سڀني سنڌي فنڪارن کي مئودبانه اپيل : خدارا ! آڄ جي حالتن ۾ خاص طور شڪارپور، ڪنڌ ڪوٽ، لاڙڪاڻي جي پسگردائيءَ وارن علائقن ڏانهن حفظ ما تقدم طور ۽ پنهنجي حفاظت خاطر يا محض اسڪرين تي مسلسل رهڻ ۽ حاضري ڀرڻ لاءَ يا ٽڪي پئسي جي لالچ تي هر ٽيليويزن ڊرامي سيريل، سوپ، ٽيلي فلم، پرائيويٽ پروگرام، ٿيٽر، سي ڊي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي لالچ ۾ هڪدم پنهنجو گهر، ٻار ڇڏي سوين ميل نڪري نه پئو جنهنجو بل آخر اهو انجام ٿيڻو آ جيڪو نسرين ناز جو ٿيو آ. هوئن به گهٽ معياري ڊرامن ۽ هر روز اسڪرين سامهون اچڻ تي ماڻهون به اوهان کي يڪسانيت واري ۽ فضول اداڪاري، چيخ و پڪار ڪندي ڏسي چينل بدلايو ڇڏين ڇو جو ان سان مٿي ۾ سور (مائگرين) گهڻي ٿي وئي آهي ۽ ويئورس کي هزارين رُپيا ميڊيڪل تي خرچ ڪرڻا پون ٿا گڏوگڏ سنڌ جي ڪلچر ۽ تهذيب و تمدن جي بدنامي ٿئي ٿي جڏنهن توهان ڪو ڌاڙيل، وڏيري يا ڪمدار جو ڪريڪٽر ڪريو ٿا. هر ڳالهه جي حد آ. هر ڊرامي ۾ ساڳيا ڪريڪٽر، ساڳيون دانهون برداشت نٿيون ٿين.
پروگرام مئنيجرن ۽ ڊائريڪٽرن کي رحم جي اپيل : خدارا فنڪار برادريءَ تي رحم ڪريو، سندن مجبورين جو فائدو نه وڄو ۽ معمولي معمولي اُجرت تي کين سوپ سيريل ۾ ڪاسٽ ڪري گهر بدر ٿيڻ کان بچايو، فنڪار معصوم ۽ حساسس آهي ڪنهن جي ڪوڙي تعريف تي ٻار ٻچا ڇڏي گهر کان ٻاهر نڪري اچي ٿو ۽ سوين ميل پري توهانجي خواهشن تي ڪراچي ءَ حيدرآبد ڇڏي مهنن جا مهنا لاڙڪاڻي شوٽ ڪري ٿو. ڇا توهان کي سنڌ جي شوٽ لاءِ بس اهي ئي هنڌ مليا آهن يا اُتي جا ڊائريڪٽر ۽ ڪِرُو ! سنڌ جا ٻيا ماڳ مڪان به الاهي سُهڻا آهن خاص طور لاڙ جا علائقا جيڪي هتي جي فنڪارن جي گهر ڀيرو به آهن ۽ جتي هو ڊيلي اچ وڃ ڪري ڊرامان به ڪري سگهن ٿا ته ٻچن جي تعليم جو خيال ۽ حفاظت به ته توهان به رحم ڪريو ۽ لوڪل فنڪارن کي ڪاسٽ ڪريو ۽ معيار ٺاهيو ته في فنڪار سال ۾ ڪيترا ڊراما ڪندو ته هر فنڪار کي حصو ملي نه ڪه رُڳو ڳوٺائي پرستي يا ذات پرستي هلي.
چئنلن جا مالڪن کي اپيل : جيئو جو حال ڏسو ! هڪ هٽي ۽ زيادتين ڪرڻ کان بچو، هر علائقي جي ڊائريڪٽر کي پنهنجي علائقي جي فنڪار ، ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر کي ڪاسٽ ڪرڻ تي ترجيح ڏيو. فنڪارن تي پابندي نه وجهو ته صرف اوهانجي چينل تي ئي ڪم ڪن ۽ اُبتن سبتن مٿي سور وارن ڀوتاري رائيٽرن جي اسڪرپٽ تي ۽ گهٽ اجوري تي فنڪارن کي ڪاسٽ ڪري سندن مجبوريءَ جو فائدو نه وٺو. ڪوشس ڪريو ته توهان پروگرام مئنيجر ميرٽ ۽ ڪردار موجب فنڪار ڪاسٽ ڪن نه ڪه ذاتي دوستي، پيالي ڀائي نشائي ڪلچر تحت، نه ڪي ڳوٺائي يا ذات پات تحت. سنڌ سان بيوفائي نه ڪريو.
چئنلن جا مالڪن کي اپيل : جيئو جو حال ڏسو ! هڪ هٽي ۽ زيادتين ڪرڻ کان بچو، هر علائقي جي ڊائريڪٽر کي پنهنجي علائقي جي فنڪار ، ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر کي ڪاسٽ ڪرڻ تي ترجيح ڏيو. فنڪارن تي پابندي نه وجهو ته صرف اوهانجي چينل تي ئي ڪم ڪن ۽ اُبتن سبتن مٿي سور وارن ڀوتاري رائيٽرن جي اسڪرپٽ تي ۽ گهٽ اجوري تي فنڪارن کي ڪاسٽ ڪري سندن مجبوريءَ جو فائدو نه وٺو. ڪوشس ڪريو ته توهان پروگرام مئنيجر ميرٽ ۽ ڪردار موجب فنڪار ڪاسٽ ڪن نه ڪه ذاتي دوستي، پيالي ڀائي نشائي ڪلچر تحت، نه ڪي ڳوٺائي يا ذات پات تحت. سنڌ سان بيوفائي نه ڪريو.
اوهان جو ڳالهيون بلڪل درست آهن. ڪاش ميڊيا جا مالڪ ۽ ميڊيا جا ڪرتا ڌرتا ان ڳالهه کي سمجهي سگهن. برابري ۽ ميرٽ جي ڳالهه ڪندڙ پوئتي رهجي ٿا وڃن ۽ اها ئي اسان جي ناڪامي آهي.
ڪاوش جي نمائندي مصطفيٰ ملاح جي رپورٽ موجب:
ڪي ٽي اين تي هلندڙ ڊرامي ڪارو سج جي شوٽنگ لاء نسرين ناز لاڙڪاڻي ۾ رهيل هئي جنهن کي هڪ اڻڄاڻ نمبر تان فون آئي ته اسان جي ٽيلي فلم ۾ ڪم ڪر، جنهن تي آپا کيس چيو ته ايڊوانس کپي ان همراھ نسرين ناز کي 10 هزار ايڊوانس ۾ ايزي لوڊ ڪرايو،
لاڙڪاڻي مان اڻڄاڻ ماڻهون آپا نسرين ناز کي ڪار تي کڻي روانو ٿي ويو ان ڏينهن کان سندس نمبر بند پيل آھي ـ!
اهو صرف نسرين ناز سان نه پر مُهنجا جيڪي به دوست اداڪار ۽ ڊائريڪٽر آهن ۽ مختلف چينلن جي سوپ سيريل ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ڇڏي هڪ ڀاڱي ڇوٿين حصي جي معمولي اجوري تي يا صرف ان محاوري تحت ڪُجهه به هُجي هفتي ۾ اسڪرين تي شڪل ضرور اچي نه ته فنڪار ختم ٿي ويندو جي آڌار تي لاڙڪاڻي ۽ پسگردائي ۾ ڪم ڪرڻ ويا آهن ۽ هڪ ٻن سينن لا مهنن جا مهنا پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي ٻارن جو خيال ڇڏي ته پويان هو اسڪول به وڃن پيا يا نه، جي وڃن پيا ته پڙهائي ۾ ڌيان به آهي يا نه ، ڇو جو ڊائريڪٽر کي کين گهرائڻ ۾ جلدي پر رائيٽر اسڪرپٽ نه پيو ڏي ان ڪري شوٽ رُڪي رهي ٿي.
پو ويٺلن ۽ واندن کي تقريبن سڀني کي اهڙيون ڪالون ملن ٿيون ته ڪي ماڻهون سي ڊي جو ڪاروبار ڪري ڊرامان ۽ ٽيلي فلمون ٺاهين ٿا ۽ هو پئسن ۽ ايڊوانس گهرڻ جي لالچ ۾ بغير ڪنهن سان تفصيل ڪندي وڃڻ جي ڪوشش ڪن پيا ۽ کين خبردار به ڪيو ويو آهي. اهو سمورو نظام سڀني چئنلن جي پروگرام مئنيجرن جو ڪيل آهي جيڪي بلڪل نشائي ۽ فحاشي ۾ گهريل آهن ۽ بوتل ۽ نشي جي لالچ تي اهڙن فنڪارن ۽ ڊائريڪٽرن کي ڪاسٽ پيا ڪن ۽ کين گهر کان پري رهڻ تي مجبور پيا ڪن ۽ پو پاڻ به........
سنڌ سموري سُهڻي آهي ۽ سموري سنڌ جي ضلعن ۾ هر قسم جا بهترين اداڪار، ٽيڪنيڪل شعبي سان، ڊائريڪٽر ۽ لوڪيشنون به آهن پر پو به صرف لاڙڪاڻي يا دادو وارن کي منتخب ڪجي ٿو ان ڪري جو پيالي ڀائي ۽ فحاشي ۾ هڪ ٻئي جا ساٿي آهن ۽ ايستائين جو هاڻ جيڪو چينلن تي ايڊٽ وغيره لا ڪريو رکيل آهي اُهي به اُن علائقي جا آهن ۽ ان ڪري هڪ ٻئي جا رازدان. سنڌي ميڊيا جو هي اندروني روپ خطرناڪ آهي جيڪو سنڌ سماج سڌار بجا موالي ۽ نشائي، بيحيائي ڪلچر کي فروغ پيو ڏي. ايستائين جو ٻين ضلعن جي بهترين ڊائريڪٽرس کي پروگرام نه پيا ڏنا وڃن ۽ هو ايڪٽنگ تي مجبور ٿي لاڙڪاڻي وڃن پيا. ۽ اسان جهڙا جيڪي ان بيحيائي تي اعتراض ڪري سنڌي ميڊيا کي صرف سنڌي ۾ صاف شفاف فن بڻائڻ چاهيون ٿا ۽ جيڪو اسانجي اينٽري جو مقصد به هو ۽ غلط سنڌي ۽ ٻولي وارن اسڪرپٽ تي اعتراض به ته هاڻ اسان پر ڀرو رکيا ويا آهيون ۽ سڀ پروگرام لاڙڪاڻي، سکر ۽ دادو کنيا ويا آهن جيئن اسان اوڏانهن پُهچي پنهنجي سنڌ سماج سڌار تحريڪ ۾ ڦوڪ نه ڀري سگهون.
توهان جون اکيون ڦوٽاري يقين ڪرائي ڇڏيان ته پڙهيل لکيل ماس ڪميونيڪيشن ۾ ماسٽرس ڪيل اينٽري وٺندڙ ڊائريڪٽر ۽ الاهي سينيئر ۽ نالي وارا ايڪٽر (نالو نٿو کڻان جو اهي به اسانجو شان آهن) ۽ ڪير بچيل آهي؟ سوشل ميڊيا، اين جوز هلائڻ وارا ۽ سماج سڌار جي نالي تي شامون ملهائڻ وارا يا حيدرآباد وڃي فنڪار ڪالوني جي ڳائڻين کي ميڊيا تي فروغ ۾ مدد ڪرڻ وارا الاهي لڪل رستم سي به عياش، يا ته چرسي ، ٺري جي نشن آفيمن ۾ غرق آهن يا شوٽنگن تي شراب ملين ٿو ته ڪم ڪن ٿا يا آفيم جا ٻُڪ پيا پيئن ۽ پروگرام مئنيجر به اهڙا جن جا ڪوڌا ڪم ڏسيندي به شرم اچي ٿو.
