ڇا توهان کي نسبت ڪڍڻ اچي ٿي

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مئٿيميٽڪس جو هڪ اُستاد پنهنجن شاگردن کي نسبت ڪڍڻ جو آسان طريقِو سمجهائي رهيو هو.
    هن شاگردن کي سمجهايو ته نسب هن ريت ڪڍبي آهي ته:
    مثال : جيڪڏنهن هڪ ماڻهو گهر جو هڪ حصو ٻارهن ڏينهن ۾ ٺاهي پوروڪندو ته ٻاره ماڻهو اُهو حصو هڪ ڏينهن ۾ ٺاهي پورو ڪندا
    اُستاد : ڇا توهانکي اهو نقطو سمجهه ۾ اچي ويو!
    شاگرد : (گڏجي هڪ آواز سان) جي سائين!
    اُستاد : شاباس ! هاڻ اڪرم! تون اهڙي قسم جو ٻيو ڪو مثال سمجها ! جنهن ۾ هن نقطي جي وضاحت ٿيل هُجي!
    اڪرم : سائين ! هڪ ٻيڙي ڇهن ڏينهن ۾ بحراوقيانوس جو جيتروحصو پورو ڪندي ته ڇهه ٻيڙيون ايتروئي حصو هڪ ڏينهن ۾ پورو ڪنديون!
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو