ماس ڪميونيڪيشن ۽ ٽيڪنالاجي جي شاگردن جي سرپرستيءَ ۾ سنڌي فلم انڊسٽري

'سنڌ سلامت شوڀز' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
    JOIN & SUPPORT US TO BRING NEW CHANGE WITH EDUCATED TEAM FOR REVIVAL OF SINDHI MEDIA, FILM INDUSTRY.
    دوستئو! اسان جا پرديس ۾ رهندڙ ڪي سنڌ گهريا دوست، سنڌي فلمن جي زوال ۽ سنڌ جي سئنيما گهرن ۾ غير سنڌي فلم جي نمائش تي پريشان آهن، جنهنڪري سنڌ جو سرمايو ٻي هنڌ منتقل ٿي وڃي ٿو.ان پريشانيءَ کي مد نظر رکندي اسان ۽ سنڌيت سان مُحبت رکندڙ دوست سنڌي فلم انڊسٽريءَ کي روائيو ڪرڻ چاهيون ٿا ته جيئن اسان ان شعبي کي ٻين لاءِ کُليو نه ڇڏيون.خاص ڪري ان لاءِ به ته اهو پرايو ڪلچر، تهذيب ۽ تمدن، روايتون ۽ رسمون اسانجي روزمره جي زندگيءَ ۾ تيزيءَ سان پروان چڙهن پيون ۽ اسان ان لاءِ ڪو تدارڪ نه ڳولي سگهيا آهيون.

    تنهنڪري اسان اهو ارادو ڪيو آهي ته اسان نون موضوعن ۽ سُٺن نصيحت ڀريل ۽ تاريخي ڪهاڻين کي فلم انڊسٽريءَ جي حوالي سانن هڪدفو وري پيش ڪريون جيئن نه صرف سنڌ جي فنڪارن لاءِ روزگار جو حل نڪري اچي ۽ اسانجي سوچ کي به پذيرائي ملي ته پاڻ ۾ جُڙي سنڌي ثقافت جا ٽڪڙا گڏ ڪري رکون.

    دوستو! جيئن ته هي مرحلو هلندو رهندو جنهن لاءِ مارڪيٽنگ به لازمي هوندي ته اسان چاهيون ٿا ته هي ڪم هڪ خاص پلاننگ ۽ جديد ٽيڪنڪ سان ادا ڪريو ۽ پنهنجي مدد پاڻ ڪري سوشل ماڻهن جي مدد سان ڪُجهه سرمايو لڳائي فلم بينيءَ جي تفريح سان گڏ علمي سوچ به پئدا ڪريون ۽ اهو حاصل ٿيندڙ سمورو خرچ ۽ فائدو خالص سنڌ ۾ سئينيما انڊسٽري ۽ سنڌي فلم هائوسسز تي خرچ ڪري سگهون.

    ته اسانکي گهرج آهي سچي صلاح جي ۽ سنڌ ۾ هيل تائين قائم سئنيما هائوسز جي ، انهن جي مالڪن جي ته جيئن اسان ان سلسلي ۾ لهه وچڙ ۾ اچون ۽ هڪ ٿي ان مقصد لاءِ ڪم ڪريون ته گهرون ٿا توهان کان مدد ۽ راءِ والينٽيئر طور، ته ڇا اسانجي اها ڪاوش سنڌ جي سيڪشن تحت ڪا ڀلائي ڪري سگهندي.

    ياد رهي ته اسان هن انڊسٽريءَ جي شروعات هڪ اخلاقي ماحول ۽ حد، تعليمي، علمي ۽ ادبي ماحول تحت رکڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ ااسانجو نئون پڙهيل لکيل ۽ عزت ڀريل خاندان جا ۽ نسل وارا شرڪت ڪن ۽ گڏ پارٽنر شپ به ڪري. اسانجا ماس ڪميونيڪيشن ۾ ڪم ڪندڙ گريجوئٽ هن مڪمل مشن ۾ استعمال ٿيندا جنهن کي ميڊيا جا سينئر ٽرانسفر آف ٽيڪناڪلاجيءَ تحت مدد ڪري اڳيان آڻيندا ۽ سنڌ جي فلم انڊسٽري به ايجوڪيشن ۽ پروفيشنل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين وانگر ڪم ڪندي جنهن سان اسان سنڌ جي سوچ بدلائينداسون.

    جي تيار آهيو ۽ سمجهو ٿا ته هن ڪم ۾ ٻانهه ٻيلي ٿي سگهو ٿا والينٽيئر بڻجي ته اڳيان وڌو هي هي مشن پنهنجي هٿ ۾ کڻو.
    [​IMG]
    FOR KIND ATTENTION OF SINDHI FILM VIEWERS IN SINDH CINEMA HOUSES
    Some of our Foreign resident Sindhi Community partners has shown their serious concern over the total lost of Productions of Sindhi Films for Sindhi Cinema Houses, where other province Films are being presented weekly and affecting Bad our Culture, traditions & heritages and depriving Sindhi community.

    We, along with our such media partners, intend to plan, revive, and Market Sindhi Film Productions for the Sindh's Cinema Houses exclusively; not only to market New Sindhi Films locally & internationally with new topics and themes but want to save our culture & tradition, hospitality.

    Since we do not possess any database of existing Cinema Houses in Sindh to plan our budget and expected outcome from re-introduction of Sindhi Films and do not know whether revival of Sindhi Films for Cinema Houses will rest good impact on sindhi society; we cordially invite all well wishers of Sindhi Media and thinkers to paste their points of view on subject and number / Name of cinema houses now exists in Sindhi cities or districts.
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو