
وڏا وار ڇوڙي جو گهمندي هئي
ڪئين قلب ٽوڙي جو گھمندي هئي
ورسٽي ۾ ڪَئين دفعا مون ڏٺو
گل چوٽيءَ ۾ جوڙي جو گھمندي هئي
سندس حسن تي ها فدا ڪئين جوان
جوانيون مروڙي جو گھمندي هئي
قداور هُو سجني ۽ سهڻي سڄي
سنها چپ ڀڪوڙي جو گھمندي هئي
هو پنهنجي نظر سان هزارن دلين تي
ڪي خنجر به کوڙي جو گھمندي هئي
ادائن سان پنهنجو ڪري وئي ”عبيد“
ولين جان وڪوڙي جو گھمندي هئي.
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: