کي پاڻ ۾ جوڙي هڪ بهترين شاٽ جو پرومو تيار ڪيو آهي ۽ انهن قوتن جي باقيات کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪئي اهي. ڊويزنن کي صوبي بنائڻ خاص طور سنڌ جي ڊويزنن کي جهموريت لاءِ ايم آر ڊي جي موومينٽ کا ناڪام ڪرڻ لاءِ جنرل ضيا ڪي سنڌ جوڌا، (وڏيرا ۽ ڪانڀو خان به ڀاڙي تي وٺي وٺي مهم جوئي ڪئي هُئي. ۽ طاهرالقادري اُها وري پيو ورجائي. ياد رهي ته جهموريت لاءَ هميشه سنڌ جي ماڻهن شروعات ڪئي ۽ اڄ به فقط اُهي اُن جا رکوالا آهن ۽ ايم آر ڊي به خاص سنڌي ماڻهن جي ليڊرشپ ۽ جدوجهد جو نتيجو هو.

مونکي ته يقين نٿو اچي ته جي ڪو! سنڌي هُجي! چاهي اُهو ڪنهن به مذهبي تنظيم ۾ هُجي، عالم هُجي يا ڪنهن به سياسي قومپرست پارٽي جو پيروڪار! ڪنهن به صورت ۾ سنڌ کي ٽڪڙا ٽڪڙا ٿيڻ نه ڏيندو.

ڪائنات جي به اها واحد تهذيب آهي (واديءَ مهراڻ) انڊس سولائيزيشن جيڪا 7000 سال بي سي کان شروع ٿي اڄ تائين هلندي اچي جڏنهن ته ٻيو تهذيبون رڳو تاريخ جو حصو ئي رهيون آهن. ياد رهي ته تڏنهن کان هر ظلم، ستم، مصيبت سهي سنڌ جا ماڻهون سنڌ ٽٽڻ کان بچائيندا ۽ قربانيون ڏيندا آيا آهن ۽ ڪو به غيرت مند سنڌي جنهن جي تخم ۾ پنهنجي والد جو ٻج آهي سنڌ سان ۽ سنڌي مفادن سان غداري هرگز نٿو ڪري سگهي. سنڌ جو هر ڏک سُک، ڪوڙ ،سچ هنجو پنهنجو آهي. ٺلھليون اجرڪون ۽ ٽوپيون پائي هلڻ سان ڪو سنڌي نٿو بڻجي سگهي. ان لا هڪ ٿي سوچڻو پوي ٿو.

اهوئي سبب هو جو سنڌيءَ کي بيغرت بنائڻ لاءِ نشائي ۽ موالي بڻايو ويو ته جيئن هُن جو ذهن ۽ قوت ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏي ڇو جو موالي پنهنجي عزت ۽ وقار جو خيال ۽ حفاّت نٿو ڪري سگهي. تڏنهن ته چوندو آهيان ته جي سنڌ ۽ سنڌي بچائڻو آهي ته صرف ۽ صرف هڪ پهريون ڪم ڪريو ته سنڌ مان موالي ازم جو خاتمون آڻيو، اهي نشن جا اوتارا جيڪي هڪ سازش تحت سنڌ جي ولين، بُزرگن جي مزارن تي جوڙيا ويا آهن انهن کي بند ڪريو ۽ قوم پرست غيور سنڌي ٻاهر نڪري هر اُن موالي سنڌيءَ جو احتصاب ڪن ۽ هُن کان نشو ڇڏائين نه ته اهي سنڌ جا غدار بڻجي ويندا.

پنهنجي سموري ڪوشش اها هُجي ته سنڌ جي ڪنهن به اداري جو سربراه موالي نه هُجي سنڌ جون پوسٽون ڪنهن به نشو ڪندڙ مواليءَ جي حوالي نه ڪجن نه ته هو نشي جي ٻاڙ ۽ علت پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ جا ادارا، تعليمي مرڪز، عزت ۽ غيرت وڪڻي ڇڏيندا ۽ ٻين قومن جا نشائي ان ليڪيج جي وسيلي توهانجي اندر ۾ داخل ٿي توهانکي کوکلو ڪري سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪري ڇڏيندا.ته اي غيور سنڌيو! خدارا اُٿو! نشائي ۽ مواليءَ کان سنڌ جو وڪرو ٿيڻ بچايو! ٻيو ڪو حل ڪونهين، سنڌ موالي ۽ نشائيءَ کان بچي ويندي ته علم به اچي ويندو، ڪاپي ڪلچر ۽ سفارشي ڪلچر به ختم ٿي ويندو.

تنهنڪري موالين ۽ نشائين جي آڙ ۾ سنڌ ٽڪڙ ٽڪر ڪرڻ جي پلاننگ کي ناڪام بڻايو!نه ته پوءِ اهي قوتون جن قوم جي مذهبي مُحبت کي سمجهي ۽ مذهبي رنگ ۾ ريٽي علاما کي تيار ڪيو اهي ته توهان هوش وڃائي نه صرف جهموريت جي خاتمي جو ڪارڻ بڻجو پر پنهنجو صوبو ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرايو ۽ توهانجي پاڻيءَ ۽ زراعت کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ تي ڪالا باث ڊيم ٺاهڻ جي رُڪاوٽ نه بڻجو. جيڪو حقيق مشن آهي انهن قوتن جو جنهن هاڻ ڏور هلائي آهي علامه طاهر قادريءَ جي، شيخ رشيد جي ۽ عمران خان جي ته هوش ڪريو متان پوءِ دير ٿي وڃي.

ته احتجاج ڪريو! علامه جي ان منشور تي ته سنڌ ٽوڙي ڊويزن وارا صوبا ٺاهينداسون ته غيرتمند سنڌيو ته ڇا جنرل ضياءُ واري ان سوچ جنهن کي علاما کڻي اڳتي پيو وڌي توهان تاعيد ڪندا. هرگز نه سنڌ جو ماڻهون ماڻهون ٻچو ٻچو سنڌ ٽوڙڻ نه ڏيندو حتٰي ڪه هر سنڌي مري نه وڃي ۽ اهي حسرتون صرف سنڌين جي لاشن تي ئي ممڪن آهن. ته احتجاج ڪريو! نشا ڇڏي، موالي پڻ ڇڏي! بائڪاٽ ڪريو موالين جو جيسين ڪه هو نشو نٿو ڇڏي. سنڌ بچايو، سنڌي بچايو، عزت ۽ غيرت بچايو!

  • سنڌيو سجاڳ ٿيو، پنهنجي دنگن جي حفاظ پـــاڻ ڪريو....!
  • الله ايئن مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هئي ســـــنـــڌ ۽ ســـــنـــڌ وارن جي ٻولي......!!!
  • جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ، پوء منهنجي توکان دوري آ.
  • منهنجي محبت يا نفرت جو مَحَوَر صرف ۽ صرف سـنڌ آهي(سائين جي ايم سيد)
ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي،
نـــوجـــوان ســاٿـيو، ســـنڌ جـا وارثو!
 
1513794_10203734782470868_3469999796216567224_n.jpg
 
اي سنڌ جا غيور سنڌيئو! رومالن ۾ ويڙهيل سازشن کي پرکڻ جي عادت وجهو ۽ موالي ازم تحت سنڌ کي وڌيڪ غلام ابن غلام بڻائڻ کان موالي نشائي روڪ تحريڪ جو حصو بڻو. ڇا توهانکي اُن وقت دهچڪو نه لڳندو آهي ته جڏنهن توهان کي خبر پوندي آهي ته توهان جنهن جا فين ۽ گهڻ گهريا آهيو ۽ سندس ڪنهن ڪاوش تي کيس دل جي گهراين سان پيار ٿا ڪريو ۽ جان فدا ڪرڻ تي به رضامند ۽ بيپرواه ۽ ان جي ڏسيل رستو وٺي اڳتي وڌڻ چاهيو ٿا ته ڇا محسوس ٿيندو هوندو جڏنهن توهانکي خبر پوندي آهي ته اُهو پاڻ هڪ مفلوج موالي ۽ نشائي شخص آهي ! جنهنجون لڪي گُذرجندڙ هم پيالن سان شامون ۽ راتون نشي ۽ جنسي فحاشي ۽ سوچ طرف راغب آهن ۽ هن جو ويلفيئر طرف وڌايل قدم به در اصل انهن خواهشن پوري ۽ تڪميل ٿيڻ جي گهرج آهي. ته توهانجو حال ڇا ٿيندو هوندو ڇو جو ثابت آهي ته موالي ۽ نشائي پڻ بيغرتي ۽ جنسي عشق طرف وڌڻ جو پهريون ڏاڪو آهي ۽ مذهب به اهو چئي ٿو ته هن ۾ ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ سڃاڻپ جي صلاحيت ناهي رهندي. تڏنهن ته نشي کان پري رهڻ جو حڪم آهي ۽ سنڌي ته آهي ئي غيرتمند قوم، جنهن جي ڪلچر ۾ ڪارو ڪاري تحت جوڙن کي ئي قتل ڪريو ٿي ڇڏجي. پوءِ اتي توهانکي ڇا ٿو ٿي وڃي ۽ اُهو نشائي موالي ڪنهن غيرتمند سنڌيءَ جو دوست ڪيئن ٿو ٿي سگهي. ته توهان ساڻس پوءِ عقيدت جا رشتا ڪيئن وڌائي هلندا. توهانجو خواب ته چڪنا چور ٿي ويو جڏنهن راز افشا ٿي ويو ته مار فلاڻو موالي (نشائي) آهي. اسان ٿا توهانکي ٻُڌايون! جي توهان چاهيو ٿا ته توهانجو من پسند هڪ غيرتمند ۽ اصول پرست رهي ته کيس موالپڻ ۽ نشي واپرائڻ يا ڳالهين ڪرڻ وقت نفرت ۽ ڀرپور نفرت جو گيسچر ڏيو ڊائريڪٽ جي فري آهيو ۽ هُجتي به ته ان ڊائريڪٽ جي هو طاقتور يا صرف هڪ طرفو ڄاڻ سڃاڻپ وارو آهي. ڪريو ساڻس ايتري نفرت، ايترو مُنهن گهنجائي، جو هو خود شرمسار ٿي سمجهي ان جو ڪارڻ ۽ نشو واپرائڻ ڇڏي ڏي. سندس سُتل حس جاڳايو جيڪا سُمهي چُڪي آهي نشن ڪري ۽ نسون خشڪ ٿي ويون اٿس سوچڻ جي صلاحيت وساري. اهڙيو نفسياتي ٿراپيون استعمال ڪري نشو ڇڏائڻ جي ترغيب ڏيوس جتي ويهو اُتي چئوس! ڇا تون موالي آهين! موالين ۽ نشائين سان نفرت جو اظهار ڪريو چاهي انڊائريڪٽ ڪريو! حتيٰ ڪه هو ماڻهو ن ۽ انسان ۽ غيرتمند سنڌي ٿي وڃي ۽ شرمسار ٿي نشو ڇڏي ڏي. ڪير به هُجي، سڌو سئون يا رومال ۾ ويڙهي بار بار موالين ۽ نشاين کي احساس ڏياريو ته نشائي ۽ موالي ازم بيغرتي، بي حسي، بي شرمي، جنسي خواهشن طرف گهلجڻ جو پهريون ڏاڪو آهي ۽ ڪو سنڌي موالي ٿيڻ پسند ڪونه ڪندو ڇو جو هو هڪ غيرتمند قوم آهي.
 
سنڌ ورهائڻ ايڏي سولي ناهي.
مُحترم ! مُحمد جمال محمود کيڙو صاحب !
ڳالهين سان! نچڻ ڪُڏڻ سان ۽ ڏهاڙن تي دهلن تي جسم ٿرڪائڻ سان! صرف پوشاڪون پائڻ سان ! جلسن ۽ نعرن سان! سُلفي ، چرس ڀنگ پي اوتارن تي سُمهڻ سان! ته سنڌ نٿي بچائي سگهجي.
ڪيئن ورهائي نٿي سگهجي !
سنڌ ڪيڏي هُئي(انڊس سولائيزيشن) ۽ ڪيتري ٿي وئي! بس ڪراچيءَ کان ڪارونجهر تائين ؟
پهرئين انڊوس! پوءِ انڊس! پوءِ هندس، پوءِ سنڌ ۽ مهراڻ! ڇا سنڌ ورهائجي نه چُڪي آهي. سڄڻ سائين !سنڌ يا مهراڻ (انڊس يا هندس) درياءِ سنڌ جي ٻنهي ڪنارن تي آباد قومن جو علائقو هو ۽ پوءِ سنڌ درياءَ جي وهڪري بدلائڻ ۽ لڏ پلاڻ ڪري پکڙجندو ويو ۽ تبت کان ڪشمير ۽ پورو انڊوس يا هندس (انڊس جو سنسڪرت نالو) يعني انڊيا ۽ هندستان! اهائي ئي تهذيب، ڪلچر، روايتون ۽ رسمون هوندي به سُڪڙجي وئي ۽ توهان گهر ويٺي چئو پيا ته ورهائي نٿي سگهجي.
ها ممڪن آهي ته ورهائي نه سگهجي! جيڪڏنهن اسان اسانجي سُتيءَ ۾ وڌل موالي ۽ نشائي پڻ ڇڏي وري باب الاسلام طرف موٽون ۽ ڀوتاري آشيرواد ۽ غلامي ڇڏي علم پرايون، ڪاپي ڪلچر، سفارشي ڪلچر ڇڏيون ته پوءِ بيشڪ سنڌ ورهائي ڪا نه سگهبي ۽ هاڻ به شهر ته غير سنڌين جي حوالي ڪري ئي چُڪا آهيون سائين مُهنجا! ڳوٺن تي بس اجها ڪه يلغار ٿي ! جيسين اهي وڏيرا ۽ راشِ ڪامورا هوندا ! سي سنڌ وڪڻي ڇڏيندا ۽ اسان ڀنگ پي، نشو پي، ٺرو پي ننڊائڪي اوٻاسيون ڏئي بس هڪ ئي نعرو هڻنداسون (مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون).
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top