توهان ڏٺو ته اسانجا ڪهڙا ڪهڙا بهترين اداڪار، فنڪار اسپتالن ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويا ۽ اسان سمورو ڏوهه ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۽ سرڪار تي هنيو ويٺا آهيون ته سندن علاج ڇو نه ٿي سگهيو. هو نه بچي سگهيا ڇو جو هو نشائي ۽ موالي يا ٻيون خراب عادتن وارا هُئا ۽ پنهنجا جگر، دليون ۽ ڦڦڙڇلني ڪري ويٺا هُئا ۽ پاڻ ۽ پنهنجي پويارن کي تباهه ڪري ڇڏيائون. اڃا ميڊيا جي اندر جو ڇا ٻُڌايان مونکي ته ٻُڌائيندي به شرم ٿو اچي ڇو جو آئون به ان تهذيب ۽ ڪلچر جوحصو آهيان ۽ اهي ڇنڊا مون يا مون جهڙن تي ايندا جيڪي سنڌ سماج سُڌارلا اڳتي آيا آهن. انڪري جو اسانجا ته پيٽ ڀريل آهن ۽ نوڪرين وارا آهيون. اُهي فنڪار جيڪي گُذرئي فن ۽اداڪاري تي پيا ڪن ڇا ڇا نه ڪندا هوندا. الائي اسان جي سنڌي معاشري ۾ اهو ڇو آهي ته جي ڪو فنڪار حوجي،ليکڪ هُجي، شاعر هُجي،اديب هُجي، ڏاهوهُجي نالي وارو ٿئي ٿو ته هڪدم هو شراب ۽ شباب ٻيا نشا اپنائي دوستن کي دعوتون ڏئي پاڻ کي تڏنهن ئي وڏوسمجهي ٿو۽پونشن ۾غرق ٿيفحاشي جي فروغ ۾ هليو وڃي ٿو
هڪڙو وري ٻيو نئون ٽرينڊ شروع ٿي ويو آهي چڱن ڀلن صحتمند فنڪارن کي ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ڪم ڪندڙ ڪن ملازمن ٻُڌايو آهي ته جيئن ته ڪلچر ڊپارٽمينٽ سنڌي فنڪارن جي بيماريلا فنڪارن کي مفت خرچ يا ڪيش پئي ڏي ته علاج ڪرائين اهو ٻُڌي ان شخص کي ڪميشن جوحصو ڏيڻ جي لالچ ۽ تقاضا تي فارم پُهچائي ۽اپروول ڪرارائي، هاڻ وري چڱا ڀلا فنڪار وڏا ناليوارا پنهنجوڪوڙيون بيماري جوخبرون اخبارن ۽ ٽيليويزن تي هلائي پئسو پياڪمائين جڏنهن ته نه اُهي هارٽ پيشنٽ آهن نه جگر جي بيمارين ۾نه ڪه ڦڦڙن يا ڪئنسروغيره جڏنهن ته جيڪي حقيقي بيمار ۽ ضرورتمند آهن اُنهن تي ڪو ڌيان ئي نه پيو ڏي ڇوجوهو علاج تي ڪم ڪندو ڪميشن خاڪ ڏيندو. اهوساڳيو طريقو جيئن سنڌ جو نوڪريون کپائڻ وارو هڪ گروپ هو۽ ڪوڙا آرڊر مليا هُئا.
ڇا ٿيو آهي سنڌي قوم کي، ڪهڙي سماجي تنظيمن وارن جا اڪابر آهن انهن ۾، سنڌي فخر ٿا ڪن اُنهن تي ۽ انهن جا ڪرتوت! شرم ٿواچي انهن کي پنهنجو هيرو چوڻ تي ؟ جاهل جي ڳالهه نه پيو ڪريان ! وڏا وڏا معتبر آهن هن غلط ڪمن ۾ ڪيترن جا پڙدا چاڪ ڪريان ڇو جو آسمان ۾ ٿُڪيندُس ته ٿُڪ پنهنجي مُنهن ۾ اچي لڳندي آخر مُهنجي سنڌ جي عزت جي ڳالهه آهي جنهن لا اسان هر وقت ميان مٺو ٿي ويهندا آهيون.
بس ان جو هڪ ئي سادو ۽ آسان حل آهي ته نشائي ۽ موالي سنڌي سان پو ڀلي ڪيترو نالي واروهُجي، گهرو ساٿي هُجي انجو سوشل بائڪاٽ ڪري کيس نشي جي عادت ڇڏڻ تي مجبور ڪيووڃي ڇو جو جيئن ڪُتي گهڻا گُلر ڄڻيندي آهي اهو نشائي ۽ موالي سنڌ ۾ نشائين ۽ موالين جو تعداد پيو وڌائي ۽ انهن سڀني جو رُخ وري فحاشي تي مُڙي ٿو جيڪو اسانکي قبول ناهي.